حليم بروهي مرحوم جو ڪجهه ڏينهن اڳ لکيل آخري ڪالم

 

اُٺُ ٻڌڻ

 

 

خميس 29 جولاءِ 2010ع

 

هي ڪير مشڪرو آهي جيڪو منهنجو گنجو مٿو، منهنجي ڪياڙيءَ تي اڇا وار ۽ منهنجي ڏاڙهيءَ ۾ اڇن وارن جي گهڻائي ڏسي مون کي بزرگ ۽ پهتل سمجهي مونکي چوندو آهي ته، مونکي دعائن ۾ياد  رکجو؟ هي مشڪرو ايترو به نٿو سمجهي ته منهنجو دماغ خراب ٿيو آهي، ڇا جو مان جي ڪڏهن دعا وغيره گهران به ته پاڻ لاءِ ڇو نه گهران ۽ هن مشڪري لاءِ ڇو گهران؟ ۽ هي مشڪرو پاڻ لاءِ پاڻ ئي دعا ڇو نٿو گهري؟ مان سندس جو نوڪر آهيان ڇا، جو هن پاران دعا گهرندو وتان؟ ۽ هي مشڪرو انڌو آهي ڇا، جو منهنجي اندر جا چهڪ نٿو ڏسي ۽ منهنجي فقط ظاهري ۽ ٻاهرين ائڪٽنگ ڏسي سمجهي ويٺو آهي ته مان بزرگ به آهيان ۽ پهتل به آهيان؟ ۽ هي مشڪرو اڪيلو ڪونهي، سڄي سنڌ اهڙن مشڪرن سان سٿي پئي آهي، جيڪي جيئرن کان ته دعائون گهراندا آهن پر قبرن کان به چڱائي جي اميد رکندا آهن. مان جي قبر ۾ هجان ۽ ڪو اهڙو مشڪرو منهنجي قبر تي بيهي مونکان نوڪري يا پروموشن وغيره گهري ته مان قبر مان نڪري کيس اهڙا پادر هڻان، جو ٻيهر منهنجي قبر جي ويجهو ئي نه اچي.

راڻي وڪٽوريا ذري گهٽ سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي هئي، چرچل ٻي مهاڀاري جنگ کٽي ڏني، جارج واشنگٽن آمريڪا کي انگريزن کان آزاد ڪرايو، ائبرهم لنڪن ڪارن کي اڇن وارا حق ڏياري هڪڙي ائڪٽر هٿان قتل ٿي ويو، ڪينيڊي زال سان گڏ جلوس ۾ هزارين ماڻهن جي هوندي هڪڙي رائفل جي گوليءَ جو شڪار ٿي ويو، جنهن ڪاري پادريءَ اڇن کان حق وٺڻ لاءِ مون وٽ هڪڙو خواب آهي واري تقرير ڪئي هئي سو ڪورٽ کان ٻاهر ماڻهن جي هجوم ۾ رائفل جي گوليءَ سان قتل ٿي ويو، پر انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙي جي به سندس مرڻ کانپوءِ ڪابه سالگرهه نه ملهائي وئي، ڪنهن هڪڙي جي به قبر کي درگاهه جو درجو نه ڏنو ويو، ڪنهن هڪڙي کي به آسمان سان نه ملايو ويو، ڪنهن هڪڙي کي به سندس مرڻ کان پوءِ عام ماڻهونءَ کان مٿي جو درجو نه ڏنو ويو، ۽ اهي سڀئي اهڙين قبرن ۾ دفن ٿيل آهن. جهڙيون عام ماڻهن جون هونديون آهن، ۽ هنن سڀني کي تواريخ جو حصو سمجهي ٽي وي تي فاڪس هسٽري ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي. هنن مان ڪنهن هڪڙي کي به ولي يا انسانيت تي احسان ڪندڙ نه سمجهيو ويندو آهي. ۽ هتي ڇا آهي؟ ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي مري ويل ماڻهن جون سالگراهون ملهائيندا آهن ۽ ڪيڪ وڍي کائيندا ۽ کارائيندا آهن. بلڪل ائين جيئن جنهن جي سالگره پئي ملهائجي، سو پاڻ به خوش ٿي رهيو هوندو! ۽ مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته سواءِ پنهنجي پيءَ جي، بزرگ ڪهڙي بلا جو نالو آهي؟ مان پاڻ فقط هڪڙو بزرگ سڃاڻان، ۽ اهو هو منهنجو پيءُ، جنهن ڇو ۽ ڇا سمجهائڻ بنان مونکي فقط اهو چيو هو ته، تون بدبخت آهين. هن جا 1962ع ۾ چيل لفظ اڄ به منهنجي دل ۽ ذهن تي اڪريل آهن. مان ڄاڻان ٿو ته هن مونکي بد دعا نه ڏني هئي، ۽ هن مونکي فقط اها حقيقت ٻڌائي هئي، جا قدرت هن کي مون بابت ۽ منهنجي مستقبل بابت ڏيکاري هئي. مون لاءِ منهنجو پيءُ بلڪل ائين بزرگ آهي، جيئن اوهان لاءِ فقط اوهانجو پيءُ بزرگ آهي. پاڻ جو ايري غيري نٿو خيري کي فقط عمر ۾ وڏو ڏسي هن کي بزرگ سمجهندا آهيون، اها اسانجي دماغ جي خرابي آهي.اوهانجو ۽ منهنجو بزرگ فقط اهو سڳو پيءُ آهي.اهو چوڻ ته فلاڻو مون لاءِ منهنجي پيءُ جي برابر آهي وڏي نالائقي، آهي جو اها سٽ پيءُ جي حيثيت هيٺ ڪري ان ايري غيري نٿو خيري جي حيثيت ساڳي پيءُ جي حيثيت جي برابر ڪريو ڇڏي. ساڳي ڳالهه ماءُ بابت به آهي. ڪا به عورت اوهانجي ماءُ يا اوهانجي ماءُ جي برابر نه آهي سواءِ ان عورت جي، جنهن اوهان کي ڄڻيو آهي. اهي اوهان جون ڌيئرون يا پٽ ناهن، جن کي اوهان ڄڻيو ناهي.۽ انهن مجاورن جي پهچ ڪهڙي ۽ ڪيتري آهي، جو اوهان به مجاورن جي افعالن کي پنهنجو ڪندي فخر محسوس ڪندا آهيون؟ جسم کان روح جي ڌار ۽ الڳ ٿيڻ کي  ان جسم جو موت چئبو آهي.روح جي الڳ ٿي هليو وڃڻ کان پوءِ اهو جسم فقط هڏائون پڃرو رهجيو وڃي، قبرن جي مجاوري ڪرڻ به هڪڙو پيشو آهي. ۽ سنڌ ۾ اهو پيشو تمام گهڻي ترقي ڪري ويوآهي، پوءِ هڪڙو ٻيو تماشو به آهي. جيئرن جي فوٽن جا به مجاور آهن جيڪي انهن فوٽن کي پنهنجي عقيدو سمجهي ورهين جا ورهيه ماڻهن جي منهن ۽ ذهن تي هڻندا. جيسين اُهي فوٽي وارا ماڻهون فوت ٿين جنهن کان پوءِ انهن فوٽوئي فوتين کي وڏو مان ۽ شان ڏيندا.

دنيا ۾ سڀ کان ڏکي شئي، سڀ کان ڏکي ڳالهه، ۽ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي اُٺ ٻڌڻ، ۽ سنڌ صوبي ۾ سڀ کان ڏکيو ڪم، بلڪ ناممڪن ڪم آهي، سنڌين جو ذهن سڌارڻ ۽ سندن سوچ بدلائڻ سنڌي ماڻهو پنهنجو ووٽ بجليءَ جي ان ٿنڀي کي ڏيندا آهن، جنهنکي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ مليل هوندي آهي. پوءِ ان ٿنڀي ڀل غريبن جو ڪهڙو به بڇڙو حال ڪيو هجي ۽ اهو ٿنڀو ڀل پاڻ ڪروڙ پتي ٿي ويو هجي. سنڌين جو ذهن سڌارڻ ۽ سندن سوچ بدلائڻ آهي اُٺ ٻڌڻ. ماڻهن جي سوچ بدلائڻ جي ڳالهه ته علي قاضي ته ڪري پيو، پر علي صاحب ته اڃان اهو به نه ٻڌائي سگهيو آهي ته هو سنڌين جي ڪهڙي سوچ بدلائڻ ٿو چاهي ڇو ته سنڌين کي سوين سور ڏيئي، هنن کي بک ماري، هنن جا گهر ڦري ۽ ڊاهي پٽ ڪري پڇندا ته اوهانجو ووٽ؟ ته سنڌي جواب ڏيندو پ پ لاءِ. سنڌين جي سوچ ۾ جيستائين اهو پ پ وارو اُٺ ويٺل آهي، تيسين سنڌيءَ جو ذهن ڪابه ٻي ڳالهه سمجهڻ لائق ناهي. علي صاحب جون مونتي تمام گهڻيون مهربانيون آهن، پر مان احسان فراموش آهيان.

علي قاضي صاحب پهرين سنڌ صوبي جي سنڌين کي ٻڌائي ۽ سمجهائي ته سندن ڪهڙي سوچ هو صاحب بدلائڻ ٿو چاهي ۽ هنن جي ذهن جي ڪهڙي خرابي هو صاحب ڪڍي ڇڏڻ ٿو چاهي. محبت جو ڪتاب پوءِ جي ڳالهه آهي، پهرين هڪڙو ڪتاب نفرت جو ڪتاب نالي ڇپجڻ لاءِ رکجي جنهن ۾ هر اهو ماڻهو پنهنجي اندر جو ڏک، درد، ۽ باهه ڪڍي، جنهن پ پ جي جادوءَ جي اثر هيٺ پنهنجو روزگار، گهر، گهاٽ، اٽو، لٽو، اولاد، وٽو، زمين، وڃائي هن کي هزار رپيا ماهوار پنڻ تي هيرايو پيو وڃي.

پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ اهو ٿرماميٽر آهي، جيڪو اولاد جي قسمت ٻڌائيندو آهي. پيءُ به ٿرماميٽر جيان ڇو ۽ ڇا ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ بنان اولاد کي فقط سندس مستقبل ٻڌائيندو آهي.

پهلي اُس ني مُس ڪها

ڦر تق ڪها، ڦر بل ڪها

اس طرح ظالم ني مستقبل ڪي ٽڪڙي ڪرديي.

(شفيق الرحمان)