سازشي ذهن!

 

 

ڇنڇر 16 جنوري 2010ع

 

. منهنجي عمر 76 يا 77  سال آهي، يا کڻي اوهان سمجهو ته مان 80 ورهين جو آهيان. سوال آهي ته اوهان کي ڇو ۽ ڪهڙو اعتراض هئڻ گهرجي جي ڪا مائي مون کي پسند ٿي ڪري؟ ڇو ته اوهان ڪا به ڳالهه سڌن لفظن ۾، ۽ سڌي طرح سمجهڻ جا عادي نه آهيو، تنهن ڪري مان ساڳي ڳالهه ڪجهه ٻين لفظن ۾ ورجايان ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن عورت کي مان اسي ورهين جو هوندي به ۽ اڇي ڏاڙهي رکندي به خوامخواهه وڻان ٿو ته اوهان ڪير ٿيندا آهيو هن معاملي ۾ ڄنگهه اڙائي پنهنجو پاڻ کي مون کان ۽ هن عورت کان وڌيڪ معزز ثابت ڪرڻ وارا؟ ۽ اوهان کي ٻڌايو ڪنهن آهي ته بس ايترن ۽ هيترن سالن جا ٿيڻ سان ئي اوهان پوڙها ٿي ويندا! اوهان کي جواني جي شروعات واري ڏينهن جي خبر يا ڄاڻ آهي، جو اوهان ٺيڪو کنيو آهي دنيا جهان کي ٻڌائڻ جو ته ٻڍاپو فلاڻي ڏينهن کان دهل ڌماڪي سان شروع ٿيندو آهي! جيئن جواني جي شروعات جي ڄاڻ نه پوندي آهي، تيئن ٻڍاپي جي آخري ڏينهن جي ڄاڻ به نه پوندي. دراصل اهي ٻئي زاويا، جواني جي شروعات ۽ جواني جو آخري ڏينهن دوکو ۽ فريب آهي. جڏهن مان پنجن ڇهن سالن جو هوس ته هڪ ايتري ئي ننڍي ڇوڪري مون کي وڻندي هئي جو هن جي وارن ۾ خوشبو هئي ۽ اسان صوفي پويان لڪندا هئاسين. جڏهن مان ستن اٺن ورهين جو هوس ۽ اڱڻ ۾ کٽ تي ستو پيو هوس جو ڏينهن گرمين جا هئا ته مون کان ننڍي ڇوڪري اوچتو پنهنجي پري پيل کٽ تان ٽپ ڏيئي مون وٽ اچي منهنجي منهن تي مٺي ڏيئي ڊوڙي پنهنجي کٽ ۾ گهڙي وئي. سو منهنجي ۽ انهن ٻن ڇوڪرين جي جواني جي شروعات ان ڏينهن ٿي هئي؟ ڇو ٿا پاڻ بابت ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي ۽ پنهنجي شرافت جو ڪوڙو پرچار ڪري پنهنجو صاف سٿرو ذهن ۽ پنهنجو معصوم دل ڪوڙ ۽ گندگي ڏانهن ڌڪيو! مان مڃان ٿو، اوهان ڇو نٿا مڃو! اوهان آسمان تان لٿا آهيو ڇا؟

. ۽ جيڪڏهن مون کان ڪا تمام ننڍي ڇوڪري يا عورت اهو ڏسندي وائسندي به مان کانئس سٺ ورهيه وڏو آهيان پوءِ به مون کي ڀائين ٿي ته ان ۾ اوهان کي ڪهڙو اعتراض هئڻ گهرجي؟ ۽ ڇو هجڻ گهرجي؟ زوري، زبردستي، زيادتي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون حرڪتون باقائدي ڏوهه آهن ۽ جيڪڏهن ڏوهه ناهن ته بدتميزي ضرور آهي، پر عمر جو تفاوت ۽ ان سان گڏ ٻنهي پاسي جو راضپو ڇو خوامخواهه مردن جي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وڌو ويو آهي؟

. منهنجو واسطو ناهي اوهان جي عمر سان، سئو ورهين جا آهيو يا ڏهن ورهين جا آهيو، دل تي هٿ رکي ٻڌايو ته اوهان جي زندگي ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نه ٿي آهي؟ جيڪڏهن اوهان سئو ورهين جا آهيو ته ڪنهن زماني ۾ ڪنهن ننڍيءَ اوهان ڏانهن هٿ ضرور وڌايو هوندو. پاڻ کي معزز سمجهي سچ کان انڪاري نه ٿيو، جيڪڏهن اوهان ڏهن ورهين جا آهيو ته ڪنهن عورت جي هٿ لڳائڻ سان اوهان جي جسم ۾ بجلي جو جهٽڪو ضرور لڳو هوندو.

. عورت هجي يا مرد، عمر هڪ ڏينهن هجي يا سئو ورهيه انساني فطرت ساڳي آهي. انسان جو وجود ئي جنس جي لمسِ/ٽچ سان شروع ٿئي ٿو. جيڪي ظاهري طرح اوهان کي معزز ۽ معتبر ٿا نظر اچن تن جي اندر اهو ساڳيو جنسياتي جذبو آهي، جيڪو تو ۽ مون ۾ موجود آهي. هر هڪ عورت اندر ڪا ٻي عورت لڪل آهي جا پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ ۾ پوري آهي.

. اوهان خوش ٿيا آهيو ته هاڻ اوهان سنڌي پڙهندا. سائڪياٽري اوهان کي ڪير سمجهائيندو، سائڪواينالسز  اوهان ڪيئن سمجهندا؟ انساني فطرت اوهان ڪيئن سمجهندا؟ اوهان ڪيئن ڄاڻندا ته ڪير اوهان کي ڀائين ٿو ۽ اوهان ڪنهن کي ڀانيو ٿا؟

. ڳالهه پسند ۽ ناپسند جي ناهي، ڳالهه آهي گذاري جي. مان جي سئو ورهيه جيئرو رهيس ته چوندا ته حليم سئو ورهيه جيئرو رهيو. اها ڳالهه غلط آهي. زندگيءَ جا ٽي حصا آهن، پهريون حصو آهي گند، جنهن کي ٻالڪپڻ چئبو آهي. ٻيو حصو آهي ائڊوليسينس ۽ ٺيٺ جواني، جيڪو حصو اهو آهي جيڪو جواني آهي ۽ جنهن کي جواني چوڻ ۽ سمجهڻ گهرجي. ٽيون حصو آهي وري به گند، جنهن کي خوامخواهه ٻڍاپو چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ ماڻهوءَ جا نفسياتي جزا ڇڙ وڇڙ ٿي هن کي ذهني طور دربدر ڪري ڇڏيندا آهن. بلڪل اهڙو جو هو پاڻ کي فقط ٻن جزن جو ٺهيل ۽ جڙيل سمجهندو آهي. هڪڙو حصو آهي بک ۽ ٻيو حصو آهي جنس.

. 77 ورهين جي عمر ۾ ڪنهن جو دماغ صحيح ڪم ڪندو، مان ته آهيان منجهيل، پر ايترو ڄاڻان ٿو ته عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندي مردن کي باقائدي گهٽو  ڏنو ويو آهي. مان ڏسان ٿو ته موجوده معاشري ۾ جيترو مرد (مڙس ۽ پيءُ) کي ذليل ڪيو ويو آهي، اوترو ئي آپي کان ٻاهر عورت نڪتي آهي. عشق به پاڻ ڪنديون، شادي لاءِ هاءِ گهوڙا به پاڻ ڪنديون ۽ ٻن سالن اندر طلاق وٺڻ لاءِ خواري پيءُ جي گلي ۾ وجهڻ لاءِ ماءُ کي ساڻ ڪري پيءُ کي ئي اڳيان ڪري وري پيءُ خلاف محاذ ٺاهينديون آهن. جيڪو ٽيون ڏينهن چڱو هو، سو ڪالهه غلط هو ۽ اڄ وري هنج ۾ آهي. مون دنيا کي ڏٺو آهي، جيڪي ڌيئرون مڙسن جي گهرن ۾ ويٺيون آهن، تن اڪثر پنهنجن مڙسن هٿان پنهنجي پيءُ کي خوار ضرور ڪرايو ۽ معتبري پنهنجي مائرن کي وٺي ڏني. اها ڳالهه عورتن کي وسري وڃي ٿي ته هر ڪو پيءُ طلاق جي خلاف هوندو آهي ۽ هر ڪا ماءُ ڌيءُ کي طلاق وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪندي آهي.