سُر سنگيت

 

 

اڱارو 12 جنوري 2010ع

 

جڏهن کان پاڪستان ڄائو آهي، تڏهن کان سرڪاري دهل جي ٿاپ تي غير سرڪاري مشڪرا به سرڪاري مشڪرن سان گڏ لڳاتار اهو ئي راڳ ڳائيندا آيا آهن ته، آمريڪا ۾ جمهوريت آهي ۽ سندن اهو راڳ بند ئي نٿو ٿئي، جيتوڻيڪ ملڪ به ڪافي پريشان ٿيو آهي ۽ پاڻ به ڪافي خوار ٿيا آهن. آمريڪا ۾  جمهوريت آهي واري سٽ هر ڀيري دهل جي ٿاپ تي (ٿپ ٿپ) سان شروع ٿي تاڙي جي ڦهڪي سان اڳتي وڌندي آهي. ريڊيو ٻڌو، ٽي وي ڏسو، سي ڊيون ڏسو، جيڪي وڻيوَ سو غور سان ڏسو ۽ ڪن صاف ڪري چڱي طرح ٻڌو، دهلن جي اها ٿاپ ۽ تاڙين جا اهي ڦهڪا جيڪي آمريڪا ۾ جمهوريت آهي، واري راڳ مان هر هڪ راڳي پاڪستاني سياستدان پنهنجي اچاريل هر هڪ لفظ جي اڳيان پويان باقائدي موسيقي جي سرن مطابق هڻندو ايندو آهي.

انهيءَ خوفناڪ قسم جي جمهوري ملڪ جو ڪنهن زماني ۾ هڪڙو صدر (حاڪم) ائبرهم لنڪن به هو، جيڪو گهوڙي جي سئڊلن (سنجن) ۾ لا (قانون) جا ڪتاب ۽ ڪيسن جا فائيل کڻي مختلف شهرن جي ڪورٽن ۾ ڪيس  هلائيندو هو، مطلب ته ڌنڌي/پيشي جي اعتبار سان هو وڪيل هو ۽ ڇو ته جمهوري ملڪ جو وڪيل هو، تنهن ڪري عام ملڪن جي وڪيلن کان تمام گهڻو جمهوري هو. سندس زال جو نالو ميري هو، جنهن کان هو گهڻو ڊڄندو هو، بلڪل ائين جيئن ٻين ملڪن ۾ پاڻ کي جمهوري حاڪم سڏائڻ وارا آمرن کان ڊڄندا آهن. آهي اصل تماشو! هڪڙي ڏينهن جا پري زاد ڏسڻ ۾ ايندي آهي، سا شادي جي ٻئي ڏينهن خوفناڪ آمر/جنجال ثابت ٿيندي آهي. منهنجي مردن کي صلاح   آهي ته ڪنهن به پري زاد سان شادي ڪرڻ کان اڳ/پهرين انهيءَ پري زاد کي طلاق ڏيئي، تنهن کان پوءِ هن سان شادي ڪجي. جي اوهان پهرين هن سان شادي ڪئي ۽ پوءِ هن کي طلاق ڏني ته اوهان هن مائيءَ جي رين رين مان ڦاسجي ويندا. روز در تي بيٺي هوندي ته مهر جا پئسا ڏي. منهنجو خيال آهي ته جلد مهر جا پئسا ڏيئي چڪتو ڪريوس، يا ٻيهر ساڻس ئي شادي ڪري وڏو مسئلو اٿاريو ته اها شادي ساڳي عورت سان جائز آهي يا نه.

پر ائبرهم لنڪن ۽ سندس زائفان ميري عيسائي هئڻ ڪري طلاق بابت سوچي به نٿي سگهيا. ميري شڪل ۽ صورت جي اهڙي سادي/صادي هئي جهڙو مان آهيان ۽ تنهن ڪري تمام سٺا ۽ مهانگا ڪپڙا (مون  وانگي) پائيندي هئي. ڪپڙن جي معاملن ۾ هن مائيءَ  سڀني آمريڪي صدرن جي بيگمات جي گهڻائيءَ جو رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيو (هو).

پاڪستان جي حاڪمن کي شايد ڄاڻ نه رهي آهي، پر مان ۽ ٻيا مون جهڙا جاهل ڄاڻن ٿا ته آمريڪا ۾ به هڪڙو آئين آهي، جنهن کي دنيا جا ٻيا آئين پيرين پئي ملندا آهن ۽ ان سان ائين گلي ملندا آهن، جيئن عيد جو چنڊ ڏٺو هجين! ۽ اوهان کي خبر آهي ته انهيءَ ائبرهم لنڪن، جنهن کي آمريڪا وارا به شهنشاهه جمهوريت سمجهندا آهن، تنهن ان آمريڪي جمهوري آئين جو ڪهڙو حشر ڪيو؟

آمريڪي آئين مطابق ڪا به آمريڪي رياست ڪنهن به ٻي آمريڪي رياست تي حملو (فوج ڪشي) نٿي ڪري سگهي. اهو نقطو آمريڪي آئين جي اهم نقطن ۾ شروع کان شامل هو. جڏهن آمريڪا جا ڪارا ماڻهو به آمريڪا جي اڇن ماڻهن جهڙا حق گهرڻ لڳا ۽ اڇن ماڻهن جي غلامي کان آزادي گهرڻ لڳا، تڏهن ڏکڻ آمريڪا وارين رياستن جي گهڻائي ڪارن ماڻهن کي حق ۽ آزادي ڏيڻ جي خلاف هئي ۽ اتر آمريڪا وارين رياستن جي گهڻائي ڪارن ماڻهن کي حق ۽ آزادي ۾ حصو ڏيڻ لاءِ تيار هئي، ان وقت آمريڪا جو صدر ائبرهم لنڪن هو، جيڪو پاڻ ڪارن ماڻهن کي آزادي ۽ حق ڏيڻ جي فائدي ۾ هو. (آمريڪا سان منهنجو مطلب هن مضمون ۾ يو ايس اي آهي). جڏهن ڳالهه وئي وڌي، تڏهن ائبرهم لنڪن اتر واري رياستن جي فوجي مدد سان ڏکڻ واري رياستن سان جنگ شروع ڪئي ۽ ڏکڻ واري رياستن کي شڪست ڏيئي يو ايس اي جي ڪارن ماڻهن کي حق به ڏياريا ۽ غلامي به ختم ڪئي. نتيجو ته سٺو چئبو، ڪم به چڱو ئي چئبو، پر يو ايس اي (آمريڪي) واري آئين جو خانو خراب (ڀڃڪڙي) جيڪو ائبرهم لنڪن ڪيو، تنهن جو ذڪر آمريڪي جمهوريت پسند ڇو نٿا ڪن؟ ڇو نٿا جمهوري مشڪرا مڃن ته آمريڪا ۾ جمهوريت جو بنياد يو ايس اي جي آئين جي مٽي پليد ڪرڻ سان پيو؟ ۽ ڇو نٿا مڃن ته يو ايس جي تواريخ اهڙن ئي آڏن ابتن جمهوري افعالن سان ڀريل آهي؟

هڪڙو دوکو ۽ فريب آهي، جنهن کي آمريڪي جمهوريت چيو ويندو آهي. هونئن ته هزارين مثال آهن، پر في الحال اوهان عراق، افغانستان ۽ پاڪستان جا ئي گڻ ڳائيندا رهو، انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي آهي، جو ان ۾ ئي ظاهر ۽ لڪل ڊالر آهن، جيڪي مون کي به کپن ۽ اوهان کي به کپن.

مان ننڊ ۾ هوس. هڪڙي عقلمند مون کي چيو ته خوشيءَ جا گلاب ننڊ ڪرڻ وارن لاءِ نه ٽڙندا آهن، تون ڇو پيو سمهين؟ سمهڻ موت جي علامت آهي. شراب پي، زمين هيٺ ته توکي مجبورن سمهڻو ئي پوندو! (عمر خيام)

جڏهن زمين جا معاملا تنهنجي فائدي ۾ هجن، هڪ گهڙي وڃو ۽ خوش رهو! جيڪي توکي مليو سو تو چونديو نه هو. انهن سان گڏ رهه جيڪي سائنس ڄاڻن ٿا ڇو ته تنهنجو جسم هوا جي زور بار تي پاڻ ۾ ڳنڍيل مٽيءَ جا ذرا آهن. هڪ گهڙي ته فقط مٽيءَ جو هڪ ذرو آهي! (عمر خيام)

۽ اوهان کي جمهوريت جي سنگيت تي نچائن پيا ۽ اوهان نچو پيا. الائجي اهي ڪهڙا غلط ماڻهو هئا، جن جمهوريت، عوامي راڄ ۽ شادي جهڙا فضول لفظ ايجاد ڪري اسان کي جنجال ۾ وجهي پاڻ کسڪي ويا!

ڀلا ضروري آهي ڇا ته اوهان ڪنهن نه ڪنهن ڌر سان هجو؟ جن کي اوهان سياسي پارٽيون ٿا سمجهو سي دراصل مختلف ڌرون آهن، ڪهڙي ضرورت آهي پي پي پي يا ن ليگ، يا ق ليگ يا ٻين اهڙين ڌرين جا ليبل پنهنجي پيشاني تي لڳائي ڪوڙيون سچيون تهمتون کڻڻ جي ته اوهان لکين، ڪروڙين ۽ اربين ڊالر کائي کپائي ويا؟ جي اهڙي قسم جون تهمتون، صحيح يا ڪوڙيون اوهان تي آهن ته اوهان پاڻ پنهنجي نظرن ۾ نه معزز آهيو نه معبتر! مون ننڍ پڻ ۾ ماءُ جا پنج رپيا چوري ڪيا هئا ته اڄ تائين ياد اچڻ تي شرم ۾ ٻڏيو وڃان، پر هي ڪي تمام هوشيار تارو آهن، جو هڪڙو غوتو/غوطو به نٿا کائين!

haleembrohi@hotmail.com