ڳهي وڃو!

 

 

خميس 7 جنوري 2010ع

 

                 جيڪڏهن اوهان ملڪ جو آئين لتاڙي نٿا سگهو ته اوهان کي سياست ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي. جيڪڏهن اوهان کي موقعو ملي آئين ٺاهڻ جو ته اهو آئين ڪجهه اهڙي نموني ۽ ڪجهه اهڙي طريقي ٺاهيو جو ٺهندي ئي ڊهي پئي! مون وٽ مثال آهن، پر اوهان ۾ همٿ آهي ڇاپڻ جي؟ يا ڇپائڻ جي؟ ڳالهه اهڙي آهي جو ڳهي وڃو. 

ڪنهن زماني ۾ يو ايس اي ۾ هڪڙو صدر هو، جنهن جو نالو هو مونرو (مون کي آمريڪن ائڪٽريس ميرلن مونرو پئي ياد اچي، جنهن جو صدر مونرو سان ڪو واسطو نه هو، پر سهڻي اهڙي هئي جو پنهنجي سهڻائپ مان جند ڇڏائڻ لاءِ ننڊ جون ٽڪيون گهڻي تعداد ۾ کائي خودڪشي ڪري ڇڏيائين ۽ هميشه لاءِ ثابت ڪري ڇڏيائين ته خودڪشي فقط اهي نه ڪنديون آهن، جيڪي بد شڪل هونديون آهن.) سو انهيءَ آمريڪي صدر مونرو هڪڙو دستاويز ٺاهيو، جنهن کي  مونروز ڊاڪٽرائن چيو ويندو هو، جنهن مطابق آمريڪا لاءِ سختي سان قانون هو ته آمريڪي فوج ڪنهن به صورت ۾ ڪهڙن به سببن ڪري آمريڪا کان ٻاهر نه موڪلي ويندي ۽ آمريڪا کان ٻاهر ڪنهن به جنگ ۾ حصو نه وٺندي. اهو هو مونرو ڊاڪٽرائن جيڪو آمريڪي آئين جو حصو ڪري قبول ڪيو ويو ۽ اڄ ڇا آهي؟ آهي ڪو ملڪ دنيا ۾، جتي ڪو گند يا جنگ هجي ۽ اتي آمريڪي فوجي نه هجن؟ ڇو ته انگريزن ۽ فرانس وارن کان جرمني زور هو ۽ ڇو ته هٽلر جي جرمني کي آمريڪا جي مونرو ڊاڪٽرائن واري پاليسي تي ڀروسو هو، انگلئنڊ جي چرچل لڪ ڇپ ۾ آمريڪا کان اهڙي نموني فوجي مدد گهري جا لڪ ڇپ ۾ آئزنهاور جي ڪمانڊ ۾ انگلئنڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ جي اتر وارن حصن ۾ لهندا ۽ گڏ ٿيندا ويا، ۽ پوءِ آمريڪي، انگريزي، ۽ فرينچ فوجن گڏجي يورپ تي حملو ڪيو. آمريڪا جي جمهوريت وارن مان اڄ تائين ڪنهن به نه پڇيو آهي ته ان مونرو ڊاڪٽرائن جو ڇا ٿيو جيڪو مون کي ميرلن مونرو ائڪٽريس ياد ڏياريو ڇڏي. عورتون ته هونديون ئي سهڻيون آهن، پر ميرلن مونرو غضب جي سهڻي هئي.

مريڪي جمهوريت جا گيت جيڪي ڳائيندا آهن تن جي کيسن مان جي آمريڪي ڊالر ڪڍي ڇڏيا وڃن ته آمريڪي جمهوريت يتيم ٿي ويندي. اها ڳالهه هر اُهو ماڻهو ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو جيڪو جمهوريت جو ناچ نچي رهيو آهي. غلط پڙهايو ويو اسڪولن ۾ اسان کي ته انسان فطرتن شريف آهي. حقيقت اها آهي ته انسان فطرتن شريف ناهي ۽ اڳلي جي ڪڌائي هڪ پل ۾ محسوس ڪيو وڃي. پاڻ سڀيئي ڄاڻون ٿا ته جمهوريت رڳو نالو آهي عام ماڻهن کي بيوقوف ٺاهڻ جو ۽ اصل شئي اُهي ڊالر آهن جن کي جمهوريت جو چوغو پارايو ويو آهي. ناظمن جو نظام به نظامِ شمسي ۽ ايوب خان واري بي ڊي نظام وانگي رشوت کارائڻ، کائڻ ۽ حاڪم لاءِ ووٽ وٺڻ وارو ساڳيو ئي نظام آهي.

مان ٿو پڇان اوهان کان ته اوهان هارٽ جا لکيل ٻه ڪتاب، هڪڙو ورلڊ وار ون ۽ ٻيو ورلڊ وار ٽو به پڙهيا آهن هٽلر جي پنهنجي لکيل ڪتاب ماءِ اسٽرگل سان گڏ؟ جي نه، ته اوهان کي حق ئي ناهي هٽلر بابت ڳالهائڻ جو. ڏيڍ سئو ورهيه مغربي (يورپين) ملڪن هندستان سميت سڄي ايشيا کي جهالت جا درس ( سبق ) ڏنا ۽ هندستان سميت سموري ايشيا جي ماڻهن جي ذهنن تي اها ڳالهه ويهاري ڇڏي ته برطانيه، فرانس، ۽ يورپ جا ماڻهو ۽ هنن جون حڪومتون آسمان تان لٿل آهن. جيتوڻيڪ اهي ئي يورپي ملڪ هئا ۽ اڄ به آهن جن سڄي دنيا جي سادن ۽ معصوم ملڪن تي قبضا ڪيا، انهن کي لٽيو، ڦريو، آفريڪا جا هيرا (هيرن جون کاڻيون) هي اُڏوهي وانگي کائي ويا، آفريڪا جا ٻيلا هي وڍائي يورپ کڻي ويا، آفريڪا جي ماڻهن کي جانورن جيان پڃرن ۾ ڦاسائي يورپ جي مارڪيٽن ۾ وڪيو، ايشيا جي ماڻهن کي اهڙو ذهني غلام ڪري ڇڏيائون جو اڄ به ايشيا جا جاهل ليکڪ اهو ئي سمجهن ٿا، ته جرمني جي هٽلر دنيا فتح ڪرڻ ٿي چاهي ڇو ته هي نٿا ڄاڻن جو هنن پڙهيو ئي ناهي ته جڏهن دنيا جي سڀني ۽ تقريبن سمورن ملڪن تي يورپي ملڪن پنهنجون بيٺڪون ٺاهي انهن تي قبضو ڪيو هو ان وقت (ان زماني ۾، هٽلر جي دور سميت) فقط جرمني ئي هڪڙو يورپي ملڪ هو، جنهن وٽ آفريڪا ۾ هڪ ننڍڙي رياست هئي، جنهن کي به هٽلر پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان آزادي ڏيئي ريڊيو برلن تان پرچار ڪيو ته سڀئي يورپي ملڪ آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن تي قبضا ۽ حڪومتون ڇڏي، موٽي يورپ ۾ پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن وڃن. هٽلر جي اهڙي پرچار جو وڏو ڌڪ انگريز، فرينچ، ۽ سندن ذهنيت رکندڙ واپاري ملڪن کي لڳو جو آفريڪا ۽ ايشيا مان تڏا ويڙهڻ سان هو پاڻ بک مرڻ لڳن ها. انهن واپاري ۽ دڪاندار ملڪن هٽلر واري جرمني جي انهيءَ پرچار کي ته دنيا تي قبضا خالي ڪري ماڻهن کي آزاد ڪري سڀئي يورپي ملڪ موٽي يورپ وڃن، کي يورپي دڪاندارن (فرانس، انگلئنڊ ۽ سندن ساٿي) اهو رنگ ڏنو ته هٽلر پاڻ دنيا تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي!

ڪنهن زماني ۾ مون هڪڙو ڪتاب لکيو هو، جنهنجو نالو هو، هٽلر جي ڪهاڻي. اڄ ان ڪتاب جي ڪا ڪاپي شايد ڪنهن وٽ هجي. اُن ڪتاب جون ڪي ڪاپيون الائجي ڪيئن حيدرآباد جيل ۾ به پهتيون هيون، جتي شاعر ابراهيم منشي (جنهن کي مان نه سڃاڻيندو هوس) به رسول بخش پليجي وارن سان گڏ قيد هو. گهڻو پوءِ عبداللطيف چوڌري وڪيل جي آفيس ۾ مان ۽ ابراهيم ملياسين. هُو مون سان ملي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ چيائين ته تنهنجو هٽلر جي ڪهاڻي وارو ڪتاب اسان کي جيل ۾ مليو. مونکي تنهنجي لکيل هر هڪ ڳالهه دل سان لڳي ۽ مون پليجي کي به صاف چيو ته حليم جي ڪتاب ۾ سچائي آهي. پر پليجو صاحب ضد تي هو ۽ جيل ۾ مان  ۽ پليجو سدائين ان ڪتاب بابت بحث ۾ پئجي ويندا هئاسين. اڄ دنيا ۾ لطيف به ڪونهي، ابراهيم منشي به ڪونهي، فقط مان ۽ پليجو صاحب آهيون، تمام جلد اسان به هليا وينداسين. منهنجو خيال آهي ته مرڻ کان اڳ ته ٿورو سچ به ڳالهائجي ۽ ڪا سچي ڳالهه قبول به ڪري وٺجي. ابراهيم منشي مون کي چيو هو ته سياسي، ذهني، ۽ خيالي طرح تون مون کي وڻندو هئين ۽ مان تنهنجي پاسي هوس، پر منهنجي دوستي ۽ ياري رسول بخش پليجي سان هئڻ ڪري مان سدائين هن سان گڏ ئي رهيس، جو هن کي ڇڏي نه ٿي سگهيس. اُهو پهريون ۽ آخري ڀيرو هو جو مان ابراهيم منشي سان مليو هوس.

haleembrohi@hotmail.com