فئن

 

 

ڇنڇر 2 جنوري 2010ع

 

. جيڪو ماڻهو مهيني ٻن ۾ چار ڇهه مضمون لکندو هوندو سو ڪڏهن ڪو چڱيرڙو مضمون به لکي ويندو هوندو. در اصل ڪو به ماڻهو ڪوشش ڪري سٺو يا خراب مضمون نه لکندو آهي. مون 1967ع فيبروري کان لکڻ شروع ڪيو ۽ تمام گهڻو گند باقائدي گندي نموني لکي ڇپائي ورهائيندو هليس. ڊڪشنري ڏسڻ جي عادت نه هئي، صبر ٽڪي جو نه هو، ڪا ڄاڻ نه هئي ته ڪولن، سيمي ڪولن، هائفن، ائسٽرڪ وغيره ڇا آهن، پر منهنجو دماغ ضرور خراب هو جو هر وقت ڪجهه نه ڪجهه لکندو ۽ ڇپائيندو رهندو هوس. ظاهر آهي ته ايترو جو گهڻو مون گند لکيو ان ۾ ڪجهه سٺو ۽ ڪجهه چڱو به لکجي ويو هوندو. ائسٽرڪ جي ڄاڻ مونکي 1985ع ۾ پئي جڏهن مون سنڌي ۽ هندي اکرن کي رومن (انگريزي) روپ ڏيئي ان ۾ نون غُني جي اُچار يا اثر لاءِ ائسٽرڪ ڪتب آندو. سنڌين کي ٻيو ڪو هوش هجي يا نه هجي، پر ايترو هوش هنن کي سدائين رهيو آهي ته حرام جو ٻولي ۽ اسڪرپٽ ۾ تفاوت سمجهن! مون شروع ۾ سنڌي اسڪرپٽ بدلائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي محنت، وقت، پئسا برباد ڪيا، پر هر ڀيري سنڌين پنهنجن پادرن ۾ هٿ وڌو ته حليم سنڌي ٻولي پيو بدلائي! 1990ع ڌاري مان پنهنجي پگهار سنڌي اکرن کي رومن اکرن ۾ بدلائڻ جي ڪوشش کي عروج تي پهچائڻ تي خرچ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپائونڊرن جون گاريون، دڙڪا، چٿرون کائي سکي ويس ته جيڪڏهن اسڪرپٽ ئي بدلائڻو آهي ته هندي (اردو) اسڪرپٽ کي رومن ۾ تبديل ڪريان. مون سنڌي اسڪرپٽ کي رومن اسڪرپٽ ۾ تبديل ڪرڻ تان هميشه لاءِ هٿ کڻي ڇڏيو ۽ هندي (اردو) ۾ رومن اکر استعمال ڪري اهڙو عاليشان ڪم ڪري ويس جو مان پاڻ به حيران آهيان ته قدرت مون جهڙي گندي، غلط، ڇڇوري، ٽرڙي، ۽ ڌڪاريل ماڻهوءَ تي به ايڏو ۽ ايترو گهڻو مهربان ٿي سگهي ٿي! اُن زماني ۾ مان اڪيلو ٽان ٽان ڪندو وتندو هوس ۽ ٻڌندو ڪنهنجي به نه هوس. گهڻو پوءِ جڏهن مان ڪجهه ماڻهن کي ٻڌڻ لڳس، تڏهن مون هڪڙو ننڍڙو شعر ٻڌو جنهن مون کي خوش ڪري ڇڏيو. اهو  شعر هندي ۾ آهي، جنهن کي اوهان خوامخواهه اردو چوندا آهيو ۽ اُهو شعر مون انگريزي اکرن ۾ پنهنجي ڪتاب سيڊس ۾ به ڏنو آهي، جيڪو ڪتاب منهنجو لکيل هجڻ ڪري ظاهر آهي ته ڪنهن به ساڙ سڙيي سنڌي نه پڙهيو هو. اهو شعر آهي ته،

اُس کي دشمن هين هزار

آدمي اچها هوگا!

وهه بهي ميري هي طرح

اس شهر ۾ تنها هوگا!

رومن ۾ مون لکيو آهي ته،

Us kay thushmun huay hazar

Athme utchha hoga!

Vo bhe mayre he tturuh

Is shuhir may ttunha hoga!

۽ اوهانجن سنڌي اکرن ۾ لکبو ته

اُس ڪي دشمن هئين هزار

آدمي اڇا هوگا!

وه ڀي ميري طرح

اس شهر ۾ تنها هوگا!

. تمام ٿورڙا ماڻهو هئا، جيڪي منهنجا آرٽيڪلس ۽ ڪتابچا پڙهي منهنجا فئن ٿيا (مون کي پسند ڪرڻ لڳا) تمام گهڻا اُهي هئا، جيڪي مون کي پڙهڻ کانسواءِ مون کان نفرت ڪندا رهيا، جو هنن کي منهنجي ذاتي زندگي ۽ رويي مان نفرت هئي. جنهن ماحول ۾ هرڪو ڪنهن نه ڪنهن ڌر (پارٽي) سان ٻڌل هجي، تنهن ۾ مون جهڙي نيوٽرل (غير جانبدار) ماڻهوءَ لاءِ سواءِ ڌڪار جي ڪجهه نه هو. مون کي ڪنهن ٻوليءَ لاءِ ڌڪار هئي، نه ڪنهن قوم لاءِ نفرت هئي، نه ڪنهن مذهب يا ڌرم يا عقيدي لاءِ اندر ۾ ساڙ يا بغض هو، ۽ اهو منهنجو رويو انهن کي سمجهه ۾ نه ايندو هو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن پاسي لاڙو رکندا هئا. مون وڏا ماڻهو ۽ شاهوڪار ته گهڻيئي ڏٺا هئا، پر مون پاڻ نه غربت ڏٺي هئي ۽ نه مون کي غريبن يا غربت سان نفرت هئي. پروفيسرن، صاحبن، خانصاحبن، آفيسرن وغيرهه کان وڌيڪ مان پٽيوالن، چوڪيدارن، ڪلارڪن ۽ منجهيل ماڻهن ۾ اُٿندو ويهندو هوس. مان ڪڏهن به ڪنهن کان نه پڇندو هوس ته تون ڪهڙي نوڪري ۾ آهيون ۽ تنهنجو نالو ڇا آهي. صاف ظاهر آهي ته ٽرڙا استاد بهانا ڳولهيندا هئا مون کي ذليل ۽ بي عزتو ڪرڻ لاءِ. سو گهڻائي انهن جي هئي جن کي منهنجي لکائي، پڙهائي، ۽ هر هڪ ٽاپڪ تي ڳالهائڻ کان  چڙ هئي.

. پر وڏو انبوهه منهنجن انهن فئنن جو هو، جن کي منهنجيون ڳالهيون وڻنديون هيون، منهنجي سوچ وڻندي هئي ۽ جتي به مان هوندو هوس اُتي منهنجي چوڌاري گڏ ٿي ويندا هئا. يونيورسٽي ۾ عزيز پلي به انهن جو ئي دوست هو، جيڪي منهنجا به دوست هئا. اُهي سڀيئي دوست يونيورسٽي ۾ مون کي ۽ عزيز پلي کي اسان جي انگريزي ڪري ڀائيندا هئا. عزيز ته انگريزي  ڊپارٽمنٽ ۾ استاد هو ۽ مان ائڊمنسٽريشن ۾ ڪلارڪ ٽائيپ ويهندو هوس. پر عزيز کي منهنجي انگريزي وڻندي هئي ۽ هن کي منهنجا انگريزي ڪتابچا برزبان ياد هوندا هئا. هو ڳالهائيندو فرسٽ ڪلاس انگريزي هو، پر لکي نه سگهندو هو جو هن کي ڳالهائڻ کان ئي فرست نه ملندي هئي. مون کان جڏهن به پڇندو هو ته ڪيئن لکڻ شروع ڪريان ته مان سندس ۽ پنهنجن سڀني دوستن اڳيان سدائين اهو ئي جواب ڏيندو هوسانس ته ٽي مهينا هڪڙو هٿ وات تي رک ۽ باٿ روم ۾ نه وڃ. توکي مجبورن لکڻو ئي پوندو. سڀيئي دوست کلندا هئا. عزيز جي وفات جي شايد ٽئين ڏينهن احد سومرو، جيڪو ڪراچي ۾ هاڻ چڱو خاصو وڪيل ٿي ويو آهي، سو مون وٽ آيو ۽ عزيز جون ڳالهيون ڪندي اوچتو مون کي چيائين ته دادا، توکي ياد آهي ته تون عزيز کي انگريزي لکڻ لاءِ ڪهڙو طريقو ٻڌائيندو هئين؟ اسان اڄ به عزيز پلي کي ڏنل انهيءَ صلاح تي کلندا آهين، جو عزيز پاڻ به اها صلاح صحيح سمجهندو هو. اسان جن دوستن ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ هڪڙو فنڪشن ڪيو، جنهن ۾ عزيز پلي مون بابت زبردست نموني ڳالهايو ۽ مون پنهنجي واري تي گند ڪيو. مان ڳالهائي نه سگهيو هوس. عزيز جو دوست هوندي به مان مطلبي ليکڪ آهيان. دنيا ۽ يونيورسٽي عزيز پلي وڃايو ۽ مون پنهنجو هڪڙو زبردست فئن وڃايو. عزيز پلي کي ماريو ڪنهن؟ انهن جاهلن جي انگريزي، جن جو هن کي زيردست ڪري رکيو ويو هو. اوهان عزيز پلي جي انگريزي ۽ مزاح ياد ڪريو ۽ پوءِ انهن جاهلن جي انگريزي ۽ افعال ياد ڪريو، جن جا حڪم عزيز کي مڃڻا پوندا هئا. يونيورسٽيءَ عزيز لاءِ شراب کان سواءِ ڪو رستو ئي نه ڇڏيو هو. عزيز مڪمل بوتل هو، مان اڌ بوتل آهيان.

 پر منهنجا خاص فئن اهي آهن، جن منهنجو ڪو ڪتاب يا مضمون ڏٺو به ناهي ۽ جن جو پري جو به واسطو لکا پڙهي يا اخبارن ۽ ڪتابن سان ناهي، پر مون کي ڀائيندا تمام گهڻو آهن. فئن انگريزي ۾ پکي/پنکي کي به چئبو آهي ۽ پسند ڪندڙ کي به چئبو آهي. مان نٿو ڄاڻان ته سڀاڻي ڇا ٿيندو، پر منهنجو پروگرام آهي علامه اقبال جو شعر نيا شوالا کي انگريزي اکرن ۾ لاهڻ جو.

haleembrohi@hotmail.com