هولي!

 

 

سومر 30 مارچ 2009ع

 

  09310 تي هولي جو ڏينهن هو ۽ مون کي منهنجو ننڍپڻ ياد پيو اچي. جڏهن اسان سائيڪل ۾ هوا ڀرڻ واري پمپ ۾ رنگ ڀري بنگلي جي ڪمپائونڊ ۾ ڌوٻي، مالهي، ٻهاريدار، چوڪيدار ۽ ڪجهه ٻين جي ٻارن سان رنگ هڻڻ واري راند ۾ رات دير تائين جاڳندا هئاسين. مون کي بابو، بنسي، گنگا، پرڀو ۽ راڌا جا نالا ياد آهن، جيڪي ڌوٻيءَ جا ٻار هئا، پر ٻين جا نالا ياد ناهن. اها يادگيري تڏهن جي آهي، جڏهن مان اڃا ستن يا اٺن سالن جو هوس، پاڪستان اڃا ٺهڻ وارو هو. بابا ڪراچي ۾ رنڇوڙ لائينن ۾ انسپيڪٽر هو ۽ اسان کي مليل بنگلي جي پويان ٻن بنگلن ۾ مارٽن ۽ گرانٽ رهندا هئا، جيڪي شايد سارجنٽ هئا ۽ پاسي واري بنگلي ۾ هڪڙو هندو انسپيڪٽر رهندو هو. مارٽن جي پٽ جو نالو چارلس هو، جنهن کي اسان چارلي چوندا هئاسين ۽ گرانٽ جي پٽ کي اسان گرانٽ ئي چوندا هئاسون. سال گذري ويا آهن، پر اهي رنگا رنگي ڏينهن مون کي اڄ به هانٽ ڪندا آهن.

  اڄ مان پڇان ٿو ته جيڪڏهن پنجاب ۽ ڪوئيٽا ۾ بسنت ملهائي سگهجي ٿو ۽ لغڙ اڏائي سگهجن ٿا، جيتوڻيڪ بسنت جو ڪو به واسطو مذهب يا عقيدي سان ڪونهي ته سنڌ ۾ بلڪل ساڳي آزادي سان هولي ملهائڻ تي ڇو ڪنهن کي اعتراض هجي. هولي به بلڪل ڪلچرل ۽ ثقافتي شيءِ آهي، جيئن بسنت آهي. جن جي مغز ۾ فتور يا نقص هوندو آهي، سي هر هڪ ڳالهه يا تقريب ۾ ڪو سبب ڳولهي يا گهڙي وٺندا آهن، بسنت ملهائڻ لاءِ به هنن وٽ پنج سئو سبب، هيلا ۽ بهانا آهن. هولي ملهائڻ لاءِ به مون وٽ هڪڙو لوهه جهڙو سالڊ سبب آهي ۽ اهو سبب اهو آهي ته هي هندستان جي ثقافت جو حصو آهي.

 آکاڻيون ٺاهڻ ۽ قصا گهڙڻ ٻاراڻو ڪم آهي، جنهن کي ڪجهه ظاهري معززن ۽ نموني باز بزرگن مذهبن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ضد تي آهن ته اهي قصا ڪهاڻيون مذهبن ۽ عقيدن جو حصو آهن.

  چوڻ لاءِ چئبو آهي ته هندستان جو ڪو به مذهب ڪونهي، چوڻ لاءِ چئبو آهي ته هندستان سيڪيولر ملڪ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته جنهن کي جيڪو وڻي سو مذهب اختيار ڪري يا نه ڪري ۽ جنهن کي جيڪا وڻي سا سڀيتا/ڪلچر/ثقافت قبول ڪري. بنيادي حقيقت اها آهي ته هندستان قديمي طرح دراوڙ هو ۽ دراوڙن وٽ مذهبي يا عقيدي قسم جي ائبسٽرئڪٽ شين بدران ٺوس ثقافت/سڀيتا/ڪلچر هو، جيڪو هندستان جي سڀني لوڪن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو ۽ جنهن جي مجموعي کي هو ڌرم چوندا هئا ۽ اڄ تائين به ان کي ڌرم ئي چوندا آهن.

  انساني فطرت جي بناوٽ ڪجهه اهڙي آهي، جو ان ۾ پهرين ڪانڪريٽ (ٺوس) جي پرک ايندي آهي ۽ پوءِ، گهڻو پوءِ، ائبسٽريڪٽ (خيالي) جي پرک ايندي آهي. انسان پهرين ٻه ٻڪريون ۽ چار رڍون ته سمجهي ويو هو پر ٻه ۽ چار ڇا آهن، گهڻو پوءِ سمجهيو هو. دراوڙي هندستان وٽ سڀيتا/ڪلچر/ثقافت واريون ڪانڪريٽ ڳالهيون هيون. ان وقت هنن جي ذهنن ۾ اهڙين ڳالهين جي پيدا ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو، جيڪي هزارين ورهيه پوءِ مذهبن ۽ عقيدن ۾ ائبسٽريڪٽ صورت ۾ پيدا ٿيون. هولي به دراوڙي هندستان جي سڀيتا آهي، جيڪا سڀئي ملهائي سگهن ٿا. لغڙ اڏائڻ سان جي روزو نٿو ٽٽي ته رنگ لڳائڻ سان به نه ٽٽندو. لغڙ اڏائڻ ۽ هڪ ٻئي جا لغڙ ڪاٽا ڪرڻ جيڪڏهن جائز آهي ته رنگ پاڻ کي لڳائڻ ۽ ٻين کي لڳائڻ به جائز آهي. جيڪي ڪجهه هندستان جي ماڻهن وٽ هو ۽ آهي اها آهي ۽ هئي سڀيتا، ثقافت، ڪلچر، جنهن جو پالڻ ڪرڻ کي هو  ڌرما چوندا آهن.

  هندستان جي رهاڪن کي مسلمانن جو مذهب سمجهه ۾ ئي نه آيو هو، اهو ئي سمجهندا رهيا ته اها مسلمانن جي سڀيتا آهي، جنهن کي مسلمان پنهنجو مذهب چوندا آهن. اهو ئي سبب آهي هو جو هندستان جي ماڻهن مسلمانن جي حاڪمن کي ڪيئي صديون سک سان حڪومت ڪرڻ ڏني. جيڪڏهن هندستان جي ماڻهن وٽ به ڪو مذهب هجي ها جيئن عيسائين ۽ يهودين وٽ هو ته هندستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ بلڪل ائين جنگيون ٿين ها، جيئن صليبي جنگيون. هندو مت ڌرم آهي، ريتن رسمن، ثقافتن، طور طريقن ۽ رواجن جو مجموعو آهي، جنهن سان ڪنهن به مذهب يا عقيدي جو ڦڏو يا تڪرار ناهي.

  اوهان مون سان بحث به نٿا ڪري سگهو ۽ ضد به نٿا ڪري سگهو، ڇو ته مون عمرو به ڪيو آهي. حج به ڪيو آهي، مسلمان به آهيان، مسلمان جو پٽ به آهيان ۽ سڀيئي نه ته ڪجهه نمازون به پڙهيون اٿم ۽ پوءِ مون قرآن پاڪ جو ترجمو به پڙهيو آهي ۽ سمجهي پڙهيو آهي، جنهن لاءِ مان ڄاڻان ٿو ته پنجئي وقت نماز پڙهندڙ ۽ باقائده روزا رکندڙ ماڻهن مان به تمام گهڻن ڄڻن قرآن پاڪ جي معنيٰ هڪ ڀيرو به نه پڙهي آهي. سو مان اوهان کان پڇان ٿو ته اوهان ڇا هروڀرو انهن تمام سهڻن رنگين ڏينهن جي پويان هٿ ڌوئي پئجي ويندا آهيو، جن ڏينهن جو ذڪر اوهان جي خيال موجب اوهان جي مذهب ۾ ڪونهي؟ ڪهڙي مذهب جي ڪهڙي ڪتاب ۾لکيل آهي ته لغڙ اڏائڻ يا رنگن سان راند ڪرڻ سان اوهان جو مذهبي ڍانچو هيٺ مٿي ٿي ويندو ۽ اوهان مسلمان ئي نه رهندا؟

  هوليءَ جو ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهائجڻ لڳو آهي، يورپ ۽ آمريڪا ۾ باقائدي عاليشان طريقي سان تقريبون ۽ فنڪشن ٿيندا آهن. ڏياري جي تهوار تي ڏيا ڇو نه ٻاريون ۽ ڦٽاڪا ڇو نه هلايون، ٻين صوبن کي ڇڏيو، پر سنڌ ۾ ڇو مسلمانن ۽ هندن کي هڪٻئي کان ڌار ڪري اسان کي اڃايل ڇڏيو ويو؟ اهي هئا ڪير، جن اسان جي ثقافت جي ٻانهه مروڙي ڇڏي؟

  حلال ۽ حرام اسان جا مذهبي لفظ آهن، پر ڪهڙي ڪتاب ۾ ڪهڙي هنڌ لکيل آهي ته هندو جي هٿ جي پڪل شيءِ نه کائو؟ ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته مان تتل ويٺو آهيان، منهنجي اندر ۾ انهن ۽ اهڙي قسم جي ناانصافين تي باهه آهي. محمود غزنوي جيڪي 17 ڪاهون ڪاٺياواڙ ۾ دوارڪا مندر تي ڪيون هيون، سو فقط بت ڀڃڻ ۽ اسلام پکيڙڻ آيو هو؟ افغانستان کان دوارڪا تائين اچڻ ڪو ماتلي کان بدين پهچڻ نه هو، جو هو صاحب 17 ڀيرا آيو هو، بت شڪن جو خطاب اهڙي شخص کي فقط انهن تواريخ نويسن ڏنا، جن وٽ نه ذهن هو، نه عقل هو، نه سمجهه هئي ۽ نه ڪامن سينس هو. حيدرآباد ۾ جيڪو اولڊ ڪيمپس آهي، سنڌ يونيورسٽي  جو اهو سڄو هندن جي ٽرسٽ پراپرٽي هو، جنهن ۾ ڇوڪرين جو اسڪول هو ۽ سڄو ميدان خالي پٽ هو. ڪي استاد ۽ آفيسر آءِ آءِ قاضي وائس چانسلر کي اهڙا لڳا جو اهو سڄو پٽ ڪاٽي ڪوٽي ماسترن ۽ آفيسرن ۾ ورهائي ڇڏيائون. جيڪي انهن جاين ۾ ويٺا آهن، تن وٽ فقط قبضو آهي، مالڪي ناهي. خوشامدي تواريخ نويس لکندا ته آءِ آءِ قاضي ۽ سندس استادن ۽ آفيسرن سنڌ ۾ تعليم جي خدمت ڪئي. سڀيئي ڪوڙ ڳالهائيندا، ڪو هڪڙو به سچ نه ڳالهائيندو. پاڻ کي نه ته پنهنجي اولاد کي هڪڙي ڏينهن سنڌي درسي ڪتابن ۾ اهو پڙهڻو پوندو ته آءِ آءِ قاضي سنڌ صوبي جو محمود غزنوي هو، جنهن هندو ڇوڪرين جي اسڪول جي زمين عظيم ۽ قديم سنڌ جي يونيورسٽي جي ماسترن، ڊاڪٽرن، محققن ۽ آفيسرن ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي.

haleembrohi@hotmail.com