بَسون!

 

 

اڱارو 30 جون 2009ع

 

  09-4-08 تي ڪاوش ۾ ٻه مضمون شايع ٿيا. هڪڙو علي قاضي جو ۽ ٻيو پير مظهر جو. پير صاحب جو چوڻ آهي ته آفيسر سندس نٿا ٻڌن، پير صاحب کي اڃا هاڻ ڄاڻ پوندي ته فيڊرل جا آفيسر صوبائي حڪومت کان زور هوندا آهن، اهو ئي سبب هو جو منهنجو پيءُ صوبائي آفيسر هوندي به زور لڳائي پي ايس پي ٿي صوبائي حڪومت کان آجو ٿي ويو. اهو ڄام صادق علي هو، جنهن کان هرڪو آفيسر باقائدي ڊڄندو هو، ٻئي ڪنهن به  وزير يا وڏي وزير کان ڪو به آفيسر ڊڄندو ناهي. پير صاحب کي مان عرض ڪندس ته ڄام صادق علي ٿئي يا ڄام صادق علي جهڙو ٿئي، مان ڪنهن نئين ڄام صادق علي جو انتظار پيو ڪريان.

  علي قاضي لاءِ ٽائيم گهٽ آهي ۽ گهٽبو وڃي. قاضي صاحب کي منهنجو عرض آهي ته فرينچ رووليوشن بابت جيترو پڙهي سگهي، اوترو پڙهي. سنڌ صوبي ۾ هڪڙي ڏينهن رستن تي ويٺل، بيٺل ۽ ستل ماڻهو ماڙين ۽ بنگلن مان ماڻهن کي ڪڍي پاڻ قابض ٿيندا. ٻه ڀيرا سنڌ ۾ اسان اهڙو ٽريلر ڏٺو آهي، هڪڙو ڀيرو جڏهن پاڪستان ٺهيو هو ۽ مهاجرن جو اچڻ شروع ٿيو هو (علي صاحب پيدا نه ٿيو هو) ۽ ٻيو ڀيرو جڏهن اوهان پاڻ 1970ع ۾ سنڌي هارين کان هارپ تان هٿ کڻائي هنن کي نوڪرين جي لالچ تي شهرن ۾ گڏ ٿيڻ جو موقعو ڏنو. زمينون ته سنڌي هاري پاڻ ڇڏي آيا هئا ته شهرن ۾ سنڌي جيڪو طعام کائين پيا، تنهن ۾ ڀائيوار ٿينداسين، پر نوڪرين جو ڇا ٿيو؟ يا پنجابين کي مليون، يا مهاجرن کي. ڪراچيءَ جا وڏا وڏا پلاٽ به مهاجرن کي ئي مليا ۽ انهن ئي وزيرن ڏنا، جيڪي هاڻ پاڻ پنهنجي زمين پنهنجن کان ئي بچائڻ لاءِ آتا آهن. اهي ته هئا ٻه ٽريلر، پر مين پڪچر/مووي هاڻ شروع ٿيندي. سنڌ ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيڻو آهي، جيڪو فرانس ۾ ٿيو، ڪنهن جو ڌڙ نه هوندو، ڪنهن جي ڳچي نه هوندي، ڪنهن جو ڪنڌ نه هوندو. ڪنهن جو گهر گهاٽ نه هوندو، ڪنهن جا ٻار ٻچا نه هوندا، چئني پاسي مڪمل تباهي هوندي. اهي بئنڪون ئي اڏامي وينديون، جن ۾ رشوتي آفيسرن جا انبار رکيل آهن، جن محلن، بلڊنگن ۾ هي آفيسر رهيل آهن، انهن ۾ اهي غريب، مسڪين، بکايل ۽ اگهاڙا رهيل هوندا، جن سکيو ٽڪر کاڌو ته ڇا پر ڪڏهن چکيو به نه، اوهان وولٽيئر پڙهو.

  جرمني ۾ اهي سڀيئي ڌاريا هئا، جيڪي جرمن نه هئا، يهودين کي ته فقط خوار ڪرڻو هو، سو ايلائيز وارن ڪيو، پر ڌاريا ٻيا هئا (آئنسٽين يهودي نه هو) ۽ انهن ڌارين کي ڪنهن ڪڍيو؟ فقط هڪڙي ماڻهوءَ هٽلر، جنگ هارائڻ جو مطلب اهو نه هو ته هٽلر هارايو، جيئن سڀاش چندر بوس کي ماري هن جي قبر گم ڪئي وئي، تيئن هٽلر کي به مارائي هن بابت مشهور ڪيو ويو ته هن خودڪشي ڪئي. جيئن سڀاش چندر بوس اڄ به هيرو آهي، تيئن هٽلر اڄ به هيرو آهي.

  قاضي صاحب کي فڪر آهي سنڌين جو. ڪنهن زماني ۾ پنجاب جا آفيسر پنجاب ۾ اثر رسوخ ۽ پئسا هلائي سنڌ ۾ پوسٽنگس وٺندا هئا، جو سنڌ ۾ رشوت عام جام۽ نهايت گرما گرم هئي، تيئن هاڻ گذريل پندرنهن ويهن ورهين کان سنڌ ۾ سنڌي آفيسر به باقائدگيءَ سان رشوتون ڏيئي پنهنجون پوسٽنگون ڪرائيندا رهيا آهن. ڪو به سنڌي آفيسر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، ڪو به سنڌي آفيسر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. هر هڪ سنڌي آفيسر فقط ڪميشن ڏيئي ڪا فرسٽ ڪلاس پوسٽنگ وٺي ڏنل ڪميشن جو ڏهوڻ هڪ سال اندر ڪڍڻ/وصول ڪرڻ ۾ رڌل آهي ۽ هي آهن سنڌي، جن کي علي صاحب، منهنجو دوست، منهنجو محسن، سڌارڻ ٿو چاهي! ڪنهن زماني ۾ پوليس ٿاڻا نيلام ٿيندا هئا. اڄ هر هڪ پوسٽ وڪامجي ٿي، هر هڪ کاتو وڪامجي ٿو، هر هڪ پروجيڪٽ وڪامجي ٿو، هر هڪ ڊائريڪٽري، ڊپٽي ڊائريڪٽري، اسسٽنٽ ڊائريڪٽري، ماستري، پٽيوالي، ويندي ٻهاريداري به وڪامجي ٿي. هفتي ۾ هڪڙو ليک مون لاءِ ڪافي ناهي، مون کي سڄي اخبار ڏيو ته ٻڌايان ته اوهان وٽ ڪٿي ڪهڙو گند آهي ۽ هڪڙي ڇوڪري هئي، جنهن کي اعتراض هو ته مان لفظ گند ڇو ٿو استعمال ڪريان!

  علي صاحب تمام ٿڌو ماڻهو آهي، هو صاحب سوچي سمجهي ڳالهائيندو ۽ لکندو آهي. مون وٽ آهي باهه، اندر ۾ به ۽ ٻاهر به، دل ۾ به ۽ ذهن ۾ به. اها حقيقت آهي ته ماڻهن کي نوڪريون کپن. ڪپڙا کپن، ماني کپي، اجهو کپي. جي ها، اهي سڀيئي شيون ۽ ڳالهيون اوهان مطابق ۽ پي پي مطابق سنڌين کي کپن. پر سنڌ کي ڇا کپي؟ سنڌين کي ته جيڪي ڪجهه کپي تنهنجي لسٽ سنڌ ۾ موجود هرهڪ برهمڻ (ليڊر) وٽ آهي، جيڪا هو سنڌي کترين (ويڙهاڪن) ۾ ورهائيندو آهي ته وڃي جلسا ڪن، جلوس ڪڍن، ڦڏو فساد ڪن ۽ جيئن وڻين تيئن پنهنجا اهي حق حاصل ڪن ۽ سنڌي وئشن (دڪاندارن، واپارين، ٺيلي وارن وغيره) لاءِ وٽس (برهمڻ وٽ) انهن سڀني يونينن جي لسٽ هوندي آهي، جن جو ان ڌنڌي سان واسطو آهي. مثال طور جيڪڏهن اسٽرائيڪ کي ڪامياب ڪرائڻوآهي ته واپارين جي سربراهن کي چئي ڇڏبو (آفيسر پاڻيهي چوندا) ته دڪان متان کوليو، ٽرڪ ۽ بسون، ٽئڪسيون بند رهنديون وغيره. پر جيڪڏهن اسٽرائيڪ کي قيد ڪرڻو آهي ته مٿان يونينن کي آرڊر ملي ويندو. روٽي، ڪپڙا اور مڪان وارو نعرو هو ماڻهن جي آنڊن ۾ هٿ وجهڻ. مان حيران آهيان ته ماڻهو اڃا نعرن مان بيزار نه ٿيا آهن! ڪو هڪڙو نعرو ڪنهن برهمڻ جو ڪو کتري هڻندو آهي ته سڄي سنڌ جا سنڌي شودر (غريب، مسڪين، بيروزگار، بي سهارا) ويهه رپيا روز تي ان نعريبازي ۾ شامل ٿي ويندا آهن. مان اها بڪ ان ڪري پيو ڪريان جو آخر ڪنهن کي  ته ڪرڻي پوندي.

  سو مون کي خبر ناهي ۽ ڪوشش باوجود به سمجهي نه سگهيو آهيان ته علي صاحب سنڌ صوبو سڌارڻ ٿو چاهي يا سنڌي ماڻهن کي سڌارڻ ٿو چاهي. پر مان ڄاڻان ٿو ته مان ڇا ٿو چاهيان. جنهن بس ۾ مان چڙهڻ جو شونق رکندو هوس سا منهنجي ننڍپڻ ۾ گذري وئي، مون کي رستي تي ئي بيٺل ڇڏي!

  بسون اينديون آهن، هڪ ٻئي پويان. جيڪڏهن اوهان لائين ۾ بيٺل آهيو ته اها لائين گهٽبي ويندي، جي وقت گذري ويو ۽ آخري بس به گذري وئي ته اوهان کي ٻئي ڏينهن جي نئين سج جي روشني جو انتظار ڪرڻو پوندو. جڏهن ان ڏينهن جي پهرين بس هلندي. مان شايد ڏهن يارنهن سالن جو هوس، جڏهن مون بسون ڏٺيون. (ان زماني ۾ بسون نه هيون، ٽرامون هيون سي به فقط ڪراچي ۾) هوس ته ننڍو، پر اخبارون (سنڌي، سنسار سماچار، هندستان، وغيره. الوحيد سنڌي وڏيرن ۽ خوامخواهه جي مسلم ليگين جي اخبار هئي جا مان نه پڙهندو هوس) سو اهو زمانو هو بسن جو، ڪنهن بس ۾ آل انڊيا ڪانگريس وارا چڙهيا. ڪنهن ۾ پارسي، گوکلي، هندو، مسلمان، سِک، عيسائي ۽ ٻيا چڙهيا. ڪنهن بس ۾جواهر لال نهرو چڙهيو، ڪنهن بس ۾ سندس ڀيڻ لڪشمي پنڊت چڙهي، ڪنهن بس ۾ سندن پيءُ موتي لال نهرو چڙهيو، ڪنهن بس ۾ سڀاش چندر بوس چڙهيو. بنگال ۾ سڀاش چندر بوس ۽ پير صبغت الله شاهه پاڳارو گڏ هئا. اهو سڀاش چندر بوس جي هندستان خالي ڪريو وارو جذبو هو، جنهن پير سائين پاڳاري کي اولهه پاسي هٿيار کڻايا ۽ سڀاش پاڻ جپان جي مدد سان اوڀر پاسي پئي وڙهيو. تواريخ ۾ ڪوڙ لکڻ تمام سولو آهي. مان ٻار هوس، پاڳاري صاحب کي سنڌ جو بادشاهه ٿيڻ جي ضرورت نه هئي جو هو اڳيئي راجستان ۾ سنڌ جو بادشاهه هو.

  مون ڳالهه پئي ڪئي بسن جي. ڪا بس هئي، جنهن ۾ ابو الڪلام آزاد به چڙهيو هو، موهن داس ڪرمچند گانڌي (مهاتما) وير سان آيو ۽ هن جي حڪم تي هزار بسون هجن ها، پر هو به (مون وانگي) ڪنهن به بس ۾ نه ويٺو. شايد ڏهه اٺ ورهين جو هجڻ ڪري مان جذباتي هوس ته انگريزن سان وڙهي هنن کان هندستان خالي ڪرائجي. جيڪڏهن مان وڏو هجان ها ته نيتا جي سڀاش چندر بوس واري بس ۾ چڙهان ها، پر مان ننڍو هوس. آل انڊيا ڪانگريس (جنهن ۾نهرو، پٽيل، ابو الڪلام آزاد وغيره شامل هئا) جي ٿڌاڻ مون کي نه وڻندي هئي. هنن جي ۽ محمد علي جيڻا (اها ذات جيڻا آهي، جنهن کي پاڪستانين جناح ڪري ڇڏيو. جيڻا صاحب گجراتي هو، ڪنفرم ڪرڻ لاءِ ڪنهن گجراتي کان پڇو) صاحب جي مرضي هئي ته انگريزن سان ٺهي هلڻ ۾ فائدو آهي جو جپاني ماڻهن جي سياست تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو هو. خير مون کان اها ڪانگريس واري بس نڪري وئي. ذهني طرح مان هندستاني هوس، اها پارٽيشن وغيره واري ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي. اسان جو اٿڻ ويهڻ پارسين ۽ هندوئن سان ائين هو، جيئن اسان جا مائٽ هجن.

  سڀيئي بسون نڪري ويون ۽ ٽرينون انهن سان ڀريل آيون، جيڪي اسان جا دين ڀائي مسلمان هئا، اڄ به جيڪڏهن مون کي ڪا اها بس ملي وڃي، جنهن ۾مان ننڍڙو هئڻ ڪري نه چڙهي سگهان ته جيڪر اڄ به ان ۾ چڙهي پوان. فقط بيوقوف هوندا آهن، جيڪي پنهنجو گهر ورهائيندا آهن، مان نه ڪالهه بيوقوف هوس نه اڄ آهيان.

  هي معاملو لکندو رهندس ۽ اوهان کي سڄي آکاڻي ٻڌائيندس. هن مضمون ۾ مون علي قاضي صاحب کي ٻڌايو آهي ته مون کي ڪهڙي سنڌ ۽ ڪهڙا سنڌي کپن.

haleembrohi@hotmail.com