ليکڪ!

 

چنچر 28 نومبر 2009ع

 

 

 

جيستائين اوهان هن کي تون مون کي وڻين ٿي نه چيو آهي، تيستائين  هوءَ اوهان کي وڻندي رهندي. جنهن ڏينهن اوهان غلطي ڪري هن کي تون مون کي وڻين ٿي چيو، تنهن ڏينهن اسٽوري ختم ٿيو وڃي. سبق حاصل: تون مون کي وڻين ٿي چوڻ کان پاسيرو رهڻ گهرجي.

جيستائين اوهان هن کي تون هوشيار، سمجهو ۽ عقلمند نه چيو آهي، تيستائين هو اوهان کي وڻندو رهندو. جنهن ڏينهن اوهان هن کي چيو ته تون هوشيار، سمجهو ۽ عقلمند آهين، تنهن ڏينهن کان هو پاڻ پنهنجي لاءِ نه گڏهه رهندو نه خچر! سبق حاصل: اوهان ڇو ٿا هن جو دماغ خراب ڪريو!

 وزڊم ۽ انٽيليجنس ٻه الڳ شيون آهن ۽ هڪ ٻئي جي خلاف ۽ مخالف فطرتون آهن. وائيز ماڻهو ڪو به فيصلو ڏيڻ/ڪرڻ کان اڳ ڪجهه وقت وٺندو آهي، بلڪه ڪي ڏينهن به وٺي ويندو آهي، تنهن ڪري ورلي غلط ثابت ٿيندو آهي. انٽيليجنٽ ماڻهو هر ڪنهن ڳالهه/مسئلي جو فيصلو منٽن، بلڪه سيڪنڊن ۾ ڪندو آهي، تنهن ڪري سندس جواب/فيصلو غلط هوندو آهي، جنهن تي هو پاڻ پڇتائيندو آهي ۽ پوءِ معافي/معافيون گهرندو وتندو آهي.

ليکڪ کي غور، فڪر، سمجهه ۽ خيال سان پڙهندا ڪريو، فريبي ۽ ٺڳ کي ٺيڪ طرح سمجهو، هو ڪوڙو آهي، هر هڪ ليکڪ جو هر هڪ ليک هڪ ڪوڙڪو آهي، ڪوريئڙي جو ڄار آهي، جنهن ۾ هو معصوم  دليون ڦاسائيندو آهي. مان ليکڪ آهيان ۽ مان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻان. مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪنهن کي وڻي ويس ۽ جنهن کي وڻي ويس تنهنجو مٿو رلي ويو.

ڪو به ليکڪ آسمان تان نه لٿو آهي، مان ليکڪ  رهيو آهيان ۽ تنهن ڪري مان ليکڪ جا آنڊا، گجيون ۽ ڦڦڙ سڃاڻان. جنهن وٽ ڪا به لياقت نه هوندي آهي، سو پنهنجي جهالت ۽ اڻڄاڻائي ڍڪڻ لاءِ ليکڪ ٿيو وڃي. مان ڄاڻان ٿو ته جنهن کي هنر چئبو آهي، سو موچي وٽ به آهي ۽ بورچي وٽ به آهي، پر ليکڪ اهو آهي جيڪو هنر کان ڪورو آهي. ليکڪ جي مرڻ تي ليکڪ جي ساراهه به ليکڪ ئي ڪندا آهن،

اوهان چڱي طرح ياد ڪريو ۽ ٻڌايو ته اوهان ڪڏهن به ڪنهن وڏي ماڻهوءَ وٽ يا ڪنهن پهتل آفيسر جي هٿ ۾ ڪو ڪتاب ڏٺو آهي؟ اوهان ڪڏهن ڪنهن ڪامياب انجنيئر، ڊاڪٽر، سيڪريٽري، ڪمشنر، يا حڪمران کي ڪو ڪتاب پڙهندي ڏٺو آهي؟ نه، بلڪل نه. پروفيسر الياس ابڙو صاحب مون کان پڇندو هو ته، بروهي صاحب، هي ماڻهو ڪهاڻيون ۽ آکاڻيون ڇو لکندا آهن؟ ۽ کيس يونيورسٽي جي چاپلوس ماسترن کان تحفي ۾ مليل ڪتاب جيئن جو تيئن هو مون کي ڏيئي چوندو هو ته، انهن ۾ ورهائي ڇڏيو، جن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم ناهي. هو ڄاڻندو ته مان به ليکڪ هوس پر هو اهو به ڄاڻندو هو ته مان مختلف قسم جي ڪمن ۾ رڌل آهيان، جن کي ليکڪ قسم جا ماڻهو زوريءَ آکاڻيون ۽ افسانا سمجهندا آهن. نوڪري لاءِ جا درخواست مون ابڙي صاحب کي ڏني هئي، تنهن ۾ به مون اهو نه لکيو هو ته مون ڪڏهن ڪا ڪهاڻي يا ڪو افسانو به لکيو آهي. مظهر صديقي صاحب کي منهنجا رومن (انگريزي) اکر ۽ هندستان جي تواريخ وارو ڪم پسند هئا. جي سنڌ يونيورسٽيءَ سان ردي قسم جا ماڻهو وابسته نه هجن ها ته صديقي صاحب يونيورسٽيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ورهه اڳتي وٺي ويو هجي ها.

زندگيءَ جا عجب ڏينهن گذري ويا، جيئن وهندڙ نهر مان ڪرندڙ پاڻي ۽ بيابان مان لنگهندڙ طوفان، پر ٻه ڏينهن اهڙا رهيا، جن جو مون کي ڪڏهن به افسوس نه رهيو. هڪڙو اهو ڏينهن، جيڪو ڪالهه گذري ويو ۽ ٻيو اهو ڏينهن، جيڪو سڀاڻي ايندو! (عمر خيام)

 جڏهن حياتيءَ ۾ گند ڀرجي ويندو آهي، تڏهن ليکڪ کي فقط سندس پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ ۽ دنيا کي ٻڌائڻ ئي سجهندو آهي. اها آتم ڪٿا بهانو هوندو آهي انهيءَ جي توجهه پاڻ ڏي ڇڪڻ جو، جنهن ليکڪ کي لکڻ تي مجبور ڪيو هوندو آهي. منهنجي ذاتي معاملي ۾ مشڪل اها آهي ته اهڙيون سوين آهن، جن جي توجهه مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪائڻي آهي.

هي منهنجي آتم ڪٿا منهنجي آخري ڪوشش آهي، ڪجهه لکڻ جي، تنهن کانپوءِ مون لاءِ Deluge (مڪمل خاتمو) آهي. الائجي مان صحيح پيو لکان يا غلط! هونئن آتم ڪٿا سڀني ليکڪن جي هڪ جهڙي هوندي آهي، جو سڀيئي ليکڪ پنهنجي زندگي ۾ ساڳيو ئي گند ڪندا آهن. ڪجهه وقت اڳ ڪنهن مون کان پڇيو هو ته، تون جو لفظ گند استعمال ڪندو آهين، سو انهيءَ لفظ گند مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ مان ڳالهه هيٺ مٿي ڪري ويس، مان بيوقوف آهيان جو سمجهان ته هن لفظ گند جو مطلب نه سمجهيو هوندو!

هي آتم ڪٿا انهن ٻن اکين جي ڪٿا آهي، جيڪي نظر جي عينڪ پويان رهنديون آهن ۽ جن ۾ جڏهن ٽهڪ جو هلڪو اثر ظاهر ٿيندو آهي ته منهنجي دنيا انهن ٻن اکين ۾ ئي ٻڏي ويندي آهي. اهو سڄو معاملو هڪڙي ننڍڙي ڍڪ جو آهي. ائسٽرانامي، فزڪس، يا جاميٽري پڙهي اوهان ڪائنات جو وسيع دائرو ڏسي حيران ٿي ويندا. ڪائنات جو ڪنهن به طرف انت ڪونهي. ڪائنات ته وسيع آهي، پر ڪائنات کان وڌيڪ وسيع منهنجي دل جي اها دنيا آهي، جا هن جي وجود ۾ سمايل آهي.

مان اوهان کي هڪڙو راز ٿو ٻڌايان، جيڪو اوهان اڳيئي ڄاڻو ٿا. ڪنهن به ليکڪ جي زندگي ۾ ڪا به عورت ڪا به اهميت نٿي رکي. ليکڪ جيڪو لکندا آهن، جنهن کي پڙهندڙ اجائي اهميت ڏيندا آهن. ڪنهن گروهه کي گمان هو ته مان هنن مان فقط هڪڙيءَ کي سڃاڻان ۽ ٻين کي درگذر ڪريو ڇڏيان. اها حقيقت به هئي، پر ان گروهه کي ڄاڻ نه هئي ته مان اکين کان جڏو هوس ۽ فقط ڪنهن هڪڙيءَ کي پنهنجو سمجهي ٿي سگهيس. مون ڪوڙ ڳالهائيندي چيو ته مان ان گروهه مان هر هڪ کي سڃاڻان ۽ ڪي نالا به وٺي ويس. اوهان لاءِ مان ليکڪ آهيان، جو اوهان هي ڪالم پڙهي آيا آهيو. منهنجي مرڻ کانپوءِ اوهان مان ئي ڪو لکندو ته حليم بروهي آسمان مان لٿو هو. حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ جي رڪارڊ مطابق منهنجو ننڍو ڀاءُ عبدالعليم (جمون) جيڪو هاڻ آمريڪا جو رهاڪو آهي، سو مون کان ٽي مهينا وڏو آهي. آمريڪا جي رڪارڊ ۾ هن جي ماءُ جو نالو غلام فاطمه ۽ منهنجي ماءُ جو نالو شهزادي لکيل آهي. جيتوڻيڪ اسان ٻنهي جي ماءُ اها ساڳئي هئي، جو امان جو ڄم وقت نالو غلام فاطمه رکيو ويو هو ۽ شاديءَ کانپوءِ امان کي سندس ساهرن ۾ شهزادي سڏيو ويندو هو. جن کي اوهان ريسرچ اسڪالر سمجهندا آهيو، تن جي لکتن کان پري رهو، بلڪه پري ڀڄو، هنن کي مشڪرا سمجهو.

انگريزي ٻوليءَ جي شاعر لارڊ بائرن کي بخار/تپ هو، سو ڊاڪٽرن هن جي جسم مان رت ڇڪي ڪڍيو ته جيئن رت جي وهڪري جي تکائي گهٽ ٿئي ۽ جسم جي گرمائش گهٽ ٿئي. ان زماني ۾ ميڊيڪل سائنس مطابق بخار جو سبب فقط رت جو جسم ۾ تکو وهڻ هو، سو ڊاڪٽر مريض جو بخار گهٽائڻ لاءِ مريض جي جسم مان رت ڇڪي ڪڍندا هئا ته جيئن مريض آرام ڪري. بائرن جو بخار نه گهٽيو، سو ڊاڪٽر هن جي جسم مان رت ڪڍندا رهيا. بائرن چوندو به رهيو ته، هن جي جسم مان رت ڪڍڻ جو لڳاتار سلسلو هن کي موت تائين پهچائيندو، پر ڊاڪٽر مائي باپ هئا ۽ بائرن پنهنجن ئي خير خواهه ڊاڪٽر هٿان رت ڏيندي مري ويو. بائرن جهڙا ماڻهو وڃائي ميڊيڪل سائنس اها ترقي ڪئي، جنهن کي پاڻ اڄ ميڊيڪل سائنس چئون ٿا. آسڪر وائلڊ جهڙي ماڻهوءَ کي جيل اماڻي ۽ تباهه ڪري، پوءِ هم جنسيات کي قانوني حيثيت ڏني وئي. شرم اچڻ گهرجي هنن کي، جيڪي حاڪم ۽ حڪمران هئا. ٻڏي مرڻ گهرجي هنن کي، جن هيرن جهڙن سنتن کي ڪهي هنن جي لاشن تي معاشري جي ترقي جو ڍونگ رچايو آهي.

مان سنت نه آهيان، فقط انڌو رهيو آهيان. جيڪي ڪجهه مون اڄ تائين لکيو آهي، سو فقط هڪ اک سان لکيو آهي.

haleembrohi@hotmail.com