مفاهمت!

 

 

خميس 28 مئي 2009ع

 

  جيڪڏهن اوهان کي خبر هجي ته حليم ڇا چوندو ۽ ڇا بابت ڳالهائيندو ته اوهان وٽ سبب ڪهڙو رهندو حليم کي ٻڌڻ جو؟ جيڪڏهن اوهان کي ڄاڻ هجي ته حليم پنهنجن ليکن ۾ ڇا لکندو يا ڇا لکندو آهي ته اوهان وٽ سبب ڪهڙو هوندو حليم جو ليک يا لکڻيون پڙهڻ جو؟ اهڙي ماڻهوءَ کي ٻڌڻ يا پڙهڻ وقت به ضايع ڪرڻ آهي ۽ پنهنجو دماغ به خراب ڪرڻ آهي، مان فقط ڪاوش اخبار پڙهندو آهيان ۽ ان ۾ به فقط اهو ته ڪير ڪنهن سان ڀڄي وئي، ڪير ڪنهن کي زوري کڻي ويو، ڪٿي ڪير مارجي ويا، ڪٿان ڪير کڄي ويا. ممبئي، هاليوڊ ۽ ڪي ٽي اين جي دنيائن ۾ ڇا پيو ٿئي ۽ پوءِ ٻارن ۽ جوانن لاءِ ڇپيل رنگين صفحا خيال سان پڙهندو آهيان، باقي رهي سياست ته سياسي ليکن بابت مان فقط اهو  ڏسندو آهيان ته ليکڪ ڪير آهي ۽ ڪهڙا آهن، ڇو ته انهن جي نالن مان ئي سمجهي ويندو آهيان ته ڪهڙي ليکڪ ڇا لکيو هوندو. ڪڏهن ڪنهن ليکڪ جي ڪنهن سٽ تي نظر پئي ويندي آهي ته کل نڪري ويندي آهي، فقط  ڪو بيوقوف هوندو جو هن دور ۽ هن زماني ۾ اها اميد رکي ويٺو هوندو ته سنڌي ليکڪ ڪنهن سنڌي اخبار ۾ پ پ جا نقص ۽ خاميون به ڄاڻائي. مان ۽ مون جهڙا سوين جي سياست تي نٿا لکن ته ان جو سبب فقط اهو آهي ته ماڻهن ۾ سچ ۽ سڌي ڳالهه سهڻ جي عادت بنهه ناهي. اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ جي ايم سيد بابت ڪا حقيقت لکڻ به وڏو ڏوهه هو. ڪنهن صاحب بابت سواءِ ساراهه جي ڪجهه به ٻيو لکڻ چريائپ ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي.

 ڳالهه اڄ جي ناهي، ڪيئي ڏهاڪن جي آهي، شايد ڪجهه صدين جي  آهي. گڏهه به تڏهن سمجهي سگهيو ٿي ته ڪالاباغ ڊيم کي ضرور ٺهڻو آهي، پر سنڌين کي اها معمولي ڳالهه به سمجهه ۾ نه آئي ۽ سدائين احتجاج ڪندا آهن ته اها ڊيم نه کپي ۽ سندن چونڊيل وزير ۽ ميمبر گشا پتا هڻندا آيا آهن ته ڪابالاغ ڊيم نه ٺهندي. جيڪڏهن اهي وزير ۽ ميمبر گشا پتا نه هڻن ته وزير ۽ ميمبر ئي نه رهن. جڏهن اهو ارادو پڪو ٿي ويندو ته هاڻ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي، تڏهن هي ملڪ ڪنهن ٻئي صوبي جي حڪومت هيٺ هوندو ۽ پوءِ اوهان جا سنڌي وزير ۽ ميمبر (اڄوڪا) فخر سان چوندا ته ڏٺو، جيسين اسان هواسون تيسين اسان اها ڊيم ٺهڻ نه ڏني!.

 جيڪي اوهان جا وزير ۽ نمائندا ڦليلي ڪئنال جو زهريلو پاڻي بدين ڏانهن وهڻ کان روڪي نٿا سگهن، تن هاڻ اعلان ڪيو آهي ته پنجاب کان ايندڙ زهريلو پاڻي روڪڻ لاءِ مرڪزي سرڪار سان رابطو ڪيو ويندو! اها مشڪري ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ پڇڙي جو زميندار سدائين عذاب ۾ هوندو آهي ۽ سنڌ ۽ سنڌين کي  ڪئين صديون اڳ سمجهي وڃڻ کپندو هو ته پنجاب جي معاملي ۾ سنڌ پڇڙي جو صوبو آهي، پنجابين جي معاملي ۾ سنڌي پڇڙي جا زميندار آهن ۽ تنهن ڪري عذاب هنن جو مقدر آهي. انهيءَ عذاب جو علاج آهي، پر اهو علاج اوهان جي ڪرتائن ڌرتائن ۽ پاڻ اوهان کي به سمجهه ۾ نه ايندو. مون انهن معاملن تي پنهنجن ڪتابن ۾ گهڻو ڪجهه  لکيو آهي ۽ هاڻ پنهنجو مٿو وڌيڪ  کپائڻ لاءِ تيار نه آهيان.

 فرنٽيئر واري اسفنديار ولي هڪڙو اهڙو سوال پڇيو آهي، جنهن تي هن کي اميتاڀ بچن وٽان هڪ ڪروڙ رپئي جو انعام ملڻ گهرجي. هن فرنٽيئر ۽ فاٽا وغيره ۾ جنگي حالتون ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو رستو (جنهن کي پاڻ مفاهمت چوڻ به سکي ويا آهيون) اختيار ڪرڻ لاءِ زور ڀريندي پڇيو آهي ته دنيا جي تواريخ ۾ ڪا به اهڙي جنگ ڏيکاريو، جنهن جو فيصلو توبن ۽ بندوقن سان ٿيو هجي؟ وڏي عقل جي ڳالهه ڪئي اٿس، ٻي مهاڀاري لڙائي (هٽلر واري) به انهن ڳالهين جي ڪري ختم ٿي جيڪي هٽلر، چرچل ۽ آمريڪا وارن دبئي، اسلام آباد ۽ مريءَ ۾ ڪيون هيون؟ سڄي يورپ جي تباهي ۽ لکين ماڻهن جو بمن توبن سان مرڻ فقط چرچو هو، جپان ۾ ٻه ائٽم بم ڪيرائڻ به مفاهمت جو هڪڙو نمونو هو، جنهن بابت جپان ۽ آمريڪا وارن ناگاساڪي ۽ هروشيما ۾ ويهي ڳالهين رستي طئي ڪيو هو. پهرين مهاڀاري لڙائي به انگريزن، جرمن ۽ اٽالين ماڻهن آفريڪا جي بيابانن ۾ ٽينڪن ۾ ويهي ڳالهيون ڪري ختم ڪرائي هئي، منگولن جڏهن به هندستان تي قبضا ڪري هندستان جي ماڻهن جو قتل عام ڪيو هو، سو به سدائين باهمي مفاهمت سان ٿيو هو. بابر جو هندستان جو حڪمران ٿيو هو، تنهن به هندستان جي ماڻهن سان ڊگهيون ڳالهيون ڪيون هيون، احمد شاهه ابدالي به مفاهمت سان هندستانين کي راضي ڪري دهلي ۾ اچي ڏهه هزار ماڻهو مارائي هليو ويو. نادر شاهه جي مفاهمت ته دهليءَ کان بنگال تائين هلي وئي، محمود غزنوي افغانستان مان نڪرڻ کان اڳ دوارڪا جي ٻاون کي اتي گهرائي ڪڏهن ظهرانه ڏيندو هو ته ڪڏهن رات جي ماني کارائي هنن کي راضي ڪري پوءِ هندستان ۾ قدم رکندو هو. آمريڪا وار به ريڊ انڊين (اصلوڪا آمريڪي) ماڻهن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري انهن کي قتل ڪندا هليا. سڄي تواريخ ڀري پئي آهي انهن ظلمن سان جيڪي توبن، بندوقن، بمن، تلوارن ۽ خنجرن جون ڪهاڻيون آهن. ڇهن سالن کان آمريڪا وارا عراق ۾ ڇا مفاهمت جون ڳالهوين پيا ڪن؟ هنن جو واسطو ڪهڙو آهي عراق ۾ هجڻ جو؟ ۽ افغانستان ۾ ڇا ٻه لک ماڻهو اچي آمريڪي-افغاني مفاهمت ۾ حصو وٺندا؟ اسفنديار ولي خان غفار خان جهڙي عظيم ماڻهوءَ جو پوٽو آهي، هو ڀل چئي ته ڳالهين ذريعي فيصلو ڪريو، پر اهو ڪوڙ هن کي نه ڳالهائڻ گهرجي ته دنيا ۾ ڪڏهن ڪا گولي نه هلي آهي، ڪا توب نه هلي آهي، ڪو بم نه ڪريو آهي.

 هن دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ڪوڙ اهو آهي ته فتح سدائين سچ جي ٿيندي آهي. مان ٿو اوهان کي ٻڌايان ته هن دنيا ۾ فتح سدائين پاور جي ٿيندي آهي. جيڪڏهن اوهان جي هٿ ۾ پاور آهي ته اوهان فاتح آهيو، هي دنيا آهي ۽ جنهن جي هٿ ۾ پاور آهي، سو ئي حاڪم آهي پوءِ ڀل حاڪميت هن کي ڌاڙي ۾ ئي ملي هجي. مفاهمت جو مطلب آهي ته ڳالهائيندا هلو ۽ ڪنهن به فيصلي تي نه پهچو ۽ نه ڪنهن ٻئي کي پهچڻ ڏيو.

haleembrohi@hotmail.com