محقق!

 

 

ڇنڇر 28 مارچ 2009ع

 

   هي جيڪي صبح شام ۽ ڏينهن رات هر هنڌ هر هڪ اسٽيج تي چڙهي اهو ئي چوندا آيا آهن ۽ چوندا رهن ٿا ته سنڌي ادب دنيا جي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پيو هلي، تن کان پڇو ته گذريل سئو يا ٻه سئو سالن ۾ ڪهڙو اهڙو سنڌي ڪتاب ڇپيو آهي، جيڪو انهيءَ لائق هجي جو هن جو ذڪر به انهن ڪتابن سان گڏ ٿئي، جن جو ذڪر عبدالقادر جوڻيجو پنهنجي 2008ع بابت ليک يامضمون ۾ ڪيو آهي؟ اهو مضمون ڪاوش ۾ ئي ڇپيو آهي ۽ تنهن ڪري انهن ضرور پڙهيو هوندو، جيڪي هر موقعي، هر تقريب ۾بس اهو ئي چوندا آهن ته سنڌي ادب دنيا جي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پيو هلي.

   شايد ئي ڪو نوبل پرائيز يا بُڪر پرائيز يافته ڪتاب هجي، جيڪو عبدالقادر جوڻيجي وٽ نه هجي، ۽ هن نه پڙهيو هجي. هو ڄاڻي ٿو ته دنيا ۾ ڇا ڪجهه ڇپيو آهي ۽ ڇا ڪجهه ڇپجي پيو، ۽ هو ڄاڻي ٿو ته سنڌي ادب اڃا ڄائو ئي ناهي ۽ ڄمبو به ڪو نه. سنڌي ادب جا اهي زميندار، وڏيرا ۽ ڀوتار جيڪي هر هڪ تقريب ۾ ڪرسين جي اڳين لائين ۾ ويٺل هوندا آهن ۽ اسٽيج تي چڙهي هوائن ۽ انڌن ٻوڙن کي ٻڌائيندا آهن ته، سنڌي ادب شاهراههِ ترقيءَ تي تمام گهڻو اڳتي هلي رهيو آهي، سي رڳو سنڌين کي بيوقوف  ٺاهيندا رهيا آهن. انهن سنڌي ادبي وڏيرن ۽ ڀوتارن پاڻ ته ڪو هڪڙو به اهڙو ڪتاب نه لکيو آهي، جنهن جو ذڪر فڪر عام ماڻهن وٽ هجي، سو پنهنجو شرم لڪائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي محقق جو درجو ڏيندا آهن. دنيا ۾ محقق جو درجو وڏي اهميت ٿو رکي، پر انهن سنڌي محققن هتي سنڌ ۾ محققن کي پاڻ جهڙي مٿاڇري سطح جي ذهنيت جي قابل رکيو آهي.

   اهي جيڪي هر هنڌ هر موقعي تي انتهائي بي شرميءَ سان چوندا آهن ۽ اهو به اسٽيجن تان ته سنڌي ادب دنيا جي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي پيو، سي پاڻ کي محقق جو درجو ۽ خطاب ڏيئي انهيءَ جوابداريءَ کان بري ٿيو وڃن ته ڪن به پنجن يا ڇهن ڪتابن جا نالا ڏين جيڪي سنڌيءَ ۾ هجن ۽ انهيءَ لائق هجن، جن جو ذڪر عبدالقادر جوڻيجو پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڪري سگهي. سنڌي ٻوليءَ جي انهن وڏيرن ۽ ڀوتارن کي ياد رکڻ گهرجي ته عبدالقادر جوڻيجي فقط هڪڙي سال 2008ع جي ڪتابن جو ذڪر انهيءَ مضمون ۾ ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه پنجٽيهه، شايد انهيءَ کان به مٿي، ورهين جا ڪتاب عبدالقادر جوڻيجي جي دل تي لکيل آهن. مان کانئس اوڌر تي ڪتاب وٺندو هوس ۽ پڙهي موٽائي ڏيندو هوسانس.

   محمد علي قاضي سنڌي سوسائٽي جي تبديلي چاهي ٿو. هن صاحب جي مرضي آهي ته سنڌي ماڻهو سڌرن ۽ ترقي ڪن. علي صاحب کي سڀ کان پهرين انهن ٺڳ محققن ۽ سنڌي ٻولي جي ٺيڪيدارن کان سنڌي سماج کي آجو ڪرڻو پوندو. اسان جي سوسائٽي ۾ ڪوڙ ۽ گشا پتا تمام گهڻا هليا آهن، اهو جيڪو اسٽيج تي چڙهي سنڌين کي ڪوڙ ٻڌايو ٿو وڃي ته توهان جي ٻوليءَ ۾ عاليشان ادب ڇپيل آهي، سو ڪوڙ سنڌين کي غلط فهميءَ ۾ وجهيو ڇڏي. سنڌ ۽ سنڌين جي بربادي ۽ تباهي جو ڪارڻ اهو ڪوڙ آهي، جيڪو ادب ۽ ٻوليءَ جي نالي ۾ اهي سنڌي محقق  سنڌين کي اسٽيجن تان ٻڌائيندا رهيا آهن ۽ سنڌين کي خوشفهمي ڏيندا رهيا آهن. انهن ٺڳن جو اسٽيج تي چڙهڻ ۽ ڳالهائڻ  ئي بند ٿيڻ گهرجي.

   هي جيڪي سنڌي پي ايڇ ڊي آهن، تن جون ٿيسزون اوهان ڏٺيون آهن، جيڪي سنڌالاجي ۾ رکيون آهن ۽ جن تي هنن کي پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جا سرٽيفڪيٽ ۽ ڊپلوما مليل آهن؟ اوهان هڪ ڀيرو ضرور پڙهي ڏسو ۽ ڏسو ته هنن فقط اها ڊپلوما وٺڻ لاءِ پنهنجي گائيڊ ۽ ٻين پروفيسرن جي ڪيتري خوشامد ڪئي آهي. اهي جيڪي پروفيسر ٿي رٽائر ٿي اڃا به ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ کان باز نٿا رهن، تن کي الائجي اڃا ڇا کپي؟ اوهان مهرباني ڪري هنن جون لکيل ٿيسزون پڙهو، اوهان کان وڏا وڏا مشڪرا به وسري ويندا. هنن جي لکيل ديباچن جي هڪ هڪ سٽ تي اوهان کي ٽهڪ نڪري ويندو.

   هي محقق ڪيئن محقق ٿي ويا آهن، جڏهن هنن ڪا تحقيق ئي نه ڪئي آهي؟ هنن مان ڪنهن ڪا اهڙي کوجنا ڪئي آهي، جنهن جي ڄاڻ ماڻهن کي اڳ نه هئي؟ پي ايڇ ڊي هڪ ڊپلوما آهي، جيڪو فقط اهو ٻڌائي ٿو ته جنهن وٽ اها ڊپلوما آهي، سو هن قابل آهي ته تحقيقات ڪري. اها ڊپلوما اهو نٿي چوي ته هن ڊپلوما جو مالڪ ڪا تحقيق ڪري چڪو آهي. هتي هڪڙي لوڌ آهي، پي ايڇ ڊين جي، جيڪي پاڻ کي محقق ڄاڻائي هر ڪنهن اسٽيج تي چڙهيو وڃن ۽ راڳ ڳائڻ ٿا شروع ڪن ته سنڌي ادب دنيا جي ادب سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي پيو هلي. لڀي لوڻڪ ڪانه، سڌون مريڙي جون.

   جيڪي ڪجهه سنڌيءَ ۾ سٺو لکيو ويو آهي ۽ ماڻهن کي وڻيو آهي، سو انهن لکيو آهي، جن جو ماستري پيشي سان ڪو به تعلق نه رهيو آهي. امر جليل ماستر نه رهيو آهي ۽ نه وري عبدالقادر ماستري ڪئي آهي. اوپن يونيورسٽي ۾ نوڪري ماستري ناهي. ماستري ماڻهو کي انهيءَ قابل نه ڇڏيندي آهي ته هو ڪو ڪتاب لکي. اسٽيفن ليڪاڪ لکي ٿو ته، جڏهن مون کي پي ايڇ ڊي جي ڊپلوما ملي، تڏهن مان سمجهي ويس ته هاڻ منهنجو دماغ هن قابل نه رهيو آهي، جو ڪا عقل جي ڳالهه به سوچي. اوهان هنن پي ايڇ ڊيز کي اسٽيج تي ڳالهائيندي ٻڌو ۽ ڏسو ته ڪيئن ٿا فقط ساڳيون ڳالهيون ورجائين، ڪڏهن به ڪا به نئين ڳالهه نٿا اچارين. هي هڙيئي دنيا جي ادب جي معاملي ۾ ڪورا ۽ مڪمل جاهل آهن. هنن کي ڪابه ڄاڻ ناهي ته دنيا ۾ ٻين ٻولين ۾ ڪهڙا ڪتاب ڇپيا آهن. هنن کي فقط شيڪسپيئر  جي نالي جي ڄاڻ آهي، جنهن کي به هنن ڪڏهن ڪو نه پڙهيو. عبدالقادر جوڻيجو ته نئين ٽهي سان گڏ پيو هلي، مان ڪجهه پراڻي ٽهي جو ماڻهو آهيان. اهي جيڪي پي ايڇ ڊي گهاگهه واڳون اوهان پاليا آهن، سي به پراڻي ٽهي جا آهن، پر هنن کان پڇو ته هنن ڪڏهن ڪو ڪتاب جيمس مچز، جيمس ڪليول، يا هيمنڊ انس جو ڏٺو به آهي؟ هرگز نه، هي اسٽيج تي اچي فقط هڪٻئي کي ڏاهو، محقق، دانشور وغيره جا خطاب ڏيڻ ۾ ڀڙ آهن.

   سنڌ ۾ علي قاضي جي گهربل تبديلي آڻڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪوڙ ۽ ڍونگ جو اهو ناٽڪ ختم ڪيو وڃي، جيڪو انهن رٽائرڊ پروفيسرن جي جان آهي.

haleembrohi@hotmail.com