ڪانٽو ۽ واندا

 

 

 

 

سومر  26  جنوري  2009ع 

 

 

.مان ڪهڙي اٺ، خچر، گڏهه يا ڇڇوندر جي پيرين پيو آهيان ته خدا جي واسطي منهنجي لکت يا منهنجا ڪالم پڙهي؟ ڪنهن هڪڙي جو نالو ته ٻڌايو. منهنجي لکت ۽ منهنجيون لکڻيون ته منهنجن ٻارن به نه پڙهيون آهن. سو جي منهنجي لکت ۽ منهنجا ڪالم اوهان کي نٿا وڻن ته اوهان اهي پڙهو ڇو ٿا؟

.ڪي به ٻه کوپڙيون هڪ جهڙيون نه هونديون آهن، انهن ٻنهي اندر جيڪو گند ڀريل هوندو آهي، انهن ۾ تفاوت ضرور هوندو آهي. مان پنهنجي کوپڙي اندر ڀريل گند کان ڪم وٺندو آهيان ۽ اوهان پنهنجين کوپڙين اندر ڀريل گند کان ڪم  وٺندا آهيو. ڪهڙي مصيبت ٿي پئي ۽ ڪهڙو عذاب ٿي پيو، جو اوهان جي لکين کوپڙين جي ڍڳ ساري گند ۽ مون اڪيلي جي هڪڙي کوپڙي جي ٿورڙي گند ۾ تفاوت ٿي پيو؟

.پنهنجي شڪل مون کي پاڻ کي به نه وڻندي آهي. مون وٽ ته چوائس/چونڊ ناهي جو مون کي ٻين جون شڪلون به نه وڻنديون آهن، پر اوهان وٽ ته چوائس آهي، جي اوهان کي منهنجي شڪل نٿي وڻي ته ٻين جون شڪلون ڏسو.  جي اوهان کي منهنجي لکت ۽ لکڻي نٿي وڻي ته ٻيا جيڪي چاليهه هزار ليکڪ آهن، انهن کي پڙهو. منهنجا لکيل ليک ۽ لکيتون درسي ڪتاب ناهن جو اوهان ضرور پڙهو. جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو هو، تڏهن مون کي يقين هو ته مون کي ڪو به پڙهندو جو سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ انگريزي پڙهڻ جو رواج نه هو. اڄ جي ڪي ٽي اين تي Seeds جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اها وڏي ڳالهه آهي.

.درسي ڪتاب لکندڙن جو ڪو به تعلق سندن لياقت يا اهليت سان نه هوندو آهي، اثر رسوخ هلندو آهي، چئو چوا هلندي آهي، چاپلوسي  هلندي آهي ۽ پيسن جي ورهاست ٿيندي آهي. درسي ڪتابن جي ڇپائي به انهن ئي بنيادن تي ٿيندي آهي. انهيءَ رشوت خور ماحول ۾ ئي سهي، انگريزي/رومن اکرن جا پرائمري ڪتاب لکجي ۽ ڇپجي سگهجن ٿا پر ائين سولائي سان ٿيڻ نه ڏنو ويندو، جو جن ڪيئي ڏهاڪا تمام گهڻو مال کائي ڏٺو آهي، سي پنهنجي رزق ۾ گهٽتائيءَ خلاف آخري مورچي تائين وڙهندا.

.انهن واندن وٽ ڪو ڪم ڪونهي ڇا، جو اخبارن ۾ ۽ خاص ڪري ڪاوش ۾ منهنجا ليک پڙهي انهن ليکن ۾ وڏون ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري خوش ٿي وڦل ڪري، اها وڦل ڇپائيندا آهن؟ هي واندا اخبارن ۾ پنهنجا لکيل ليک ڇو نه پڙهندا آهن. مان اخبارن ۾ فقط پنهنجا لکيل ليک پڙهندو آهيان ۽ ڪنهن به ٻئي جي ليک ڏي نهاريندو به نه آهيان. چڱي طرح سکي ۽ سمجهي وٺو ته اوهان جي انهيءَ وڦل جو مون تي، منهنجي ذهن تي، منهنجي سمجهه تي ڪو به اثر نه پوندو. اوهان پاڻ پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو ته مرڳو اوهان پاڻ سڌري مون جهڙا نه ٿي پئو. اهو به ياد رکي ڇڏيو ته ائين جلد ٿيڻو آهي.

.اوهان پنهنجن وڏن کان پڇو، مون ڪيئي ورهيه کين کلايو. هاڻ وقت آيو آهي، اوهان جي سکڻ جو. مان فقط هڪڙ ڳالهه کان ڊڄان ٿو ۽ اها آهي هي ته، جي سڀاڻي توهان مون کان وڌيڪ عقلمند ٿي ويا ته پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟ تنهن ڪري اوهان مهرباني ڪري جهڙا آهيو تهڙا ئي رهو ۽ مان جهڙو آهيان مون کي تهڙو ئي رهڻ ڏيو.

.اوهان ڪڏهن يوگنڊا جي ادب يا اديب بابت ڪجهه ٻڌو آهي؟ ڀلا اوهان ڪڏهن مومباسا جي ادب يا اديب بابت ڪجهه ٻڌو آهي؟ هرگز نه، اهو ئي حال سنڌي ادب ۽ سنڌي ليکڪ جو ٿيندو جي اوهان آڏن ابتن اکرن تان ڪانٽو بدلائي انگريزي اکر پنهنجا نه ڪيا.

.تماشا فقط ميلن ۽ نمائش ۾ ئي نه ٿيندا آهن،  اصل رڪارڊ مطابق سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جتي وائيس چانسلر جو بنگلو آهي، اتي ايڊمنسٽريشن بلاڪ ٺهڻو هو، جتي اڄ ايڊمنسٽريشن بلاڪ آهي، اتي وائيس چانسلر جو بنگلو ٺهڻو هو. مهراڻ يونيورسٽي جا ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي جي هئي، سا رڪارڊ جي ابتڙ اترئين کي ڏکڻ ۽ ڏاکڻي کي اتر پاسي ٺاهيو ويو. سو تماشا فقط ڳوٺن جي ميلن ۽ شهرن جي نمائش ۾ ئي نه ٿيندا آهن. جتي سنڌالاجي جي عمارت ٺهيل آهي، اتي ان عمارت هيٺ بيس مينٽ ٺهڻي هئي، جا نه ٺاهي وئي. سورهن آنا خاطري آهي مون کي ته سڄو اصلوڪو رڪارڊ انهن ادارن جو غائب ۽ اڻ لڀ هوندو. هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ڪيرايل ايٽم بم انهن ادارن تي ڪيرائجن ها، پر افسوس جو ان زماني ۾ اهي ادارا اڃا ٺاهيا ئي نه ويا هئا. آهيان ته ٻوڙو ۽ ٽن مهينن ۾ باقائدي انڌو به هوندس. پر جي ان کانپوءِ به مون کي موقعو مليو ته اهي ٽيئي ڪم مان ڪري ويندس.

.هاڻ ويهي پاڻ ۾ بحث ڪريو ته حليم بروهي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، گشا هڻي، انڌو ٻوڙو ٿي هي ٽي ايٽم بم ڪيئن ڪيرائي سگهندو؟ خيرپور يونيورسٽيءَ وارا خوش هوندا ته حليم بروهي اتي ڀرتي نه ٿيو هو. مان رڳو ڄامشوري وارو ڪم پورو ڪري وٺان، پوءِ خيرپور يونيوسٽيءَ ۾ ڀرتي ٿيندس، جنهن لاءِ مون اسپيئر ۾ ڪن ۽ اکيون رکيون آهن.

haleembrohi@hotmail.com