حواس

 

 

خميس  26  فيبروري 2009ع 

 

                  پيار ۽ نفرت ساڳئي سڪي جا ٻه پاسا آهن،  جي اوهان جي اندر ۾ پيار بي انتها آهي ته نفرت به بي انتها هوندي ۽ جي نفرت بي انتها هوندي ته پيار به بي انتها هوندو. خوش نصيب اهي آهن، جن جي اندر ۾ اهي ٻئي جذبا ڪونهن. جيڪو انهن ٻنهي جذبن کان بلڪل ڪورو آهي، سو سڀ کان وڌيڪ خوش نصيب آهي.

 جنهن کي قسمت چئبو آهي، تنهن جي ٺهڻ يا ڊهڻ جو دارو مدار انهن ئي پيار ۽ نفرت جي جذبي تي آهي. جي اوهان چاهيو ٿا ته اوهان خوش نصيب ثابت ٿيو ته انهن ٻنهي جذبن کان پري رهو. جيڪي ڪجهه ٿئي پيو تنهن کي ٿيڻ ڏيو. جيڪو ڪجهه ڪري پيو، تنهن کي اهو ڪرڻ ڏيو. اوهان پاڻ کي پاڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو، بلڪل مطلبي ۽ خود غرض ٿي وڃو. اهي چڱايون آهن، جن کي مطلبي ۽ خود غرض ماڻهن خرابين ۾ ڳڻيو آهي.

مطلبي ۽ خود غرض هجڻ خوشقسمتي جي نشاني آهي. اوهان کي جيڪي ڌڪ لڳندا آهن، دل تي يا آنڊن ۾، سي اهي هڻندا آهن، جن کي اوهان پيار ڏنو يا جن سان اوهان نفرت ڪئي.

 جي اوهان خوش بخت آهيو ته اها خوش بختي قائم رکڻ لاءِ بدبختن کان پري رهو. جيڪي اوهان کي وڻندا آهن، تن کان پري رهو. جيڪي اوهان کي ڀائين ٿا، تن کي ڀائڻ ڏيو، جو هو بيوقوف آهن ۽ پاڻهي ڌڪ کائيندا.

 جن کان اوهان کي نفرت آهي، تن سان کلي ڳالهايو. جن کي اوهان کان نفرت آهي، تن جو ڪو وجود ڪونهي، جو اوهان فقط غلط فهمي جو شڪار آهيو. ڪنهن به ماڻهوءَ جي اندر جي جذبي سان اوهان جو واسطو ناهي، اها فقط لفاظي آهي، جنهن پيار ۽ نفرت جهڙن جذبن کي هوا ڏني آهي.

علم ۽ اخلاق اهم ناهن، هوش ۽ حواس اهم آهن. اوهان ٻڌي سگهو ٿا؟ ڏسي سگهو ٿا؟ سنگهي ۽ چکي سگهو ٿا؟ ڪنهن زماني ۾ هڪڙي بداخلاق شخص اخلاق تي ڳالهايو هو، جن هن کي بداخلاق چيو تن وٽ اخلاق نه هو، علم ۽ اخلاق غير اهم صفتون آهن، جن جي باري ۾ ڳالهائبو آهي، لکبو آهي، تقريرون ڪبيون آهن. انساني وجود جو بنياد حواس آهي ۽ هوش حواسن جو مجموعو آهي.

 علم ۽ اخلاق انساني ذهن تي زوريءَ ٿاڦيل آهن. اکيون ٻوٽي زندگي گذارڻ ڏوهه آهي، علم ۽ اخلاق ماڻهوءَ کي انڌو ڪريو ڇڏين. يورپ ۽ آمريڪا وٽ هوش ۽ حواس آهن، ايشيا وٽ علم ۽ اخلاق آهن. ايشيا انڌو آهي. يورپ ۽ آمريڪا وٽ اکيون آهن.

 هيڏانهن هوڏانهن نه نهاريو، جا شئي نڪ سامهون آهي، تنهن ڏانهن هٿ وڌايو، هوائون اوهان کي ڪجهه نه ڏينديون. جن هٿان سڀ ڪجهه ڇڏائي ويندو آهي ۽ جيڪي سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيندا آهن، سي تقدير جي ڳالهه ڪندا آهن. فلسفو حواس کي رد ڪريو ڇڏي، تنهن ڪري خطرناڪ آهي.

 پڇتاءُ انساني وجود جو لازمي حصو آهي، اڳي يا پوءِ، پڇتائڻو ضرور پوندو آهي. راهون، رستا ۽ واٽون بند ٿيو وڃن ۽ انسان قيد ٿيو وڃي. حواس جا رستا بند ٿيڻ نه ڏيو. نفسيات جي سمجهه وڌيڪ منجهايو ڇڏي. نفسيات علم ۽ اخلاق سان جڙيل هئڻ ڪري ماڻهوءَ کي انڌو ڪريو ڇڏي. حواسن تي ضابطو رکڻ لاءِ ضروري آهي ته نفسيات، فلسفي ۽ ادب کان پري رهجي.

فقط  شيڪسپيئر تائين ڳالهه محدود نه ڪريو، هن اهو چيو هو ۽ هن جو مطلب به اهو ئي هو ته دنيا هڪڙو اسٽيج آهي، جتي هر هڪ ماڻهو پنهنجو پارٽ ڪري، پنهنجو وارو ورائي، پويان لڳل پڙدي پويان هليو ويندو آهي. اهو پويان لڳل پڙدو سڏبو ئي گم پڙدو آهي. اها غلط فهمي ته اصل فيصلا پڙدي پويان ٿيندا، جي صحيح به هجي ته به ان سان اوهان جو واسطو ناهي. اوهان اسٽيج تي آهيو ته حواسن کان ڪم وٺو، عقل ۽ علم سان اوهان جو ڪو به واسطو ناهي.

اسٽيج تي اوهان کي فقط ائڪٽنگ ڪرڻي آهي ۽ تنهن لاءِ اوهان کي پنهنجا حواس سنڀالڻا آهن. اهو نه سوچيو ته اوهان مورتيون يا پتليون آهيو، اسٽيج  تي اوهان جيئرا جاڳندا ائڪٽر آهيو ۽ اوهان جي دل ۾ ڇا آهي، تنهن سان اوهان پاڻ به ٻڌل نه آهيو.

 جتي اوهان ڪو برباد حال ڏسو ته ڄاڻي وٺو ته هو  پيار ۽ نفرت جو ماريل آهي. پيار ۽ نفرت ساڳي قوت جا ٻه نالا آهن، ٻي ڪا به قوت ناهي، جن وٽ حواس ئي ناهن يا جن جا حواس نقص وارا آهن، تن جو ڏوهه ڪونهي، هو ته هونئن ئي بربادي جو شڪار ٿيڻا آهن.

فقط درسي ڪتاب پڙهو ۽ پنهنجن حواسن کي درسي ڪتابن تائين محدود رکو. هيڏانهن هوڏانهن اجايا ڪتاب پڙهي پنهنجي حواسن کي توائي نه ڪريو، پنهنجا حواس سنڀاليو، اهو آهي زندگي جو پهريون سبق.

 مان ننڍي هوندي کان ئي مختلف قسم جا ڪتاب ۽ رسالا وغيره پڙهندو هوس. ماڻهو واهه واهه ڪندا هئا ته حليم تمام گهڻو پڙهيل آهي، نتيجو هي نڪتو جو منهنجو ذهن دربدر ٿي ويو ۽ اهي جن پنهنجو پاڻ کي درسي ڪتابن تائين محدود رکيو هو، سي انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿي ويا. اها فخر جي ڳالهه ناهي ته مان گهڻو پڙهيل هوس، اها دراصل شرم جي ڳالهه آهي، ته مان دربدر ٿي ويس.

 اها حقيقت آهي ته مان پنهنجي باري ۾ تمام گهڻو سوچيندو آهيان. مون تمام گهڻيون غلطيون ڪيون، پر گهڻي ئي ڳالهيون مون تي قدرت طرفان مڙهيل هيون. تفصيل ٻڌائڻ مان ڪو به فائدو نه ٿيندو، پر تت اهو آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پنهنجن حواسن تائين محدود رکي ۽ پاڻ کي پکيڙي نه. مان ڏسان پيو ۽ اوهان به ڏسو ته جيڪي مختصر قسم جا ماڻهو هئا، سي اڄ خوش آهن ۽ جن مون وانگي پاڻ کي پکيڙيو هو تن لاءِ واهه واهه ته گهڻي آهي پر هو دربدر آهن.

haleembrohi@hotmail.com