پاڻ سڀيئي!

 

 

سومر 25 مئي 2009ع

 

 جيئن  اوهان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو ٿا، بلڪل تيئن مان به پنهنجو پاڻ کي چڱي طرح سڃاڻان. مان بلڪل چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو ته مون هيءَ دنيا به وڃائي ۽ هوءَ دنيا به وڃائي ڇڏي. منهنجا افعال ئي اهڙا هئا، جهڙا اوهان جا هئا ۽ اڄ به منهنجا افعال اهڙا ئي آهن، جهڙا اوهان جا آهن. مان ۽ اوهان سڀيئي پنهنجيون ٻئي دنيائون وڃايو ويٺا آهيون. مان اها ڳالهه مڃان ٿو، پر اوهان انڪاري آهيو، ڇو ته اوهان پنهنجو پاڻ کي خوامخواهه معتبر ثابت ڪندا آيا آهيو. مان ته ظاهر ظهور، کلم کلا ۽ اعلانن چوان ٿو ۽ مڃان ٿو ته مان باقائدي گدلو ۽ گندو آهيان، جو مان دل ۽ جان سان هُن سان ڳنڍيل آهيان، جنهن لاءِ مون کي ۽ اوهان کي حڪم مليل آهي ته هن جي ويجهو به نه وڃون. منهنجو وجود هن جي وجود کان الڳ ناهي، هن جو جسم منهنجي جسم جو تت آهي ۽ منهنجو ۽ هن جو روح ساڳيو هڪڙو هو، جنهن کي ڪٿي ٻه اڌ ڪري مون کي چيو ويو ته پنهنجي انهيءَ حقيقي اڌ جي ويجهو نه وڃجيئن! مان ٿو پڇان ته آخر مان ڇو پنهنجي ان پاڻ کان وڌيڪ پياري اڌ ڏانهن نه وڃان!؟ مون کي جواب کپي، سوال نه. سوال مون وٽ اڳيئي گهڻا آهن، رڳو ان وڏي ميلي جو انتظار ڪريو، جنهن جو واعدو ڪيل آهي ته ان ۾ هر هڪ ڳالهه جو فيصلو ٿيندو، ان ميلي ۾ منهنجا سوال ٻڌجو، اوهان کان ٽهڪ نڪري ويندا.

  اها سوچ ته هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش الڳ ٽي ملڪ آهن، انهن ٽنهي ملڪن جي رهاڪن جي دماغي خرابي جي نشاني آهي. اهي ٽيئي ملڪ دراصل ۽ درحقيقت هڪڙو ئي ملڪ هو، جا ڳالهه انهن ٽنهي ملڪن جي رهاڪن کي سمجهه ۾ نٿي اچي، سا اها سادي ڳالهه آهي ته ملڪيت (ملڪ) الڳ ڳالهه آهي ۽ مذهبي عقيدو الڳ ڳالهه آهي. مان رهان پاڪستان جي حدن ۾ ٿو پر عقيدي  طور (مذهبي طرح) مسلمان ٿو سڏجان، اشوڪ ڀاٽيا ملڪي طرح هندستان يا پاڪستان يا بنگلاديش ۾ رهي ٿو پر ڌرمي طرح هو هندو آهي. ساڳي طرح عطاءُ رحمان رهڻ لاءِ ته بنگلاديش ۾ آهي پر عقيدي طور مسلمان آهي. ملڪن جو ڪو به ڌرم يا مذهب يا عقيدو نه هوندو آهي.ڌرتي کي ملڪن ۽ مذهبن ۽ عقيدن ۾ ورهايو ويو آهي. جيڪڏهن هندو پاڪستان جو بارڊر ٽپي پاڪستان ۾ ايندو ته ڇا مسلمان ٿي ويندو؟ جيڪڏهن ڪشور بنگلاديش ويندو ته مسلمان ٿي ويندو؟ ابو الڪلام آزاد نهرو سان گڏ هو ته ڇا هندو مت جو ٿي ويو هو؟ جيڪڏهن پير صبغت الله شاهه ۽ سڀاش چندربوس ساٿي هئا ته  ڇا هنن پنهنجا عقيده ۽ متا بدلائي ڇڏيا هئا؟

 ڇو اچي انهن ڳالهين ۾ ڦاٿا آهيو؟ ڪنهن به زمين جو ڪو به ڌرم يا عقيدو ڪونهي ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ جو ڪو به ملڪ ڪونهي، سڄي دنيا رڳو ڦرمار تي پئي هلي ۽ هر هڪ ماڻهو رواجن، عادتن ۽ پنهنجي فطرت تي پيو هلي، جنهن کي ٿلهي ليکي ڌرم (نڪ، عزت) چئبو آهي. نڪ جي ڳالهه تان مون کي هڪڙو تمام سهڻو نڪ ياد آيو، پر مان پنهنجو پاڻ ۾ ڦاٿل آهيان ۽ هو آهي گورنر جو منهنجي در تي به ٻه ڌڪ هڻي مون کي جاڳائي نٿي ته مان آئي آهيان.

 ريتون، رواج، رسمون، عادتون، فطرتون ۽ سوچ جن سڀني کي گڏي/ملائي پاڻ هندو مت يا هندو ڌرم چوڻ جا عادي آهيون، اهي سڀيئي گڏجي به هڪ ويساهه آهي، جنهن کي پاڻ عقيده چوڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. آخر ڪو ته وقت ضرور هو (هوندو) جڏهن نه ريتون هيون، نه رواج هئا، نه رسمون هيون، نه عادتون ٺهيون هيون. سوچ ۽ سمجهه جو نالو نشان به نه هو. تڏهن ان وقت ڇا هو؟ واچ، گهڙيال، چنڊ تارا، سج ۽ گرهه به نه  هئا، جو وقت جو ڪاٿو ڪجي، جواب ڏيو سڌو، هيرا ڦيري وارو نه. جواب کپي سڌو، ٻن اکين وارو، ڪاڻو نه. ناز نخري ۽ ادائن وارو نه. ان وقت ڪهڙو عقيدو هو، ڪهڙو مذهب هو ۽ ڪهڙو ڌرم ۽ ڪهڙو مت هو؟ صاف ظاهر آهي ته ان وقت ڪجهه نه هو، نه وقت هو، نه خال هو، نه خيال هو.

 اسان جو ٿيو آهي دماغ خراب. پاڻ سڀيئي هڪ ۽ هڪ جهڙا آهيون، اسان کي مرڻ کانپوءِ اسان جي جسم تي چڙهيل گوشت ۽ چمڙي جو ڇا ٿيندو آهي؟ مٽي ٿي ويندو آهي سڀ ڪجهه ۽ پوءِ اسان جي هڏن جو ڇا ٿيندو آهي؟ اها ئي ساڳي مٽي! اڙي ڀائي، ٿيڻو ڪجهه ناهي، مٽيءَ مان آياسين ۽ مٽي ٿي وينداسين. ورهين کان موت جو انتظار ڪندي هاڻ مان بيزار ٿي پيو آهيان. سڀيئي وڏا ويا هليا، ڪافي ننڍا به هليا ويا پر مان جيئن جو تيئن حاضر آهيان. اها مشڪري ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڪو سسٽم هجي، ڪو طريقو هجي، پر هتي موت واري معاملي ۾ به جهڙي سرڪار پئي هلي! کائڻ پائڻ لاءِ غريبن وٽ ڪجهه ڪونهي ۽ پگهارون وري شاهي آفيسرن جون پيون وڌن. چڱو آهي، سٺو آهي، ائين ئي ته بلوا ايندا آهن، ائين ئي ته وڏن گهرن، محلن، محلاتن کي باهيون لڳنديون آهن، وڏين موٽرن کي باهيون لڳنديون.

 فرانس ۽ روس کي ياد ڪريو، هڪڙو آفيسر ڪرسيءَ تي نه بچندو. هڪڙو گهر صحيح سلامت نه رهندو.ڪري وٺو من مانيون، اوهان نه ته اوهان جا ٻچا، اوهان جي پڇاڻن جا نه فقط جواب ڏيندا، پر اوهان پاران زبردست مذمت کي منهن ڏيندا. نيڪسٽ آرٽيڪل آهي. پادر.

haleembrohi@hotmail.com