اربين ورهيه اڳ!

 

 

خميس 25 جون 2009ع

 

  ڪيئي لکين ورهه اڳ جڏهن اڄوڪي سنڌ اڃا بلڪل نئين ٺهي هئي، تڏهن ان ۾ جيڪي ڪجهه هو، سو اڳيئي لکين ورهيه قديم ۽ عظيم هو. انهن عظيم ۽ قديم شين ۾ اهو سڀ ڪجهه اچي ٿي ويو، جن ۾ پاڻ ڳڻپ وقت ڍور ڍڳا، اٺ، گابا، ماڻهو سنڌي ٻولي (سنسڪرت ۽ آريه ٻولين سميت) موهن جو دڙو، ڍڳي گاڏي، سنڌالاجي، بلڊنگون، کوهه، مٽ ۽ ٻيون هزارين لکين شيون هوائي جهازن ۽ راڪيٽن سميت ڳڻيندا آهيون. جيڪي ڪجهه اڄ هن ڪائنات ۾ آهي سو سڀ ڪجهه ان سنڌ ۾ اڳيئي لکين ورهين کان موجود هو، جيڪا سنڌ ڪيئي لکين ورهيه اڳ بلڪل نئين ٺهي هئي. مان لفظ لکين ورهيه غلطيءَ سان استعمال ڪندو آيو آهيان، اصل لفظ ڪروڙين ورهيه آهي،  ڇو ته پويتر ڪتابن ۾ به لکيل آهي ته جنهن کي سنڌ ٿا چئو، سا ڪروڙين ورهيه اڳ ٺهي هئي، سنڌي ٻولي ته اڃا به ڪيئي ڪروڙين سال اڳ تيار ٿي چڪي هئي ۽ سنڌي ماڻهو ڪيئي ڪروڙ ورهيه اڳ ئي سڄي ڪائنات ۾ هر هڪ گرهه ۽ سياري تي پنهنجي موجودگي ثابت ڪري چڪا هئا.

   ها، سو انهيءَ زماني ۾ (ڪيئي ڪروڙين ورهيه اڳ) سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن وٽ هڪڙا خاص قسم جا الڳ ماڻهو هئا، جن کي دانشور، عقلمند، عقل جو ڀنڊار، ڏاها، عالم، علامه، عاقل وغيره قسم جي شيءِ سمجهيو ويندو هو. انهيءَ خاص قسم جي ماڻهن کي اهڙو مان ڏنو ويندو هو، ماڻهن جي ان خاص گروهه کي الائجي ڇو اهو خيال نه آيو ته پهرين فرشتا ٺهيا يا پهرين سنڌ ٺهي، جيڪڏهن اهو خيال انهن ماڻهن جي گروهه کي ڪيئي ڪروڙ ورهيه اڳ اچي ويو هجي ها ته هي گروهه ان زماني ۾ باقائدي ثابت ڪري چڪو هجي ها ته پهرين سنڌ ٺهي هئي، جنهن ۾ رهندڙ سنڌي سائنسدان پنهنجي سائنسي علم سان باقي سڀ ڪجهه ٺاهيو. مان هن ليک ۾ زمان ماضي پيو استعمال ڪريان، پر اهو گروهه ڪيئي ڪروڙ ورهين کان اڃا تائين باقائده هلندو اچي. ڪٿي به هليا وڃو، جتي  ڏهه ماڻهو گڏ هجن يا جتي ڪا هلڙ بازي يا گوڙ گهمسان هجي، اتي ڊائس يا اسٽيج تي اهو ئي گروهه براجمان ويٺل نظر ايندو ۽ سڀيئي ڄڻا ساڳي ٻولي ۾ بلڪل ساڳين لفظن ۾ اهو ئي چئي رهيا هوندا ته عظيم آهي، قديم آهي. ڪمال هي آهي ته اهو سڄو گروهه ۽ ان جو هر هڪ فرد ڪروڙين ورهين کان ساڳي شڪل، ساڳي صورت، ساڳين افعالن ۽ ساڳين عادتن جو آهي. هنن سڀني جا ڪن به هڪ ٻئي جهڙا آهن ۽ هنن جا نڪ به هڪ  ٻئي جي نڪ جهڙا آهن. لفاظي به هنن سڀني جي ساڳي آهي، هڪ ٻئي کي محترم ۽ جناب ۽ علم جو سرچشمو جهڙن خطابن کانسواءِ متوجهه ڪرڻ هنن لاءِ ناممڪن آهي. مان هتي فارسي اکر جناب جي حقيقي فارسي معنيٰ سمجهائيندو هلان. لفظ جناب ۾ جيڪڏهن اوهان ج مٿان زبر ڏني ته ان لفظ جي معنيٰ ٿيندي محترم، پر جيڪڏهن اوهان ج جي مٿان پيش جو نشان ڏنو ته ان جناب جو مطلب ٿيو پئي گڏهه. سو جَناب جو مطلب آهي محترم ۽ جُناب جو مطلب آهي گڏهه. سو اوهان ٺيڪ طرح ياد ڪريو ته اوهان جي انهيءَ مخصوص گروهه جي ماڻهن گهڻا ڀيرا جناب (محترم) چيو آهي ۽ گهڻا ڀيرا هڪ ٻئي کي اسٽيج يا ڊائس تي ئي جُناب (گڏهه) چيو آهي. منهنجي فارسي تي اوهان کي اعتبار نه اچي ته ڪنهن فارسي دان کان فون ڪري پڇي وٺو، مان بيوقوفي ته ڪندو آهيان پر غلطي نه ڪندو آهيان.

  ها. سو لکين ڪروڙين بلڪه اربين ورهيه اڳ جڏهن اڃان ڪجهه نه هو سواءِ منهنجي ۽ منهنجي انهيءَ محبوبا جي، جنهن سان گڏ ويهي ڪائنات جي اڌوري ٺهيل رستي جي ڪناري ڀڳل ٽٽل ڀونگي ۾ ڪنهن ڦاٽل فراسيءَ جي ٽڪر تي ويهي پي رهيا هئاسين، تڏهن سنڌين جي انهيءَ گروهه جي ڪجهه ڀاتين سنسڪرت کي سنڌيءَ  جي ماءُ بنايو ۽ ڪجهه ڄڻن سنڌيءَ کي سنسڪرت جي ماءُ بنايو. ماڻهن جي انهيءَ گروهه مان ڪنهن هڪڙي کي به اها ڄاڻ ناهي ته  دنيا ۾ ڪل ٻوليون ڪيتريون ۽ ڪهڙيون آهن ۽ انهن ٻولين مان هر هڪ ٻولي ڪيتريون ٻوليون پيدا ڪيون ۽ اهي ڪٿي ۽ ڪهڙي ملڪ ۾ آهن ۽ جتي ناهن رهيون، اتي ڪيئن هوريان هوريان ختم ٿي ويون. اوهان جي انهيءَ مخصوص گروهه جي ڪنهن هڪڙي ڀاتي کي به ڄاڻ نه هوندي ته حضرت عيسيٰ عليه  السلام جي گهر ۾ خاندان ۾ جا ٻولي ڳالهائيندي ويندي هئي، تنهن جو نالو ڇا هو ۽ ان جو لهجو ڪهڙو هو؟ آهي.

   اربين ڪروڙين ورهه اهو ٺڳن جو گروهه دنيا جي تباهيءَ پويان پيل آهي. ميرن وٽ ته گندرف سان ڀرجندڙ چار ڇهه بندوقون هيون ۽ اوهان جي انهن ٽارزنن هوش محمد کي جرنيل بنائي ڇڏيو، بنا سيڪنڊ ليفٽيننٽ ۽ ليفٽننٽ يا ميجر ٿيڻ جي! دنيا جي تباهيءَ جا سبب اوهان جي انهيءَ ارب ورهيه پراڻي ماڻهن جي سوچ آهي. لکڻ لاءِ ته اڃا به گهڻو ڪجهه آهي، پر هاڻ نه. مون  ڏوهه ايترا ڪيا آهن، جن جي معافي جو سوال ئي ناهي، سو مان ياد ان کي ڪندو آهيان جا منهنجو آخري پيالو آهي. اهو پيالو مون کي ڀري ڏي، تار، ڪنارن تائين هي جنم ته ويو نڪري. ٻئي جنم ۾ پاڻ گڏ هونداسين. تون نٿي ڄاڻين، مان اٺن سالن جو هوس تڏهن کان مان توکي ڀائيندو هوس، مذهب مون نه ويڙهايا هئا، ملڪ مون نه ٽوڙيا هئا.

  محترمه مئڊم سحر مون کان پڇيو ته مان انگريزي ۾ ڇو نٿو لکان ۽ هاڻ ڇو ٿو سنڌي ۾ لکان. مان چئي نه سگهيس ته مون وٽ ڪمپيوٽر ناهي، منهنجو دماغ خيالن سان تمام گهڻو ڀريل آهي، دنيا کي فقط چئن انگريزي سٽن سان ئي لوڏي سگهان ٿو، ٻيو مون کي اچي ڇا ٿو؟ حياتيءَ جا ڪي چيپٽر پاڻيهي بند ڪرڻا پوندا آهن.

  مون کي جيڪي منهنجي ذهن ۾ ايندو، سو مان لکندس. پر مان ٽرڙو نه آهيان، مون وٽ آهي ڇا جنهن تي آڪڙ ڪريان؟ مان به سنڌ وانگي آهيان، صدين کان پنهنجي ختم ٿيڻ جو انتظار پيو ڪريان، پر ختم نٿو ٿيان. مون هڪڙي مائي ڳولهي لڌي آهي، جنهن کي تمام گهڻا ٻار آهن، ايندڙ جنم ۾ مان هن سان شادي ڪندس، اوهان ڏسجو.

haleembrohi@hotmail.com