سنڌي اکر

 

 

سومر 23 مارچ 2009ع

 

جيئن مون ماءُ ۽ پيءُ  جي ڪک مان جنم وٺڻ کانپوءِ هنن کي ئي برباد ڪيو، بلڪل ساڳي طرح سنڌيءَ جي پروفيسرن به سنڌي ٻوليءَ جي ڪک مان پيدا ٿي سنڌي ٻوليءَ کي ئي تباهه ۽ برباد ڪيو.

انهن سنڌيءَ جي پروفيسرن گذريل 60  ورهين ۾ ڪو هڪڙو به موقعو اهڙو اچڻ نه ڏنو، جنهن ۾ ٻولي کي سڌارجي ۽ هن جي اسڪرپٽ کي بهتر ڪجي،  اڄ به هنن جي اهڙي حالت آهي، جو انتهائي نڪ جي پڪائيءَ سان هڪڙي پاسي چون ٿا ته سنڌي ٻولي دنيا جي ترقي يافته ٻولين سان گڏ  پئي هلي ۽ ٻئي پاسي چون ٿا ته ريڊيو ۽ ٽي وي تان سنڌي سيکاري وڃي. اوهان ڪڏهن ٻڌو ته انگلينڊ وارا انگريزي سيکارڻ لاءِ، فرانس وارا فرينچ سيکارڻ لاءِ، ايران وارا فارسي سيکارڻ لاءِ يا عربستان وارا عربي  سيکارڻ لاءِ ٽي وي ۽ ريڊيو  اڃا به استعمال ڪري رهيا آهن. اهي ٻوليون جيڪڏهن ترقي يافته نه آهن ته پوءِ اهي آخر ڪهڙيون ٻوليون آهن، جن سان سنڌي ٻولي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي جي راهه تي گامزن آهي؟ شايد اهي سنڌيءَ جا پروفيسر يوگنڊا، مومباسا ۽ مالي صوماليه جي ٻولين سان ڪلهو ملائڻ کي ترقي سمجهن ٿا.

مادري ٻوليءَ جي ڏهاڙي ملهائڻ موقعي تي مان نٿو سمجهان ته فرانس، انگلينڊ، روس، ايران، عرب ملڪن، يورپ جي ڪنهن به ملڪ يا دنيا سڄي ۾ ڪنهن به ملڪ پنهنجي مادري ٻولي جي الفابيٽ جي تصوير جي ايڊورٽائزمينٽ ڪئي هوندي. سنڌي ٻولي اهڙا پروفيسر ڄڻيا آهن، جن وٽ نه هوش آهي، نه حواس آهي ۽ نه ڪامن سينس آهي. هنن کي اها سمجهه اڃا  نه آئي آهي ته سندن في الحال رائج الفابيٽ ۾ اکرن مٿان، هيٺان ۽ وچ ۾ ڏنل نقطن جو تعداد ايترو ته گهڻو آهي، جو ڌارين کي ته ڇڏيو، پاڻ سنڌين جو به سنڌي سکڻ تان ارواهه اٿيو وڃي. اها معمولي ڳالهه به سنڌيءَ جي پروفيسرن کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته مادري ٻوليون ته قائم دائم رهنديون آهن ۽ سڄو ڦڏو فقط اسڪرپٽ تي هوندو آهي. سنڌيءَ جا اهي پروفيسر پنهنجن نڪ هيٺان ڏسن به پيا ته سڄو بلوچستان، فرنٽيئر ۽ پنجاب پنهنجيون مادري ٻوليون اردو اسڪرپٽ تي هلائي رهيا آهن، پر ته به هي سنڌي ڄاوا پروفيسر ۽ استاد انهيءَ رائج اسڪرپٽ کي ائين چنبڙيا بيٺا آهن، جيئن سنڌي ٻوليءَ جو روح انهيءَ جي نقطن ۾ ئي هجي.

مون مٿي لفظ چنبڙيا لکيو آهي، اهو ئي لفظ جيڪڏهن چمبڙيا ڪري لکجي ته ڪهڙو هرج آهي؟ پر نه، سنڌي ٻوليءَ جا پنهنجا ڄاوا پروفيسر چوندا ته اها غلط سنڌي آهي، جو هنن کي اها ڄاڻ به ناهي ته اها صحيح سنڌي آهي، پر فقط اسڪرپٽ ۾ مون ڦير ڦار ڪئي آهي ۽ هڪڙو نقطو گهٽايو اٿم.

اسڪرپٽ ڪا آسمان تان لٿل شئيِ ناهي، سنڌيءَ جي انهن پروفيسرن کي اها به ڄاڻ ناهي ته انگريزي ليکڪ چئوسر (جنهن کي پهريون انگريزي ليکڪ ڪري مڃيو ويندو آهي) وارو اسڪرپٽ ۽ شيڪسپيئر وارو اسڪرپٽ اڄڪلهه انگريزي دنيا ۾ رائج ناهن. اڄڪلهه جا انگريزي لکجي ٿي تنهن جي لکت ۾ ڪو به رنگ ڍنگ چئوسر يا شيڪسپيئر جو ناهي. اڄ جي اوهان چئوسر يا شيڪسپيئر جي انگريزيءَ ۾ ڪا درخواست يا ڪتاب لکندا ته انگريزي دنيا وارا پاڻ اوهان تي کلندا ۽ هتي سنڌ ۾ انهن سنڌي ڄاون پروفيسرن جو اهو ئي پراڻو راڳ هلندو اچي ته بابا آڳاٽي سنڌي لکندا ڪريو. اوهان انهن ئي ٽارزن سنڌي پروفسيرن کي چئو ته هو پاڻ ته آڳاٽي سنڌي ۾ موڪل جي درخواست ته لکي ڏيکارين ۽ پوءِ اهو به ڏيکارين ته اها درخواست ڪٿي ڪنهن هنڌ قبول به ٿئي ٿي.

سڄو معاملو آهي اسڪرپٽ جو، سڄي ڳالهه آهي اسڪرپٽ جي. جا ٻولي فقط هڪڙي اهڙي الفابيٽ تي هلندي هجي، جنهن ۾ رڳو نقطا ۽ ليڪا هجن، سا ٻولي  ڳالهائي ته ويندي پر لکجڻ کان معذور ٿيندي ويندي. سرمد تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر عيسيٰ دائوپوٽو ڪمپيوٽر جا ماهر ته آهن پر انگريزيءَ جا به ماهر آهن. هنن جو ڪو به واسطو يا تعلق سنڌي جي رائج الفابيٽ سان ڪونهي. جيتوڻيڪ هنن وٽ سنڌي ۽ سنڌ لاءِ جيءَ ۾ گهڻي گنجائش آهي. ڊاڪٽر عيسيٰ ته غير شادي شده آهي پر سرمد تنوير عباسي جي بيگم بنگالڻ هجڻ باوجود سنڌي ڳالهائڻ تي مهارت رکي ٿي. مان بي انتها ۽ ڊگهو عرصو بيمار هوس، جنهن ۾ منهنجو هنن سان تعلق هو ۽ هوش ۾ اچڻ تي مون ڏٺو ته مان هنن کي وڃائي ويٺو هوس. سنڌيءَ جي پروفيسرن کي سمجهڻ گهرجي ته سرمد ۽ عيسيٰ ٽيڪنالاجي ۽ انگريزيءَ سان تعلق رکن ٿا ۽ هو فارسي عربي واري سنڌي الفابيٽ جي گپ ۾ ڦاٿل نه آهن.

مان ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن سنڌيءَ کي انگريزي رومن اکرن ۾ به لکيو ويو يا ديوناگري هندي ۾ به لکيو ويو ته به اهو لکڻ جٽاءُ نه ڪندو، وڌ ۾ وڌ پنجاهه ورهيه ٻيا سنڌي لکبي. هندستان ۾ سنڌين گجرات ۽ مها راشرا رياستن جي سهڪار سان انهن پاڻ واري سنڌي اکرن ۾ ڪتاب وغيره لکيا. ڊاڪٽر ايسر پارواني سڀني کان اڳڀرو رهيو، پر اهي اکر تڏهن به پوين پساهن ۾ آهن. ذهني طرح پاڻ کي تيار رهڻ گهرجي ته مستقبل ۾ سنڌي ٻولي فقط ڳالهائي ويندي، لکبي ڪا نه. اوهان ڏسو نٿا سنڌي چئنلز. دعا ڏيو ڪاوش کي جنهن جي سهاري سنڌي اڃان لکجي ۽ پڙهجي پئي.

haleembrohi@hotmail.com