بڪواس!

 

 

جمع 22 مئي 2009ع

 

  ضروري ناهي ته هرڪو ليک چڱو لکجي وڃي. ڏهه ليک گڏ لکبا ته پنج ضرور گند ٿيندا ۽ مان ڏهه ٻارنهن ليک گڏ لکندو آهيان.

  مون وٽ چئن پنجن سالن کان ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ وغيره ناهي، تنهن ڪري مجبورن سنڌي ۾ لکڻو ٿو پوي ۽ سنڌي ۾ لکڻ لاءِ اجايون سجايون ڳالهيون سنڌ صوبي، ايراضي ۽ سنڌي سنڏائيندڙن بابت لکڻيون ٿيون پون.

  جن پنهنجو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۽ سنڌي ٻولي لکڻ ۽ ڳالهائڻ تائين محدود رکيو آهي، تن جو حال خراب ٿيڻو آهي. اوهان به خوش آهيو ته صوبو به اوهان جو آهي، حق  به اوهان جا آهن، نوڪريون به اوهان جون آهن ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪجهه يا ڪا شيءِ اوهان کي نٿي ملي ته اوهان سان وڏو ظلم ٿي ويو! واهه! ايترو  به نٿا سمجهو ته هڪڙي وڏي پيماني تي سازش هلي رهي آهي، جنهن ۾ اهي وڏا سنڌي وڏي پيماني تي شامل آهن، جيڪي حاڪميت جي رعب ۾ لباس ۾ لکين رپيا ماهوار پاڻ حقي کائيندا آهن، اڌ ڪروڙ کان وڌ ناحق کائيندا آهن، اوهان کي آسرا ڏيندا آهن. گوڙ ڪندا آهيو ته اوهان کي پوليس هٿان گندي نموني ذليل ڪرائيندا آهن، بک هڙتال ڪندا آهيو ته ڪارندا اوهان کي به دم دلاسا ڏيئي هفتي کان پوءِ وري ٻيهر ناٽڪ شروع ڪرائڻ لاءِ چوندا آهن، ۽ اوهان اڃان به پاڻ کي سنڌي ٿا سڏايو! شاباش هجي اوهان کي! ماستري، ليڪچراري ۽ ٻين نوڪرين لاءِ اشتهار اوهان کي ڪم ۽ ڌنڌي سان لڳائڻ لاءِ نه ڏنا ويندا آهن، اوهان کي اڃا به وڌيڪ ڦرڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن. اصولن ٿيڻ ائين گهرجي ته جڏهن حاڪم پاڻ واتان چون ته رشوت هلي آهي، ڌانڌلي ٿي آهي، ته انهن حاڪمن کي پاڻ کي جيل ۾ وجهڻ گهرجي، پر هتي ٽڪو آنو رشوت وٺندڙ يا بلڪل بيگناهه ڪلارڪن ۽ پٽيوالن کي سسپينڊ ڪري ٽن مهينن کان پوءِ وري نوڪري تي چاڙهيو ڇڏين.

  انهن وڏين، ڊگهين ۽ شاندار موٽرن کي ڏسو، جن جو پيٽرول به سرڪاري، ٽول پلازا به سرڪاري، ڊرائيورن جي پگهار به سرڪاري، اڳيان پويان هلندڙ موٽرن جي لوڌ جو خرچ به سرڪاري ۽ اهو سڀ ڇا لاءِ؟ انهيءَ هڪڙي ماڻهوءَ لاءِ جنهن وٽ ڏاڏي پڙڏاڏي جي زمين به آهي، بي انتها ڪمدار به آهن ۽ هاڻ حاڪمن جي زمري ۾ اچي سازشين جي سازشن جو باقائده حصو آهي.

 انهن سڀني ڪارگذارين جو علاج ڪهڙو آهي؟ فقط هڪڙو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ڇڏيو. مان بروهي ٿو سڏايان، بلوچ پاڻ کي بلوچ سڏائين، سومرا، ڌاريجا، ناريجا، جوڻيجا وغيره پاڻ کي ذاتين جي نالن سان سڏائين، اهو هڪڙو ئي طريقو آهي، نوڪريون وٺڻ ۽  جيئڻ جو. جيڪڏهن اوهان پاڻ کي سنڌي چوندا ايندا ته ڌرتيءَ جي تختي تان غائب ٿي ويندا. جا ٻولي چاهيو سا ڳالهايو، هڪ نه پر ڏهه ٻوليون ڳالهايو، پر سڏايو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ذات/نسل سان. پنهنجين ذاتين ڏانهن موٽي اچو، انهيءَ اکر سنڌي سڏائڻ تان هٿ کڻو، اوهان جي هروڀرو جي ضد ته سنڌي سکو، سنڌي پڙهو، سنڌي لکو  اوهان کي ڪنهن به ڪم واري نوڪري قابل نه ڇڏيندو ۽ اوهان بک مرندا. هن موضوع تي مان گهڻو ڪجهه لکي سگهان ٿو، پر اوهان کي کپي سنڌي، اوهان ڄاڻو ٿا ته انگلينڊ جي بادشاهه/راڻي/شاهي خاندان انگريزي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندو آهي، جيتوڻيڪ هنن جو اصلوڪو نسل جرمن هو؟ پنهنجو ايندڙ نسل برباد نه ڪريو، پنهنجين ذاتين ڏانهن موٽي وڃو، جنهن کي اوهان سنڌ صوبو چوندا آيا آهيو، سو ڪڏهن به آزاد ملڪ قسم جي شيءِ نه هو. پنهنجن دانشورن، ڏاهن، عقلمندن وغيره کان پڇو ته سهي ته هنن سواءِ  سنڌي اکرن ۽ ٻين ٻولين مان غلط ترجما پڙهن جي ڪجهه  پڙهيو به آهي؟

  وڏن ماڻهن لاءِ هميشه ڪوڙيون آکاڻيون گهڙبيون آهن. فرانس جي بلوائي ڏينهن ۾ جڏهن غريب ماڻهو ماني لاءِ شاهي محلاتن کي چوڌاري ڦري آيا ته آکاڻي ٺاهي وئي ته راڻي غريب رعيت کي چيو ته جيڪڏهن ماني نٿي ملي ته پوءِ ڪيڪ ڇو نٿا کائو؟ اها ڪوڙي آکاڻي غريب عام ماڻهن کي وندرائڻ لاءِ عام ڪئي وئي.

  بالادست کي ته چئو ته پنهنجا ٻه ٻار ٻه ويلا بک تي رکي ڏسي. مشڪل هي آهي ته بکايل تي قياس/رحم وري به بکايل کي ئي ايندو آهي. بم ڇو نٿا ڦاٽن، انهن جي محل محلاتن جي بورچي خانن ۽ وڏين موٽرن تي جن کي لکين سرڪار ڏيندي آهي هر مهيني؟ پاڻ ڪجهه نٿا ڪري سگهون ته پٽي ته سگهون ٿا! ماڻهوءَ/انسان وٽ صبر ذرو ناهي، خيال ڪرڻ گهرجي انهن کي، جن جا ٻار روز آئسڪريم کائين ۽ ساڳئي رستي تي ڦاٽل ۽ اڌ اگهاڙا ننڍڙا ٻار آئس ڪريم چکي به نه هجي!، تو ڪڏهن صبح سوير ننڊ مان اٿي پنهنجي شڪل آئيني ۾ ڏٺي آهي، جنهن ڏينهن توکي صبح واري چانهن اڌ ڪلاڪ دير سان ملي هجي! انڌن وانگي پئسا ۽ دولت ۽ ملڪيت گڏ نه ڪريو، مهيني ۾ هڪڙي ڏينهن ته ماڻهو به ٿيو. ڪڏهن ڪجهه گهٽ ڪماءِ، ڪڏهن ڪجهه گهٽ گڏ ڪر!

haleembrohi@hotmail.com