تون ڪير؟

 

 

سومر 22 جون 2009ع

 

  ڳالهه هزار ٻن ورهن جي يا لکن ورهن جي هجي ته ٽاري به سگهجي ۽ وساري به سگهجي، پر ڳالهه آهي ان گهڙيءَ جي جا ڪروڙين ورهيه اڳ اڄوڪي ڌرتي جي روپ ۾ ظاهر ٿي. اها مٽي هئي، جنهن کي ڌرتي چيو ويو ۽ ان ڌرتيءَ جيڪي ڪجهه ڄڻيو اهو مٽيءَ جو هو، جنهن ۾ پاڻ ڌرتيءَ جيڪي ڪجهه ڄڻيو اهو مٽيءَ جو هو، جنهن ۾ پاڻ سڀيئي ڍور، جانور، سڀ ڪجهه اچي ٿي ويو. ڌرتي به مٽيءَ جي هئي ۽ ان اندر يا ان مٿان جيڪي ڪجهه آهي سو به مٽيءَ جو آهي. پوءِ ائين ڇو آهي ته انهيءَ ساڳي مٽيءَ جي ڪنهن روپ ڏانهن پاڻ ڇڪبا وڃون؟ سڌو سوال هي آهي ته هوءَ جا پاڻ به مٽيءَ جي ٺهيل آهي، سا مون کي ايترو گهڻو ڇو ٿي وڻي جو چاهيان ٿو ته اڄ ئي اسان ٻئي مٽي ٿي هڪ ٻئي ۾ گڏجي وڃون ۽ هڪٻئي ۾ گڏجي هڪ ٿي وڃون؟

  ڳالهه لکين ڪروڙين ورهيه اڳ جي آهي، جڏهن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو ٺهيا، جن ۾ هڪڙو خاص طبقو پنهنجو پاڻ کي ليکڪ سڏائيندو هو ۽ ٻيو طبقو پاڻ کي شاعر سڏائيندو هو. اهي جيڪي لکين ڪروڙين ورهه گذري ويا ۽ اڃا هلن پيا، انهن ۾ هڪڙو معجزو ٿيندو رهيو آهي، اهي سڀيئي لکين ڪروڙين ورهيه ڪنهن به سنڌيءَ کان پڇبو هو ته توکي ڪهڙو اديب يا ليکڪ يا شاعر ٿو وڻي ته اهو سنڌي ماڻهوءَ وانگي سڌو جواب ڏيندو هو ته شيخ اياز ۽ شاهه لطيف سنڌين جي اها عادت/فطرت/ٽريڊيشن لکين ڪروڙين اربين ورهين کان هلندو اچي ۽ اڄ به قائم آهي. حرام جو ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ جو نالو وٺن، لکين ورهين کان منهنجي ذهن ۾ هڪڙو نالو آهي پر اهو نالو مان اچاريندس نه ملندي ته ٻڌائيندو سانس.

  الاهي مذهب ته گهڻو پوءِ لٿا، مان ٿو ڄاڻڻ چاهيان ته ان کان اڳ ڇا هو، سواءِ مٽيءَ جي! منهنجي وڏن جا به وڏا ضرور مٽيءَ ۾ ئي وڃي مٽي ٿي ويا هوندا ۽ انهن جا وڏا به ضرور مٽيءَ ۾ ئي ويا هوندا. جيستائين روح جي تصور جنم ورتو، تيستائين ڇا هو؟ هو سڀيئي ضرور مٽيءَ مان ئي جڙيا هوندا. الهامي ڪتاب ته تمام گهڻو پوءِ آيا، پر تنهن کان اڳ جيڪي ماڻهو (خاص ڪري سنڌي) آيا تن ۾ سواءِ مٽي جي ڇا هو؟ مان بهڪيو وڃان، تنهن ڪري هن ڏانهن موٽيو وڃان جا منهنجي جسماني روح جي آخري اسٽيشن آهي. مرڻ کانپوءِ مان پڇندس ته جيڪڏهن مون کي هن لاءِ تڙپائڻو ئي هو ته مون کي هن کان ڌار ڇو گهڙيو ويو! پر اوهان خيام پڙهيو هجي ته ڪجهه سمجهو به! جيڪڏهن مان ۽ هو ساڳيو جسم هجون ها ته پوءِ تڙپڻ ڇا لاءِ هجي ها؟

  پاڻ جواني ۾ عشق ڪري ٻڍاپي ۾ پڇتائيندا آهيون ته جيڪڏهن عشق ڪرڻو هو ته ٻڍاپي ۾ ڪريون ها، جواني ۾  ٻار ڄڻي وياسين، هر ڪا جاءِ، ملڪيت، دولت زال نالي ڪري ٻڍاپي ۾ افسوس ڪندا آهيون ته اهو بيوقوفيءَ جو ڪم اسان جوانيءَ جي جوش ۾ ڇو ڪيو. ٻڍاپي ۾ افسوس ڪندا آهيون ته جيڪڏهن جوانيءَ ۾ شادي ڪرڻ بدران ٻڍاپي ۾ شادي ڪئي هجي ها ته اها مائي هن وقت ڪم اچي ها. اها آهي مخلوق جي قسمت جا خالق جوڙي آهي ۽ پوءِ ان قسمت لاءِ خالق جو شڪر گذار به رهو!

  جيڪڏهن انسان ۾ عشق جو جذبو نه هجي ها ته انسان ۽ ريتي/واري/مٽي ۾ ڪو به تفاوت نه هجي ها. مان سائنسي نه پيو هلايان. ريتي جي ذرن ۾ هڪ ٻئي لاءِ ڪشش هوندي آهي، ساڳي ڪشش واري جي ذرن ۾ هڪ ٻئي لاءِ هوندي آهي. ساڳي ڪشش مٽيءَ جي ذرن جي هڪ ٻئي لاءِ هوندي آهي ۽ بلڪل اها ساڳي ڪشش عورت ۽ مرد جي جسمن جي هڪ ٻئي لاءِ هوندي آهي. پاڻ مٽي آهيون، ريتي آهيون، واري آهيون، پر ڇو ته پاڻ هلڪا آهيون، تنهن ڪري پاڻ کي مٽيءَ کان مٿاهون سمجهندا آهيون، اڙي! مان هن ڇوڪريءَ کان مٿاهون ڪيئن ٿو ٿي سگهان، جنهن کي مون 1947ع ۾ شڪارپور جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ڏٺو هو، جڏهن هو ۽ مان اٽڪل اٺ يا نو ورهين جا هئاسين! هن ليکي مان مري ويو هوندس ۽ مون ليکي هو مري وئي هوندي پر مرندو آهي ڪير؟ مٽي به ته جيئري رهندي آهي، هوءَ  ان زماني ۾ هندستان پئي وئي، الائجي ڪهڙي حال ۾ وئي، ڪهڙي حال ۾ رهي ۽ ڪهڙي حال ۾ هوندي!

  هي دنيا آهي، هن ۾ چنڊ تارا آهن، ته ويهي انهن کي ڏسون ۽ قدرت جا گڻ ڳايون، پر چندا، شانتي، آساوري، ڪملا کي نه ڏسون، ته متان هنن کي اسان جي نظر نه لڳي وڃي! اهو چرچو ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڪٿي ڪپهه جهڙي برف آهي ته ڪٿي برف جهڙي ڪپهه آهي، پر ويندا هڙيئي ڪيڏانهن؟ مٽيءَ ۾ مٽي ٿي ويندا. فلسفي ڇا به چون، پر حقيقت اها آهي ته هيءَ ڪائنات مٽيءَ جي ٺهيل آهي ۽ ڪو وقت ايندو، جڏهن ڪٿي به ڪجهه نه هوندو سواءِ مٽيءَ جي اڏام جي! ۽ هيءَ دنيا آهي جنهن ۾ هر هڪ ماڻهو زمين جي چئن فٽن لاءِ بلڪل بي حيائيءَ سان ٻئي جو نرگهٽ ڪٽڻ لاءِ تيار آهي!

  رسمون، رواج، اهي سڀيئي نخرا آهن، مٽيءَ کي ٻهروپ پارائڻ جا. انهن کي غور سان ڏسو، ڪو مري ويو ته ڇا؟ تون نه مرندين؟ ڪٿي ڪو ڄائو ته پوءِ ڇا؟ روز ڪيترا ٻار ٿا ڄمن ۽ مرن؟ سڀ ڪجهه مٽي ٿي ويندو. جيسين هن جي منهن ۽ جسم تي ماس آهي، تيسين هو مون کي وڻي ٿي، پر جڏهن اهو ماس غائب ٿيڻ ۽ مٽيءَ جو روپ وٺڻ لڳو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ پاڻ سڀيئي ڀڳل ٽٽل آڏا ڦڏا هڏا ۽ هڏيون آهيون. فقط پاڻ مڃون ٿا جو پاڻ ڇسا، هلڪا، آڪڙ، باز آهيون ۽ پنهنجي پنهنجي روح کي ٻين جي روحن تي فوقيت/حاوي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهيون. برونو چيو هو ته سج بيٺل آهي ۽ ڌرتي پئي ڦري، ڪاپرنيڪس به ساڳي ڳالهه ڪئي، سو ان زماني جي سنڌين هنن جا گهر ٻار ٻچا ساڙي ڇڏيا، گئليلو بچي ويو جو پوڙهو هو ۽ معافي گهري گهر ويهي رهيو. اڄ جو سنڌي به ان زماني جي سنڌي جهڙو آهي، سنڌي حقيقت هي قبول نه ڪندا، مان سنڌي ۾ لکان پيو جو مون وٽ ڪمپيوٽر ناهي، پر مان آهيان بروهي ۽ منهنجا تمام گهڻا وڏا ڏکڻ هندستان کان آيا هئا. (ڀل ته بروهي مون سان بحث ڪن) اهو فيصلو ٿيل ئي ڪونهي ته سنڌي ڇا کي چئبو آهي ۽ هليا آهن، هوائي سنڌين، کي حق وٺي ڏيڻ! انڌو به چوندو ته آغا ۽ پٺاڻ افغانستان کان آيا هئا، پر پٺاڻن قسم جي سنڌين سان ڳالهائي ڪير؟

 سبق حاصل: زمانو ويجهو آهي، جڏهن جيڪي پاڻ کي پنهنجين ذاتين جي نالن بدران پاڻ کي هروڀرو سنڌي سڏائيندا آهن ۽ هاڻ اچي ڦاٿا آهن ته هي ڪير آهي، هو ڪير آهي ۽ هو ڪٿان آيو هو؟ سوال آهي ته تون پاڻ ۽ تنهنجا وڏا ڪٿان آيا هئا؟ ڪا به زمين اهڙي ڪند زمين نه هوندي آهي جا اوهان جهڙن ڪند ذهنن جي پرورش ڪري.

haleembrohi@hotmail.com