هي ڪير آهن!

 

 

سومر 21 سيپٽمبر 2009ع

 

منهنجي دل جي آپريشن جنهن ڪئي، سو ميڊيڪل سرجن هو، سنڌي يا اردو جو اسپيشلسٽ نه هو. هو ڪارڊيولوجسٽ هو، سنڌي جو شاعر نه هو، اهي پي ايڇ ڊي ماستر فقط ماهر آهن، اهڙا ٿلها ڪتاب لکڻ جا، جنهن ۾ ٻين پاڻ جهڙن خوامخواهه ليکڪن جي ڪتابن مان ٽڪراٽا کڻي پنهنجي انهيءَ ٿلهي ڪتاب کي اڃان به ٿلهو ڪري انهن ٽڪراٽن کي ريفرنسز چوندا آهن، جنهن گائيڊ يا پئنل جي ماستر جي ڪتاب يا چوپڙي ۾ هن جو ٽڪراٽو نه هوندو، سو ڪاوڙجي ويندو ۽ پوءِ شاگرد کي هن جي خوشامد ڪرڻي پوندي. اوهان يقين ڪريو ته شاگرد، سندس گائيڊ ۽ پئنل جي ڪنهن به ماستر ۾ لياقت هڪ ٽڪي جي به نه هوندي آهي، هي سسٽم بند ٿيڻ گهرجي، هي ادارا بند ٿيڻ گهرجن. آءِ آءِ قاضي  گهڻيون يونيورسٽيون هلائي چڪو هو، جو سنڌ يونيورسٽي جو به وائيس چانسلر مقرر ٿيو؟ اهي ڪهڙا خوشامدي هئا، جيڪي سنڌي ٽائپ رائيٽر ٺاهڻ جي بهاني دنيا جو سير ڪري غلام مصطفيٰ شاهه کي خوش ڪرڻ لاءِ ان ردي  ٽائيپ رائٽر جو نالو المصطفيٰ  رکيو هو؟ فقط خوشامدي چاپلوسن تعليم کاتو چٻائيندا رهيا آهن. فقط پنجن سالن اندر اهي اوهان جا عربي، فارسي، ابوالحسن ۽ انگريزن جي چاپلوسن جا ٺاهيل ڏنگا ڦڏا اکر غائب ٿي ويندا ۽ انهن جي جاءِ انگريزي (رومن) اکر وٺي چڪا هوندا.

نالي کان پوءِ لکبي آهي تعليمي لياقت، پر هت مشڪري لڳي پئي آهي، جو پهرين لکندا ڊاڪٽر ۽ پوءِ لکندا نالو ۽ لڳندو ائين آهي جيئن سندس ڄمڻ وقت مولوي سندس ڪن ۾ ڪلمي کانپوءِ سندس نالي ۾ ڊاڪٽر به ملائي ڇڏيو هو ۽ مولويءَ سندس ڪن ۾ چيو هو ته، اڄ کان تنهنجو نالو ڊاڪٽر فلاڻو پي ايڇ ڊي آهي. يونيورسٽين ۾ ماستر گشا پتا هڻي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ لنڊن وڃي اتي فيل ٿي موٽي اچي چپ چپات ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن ٿاڦيل گائيڊ معرفت پي ايڇ ڊي ڪري اها ڳالهه لڪائي ڇڏيندا آهن ته ٻاهر سنڌ يونيورسٽي جي خرچ تي به ويا هئا ۽ فيل ٿي مولانا قاسمي يا مولانا گرامي جي هٿن تي بيعت ڪري گائيڊن جي لوڌ کي ڪنهن وڏي هوٽل تي مانائتي ماني کارائي هاڻ معتبر ٿي ويا آهن. مان سڌو ٿو پڇان انهن معتبر پي ايڇ ڊين  کان ته آخر مصيبت ڪهڙي آهي، توهان سان؟ فقير آهيو؟ غريب آهيو؟ پينو آهيو؟ آخر ڇا آهيو؟ هاسٽل سنڀالڻ جو ڪم به ماسترن کي کپي. SWO جو ڪم به ماسترن کي کپي، ٽرانسپورٽ سنڀالڻ جو ڪم به ماسترن کي کپي ۽ ٻيا به اهڙا گهڻا ئي ڪم آهن، جيڪي ماسترن کي کپن. ڇو؟ ڇو ته هر هڪ پوسٽنگ سان ٻه چار ٽڪا ماستر جي کيسي ۾ ويندا. يا ته اشرافت سان هنن غلط ماسترن کي ڪڍو يا تعليمي ادارا بند ڪريو، جيڪي ڪجهه هتي ٿيندو رهيو آهي، سا جيڪڏهن تعليم آهي ته دنيا جو گندي ۾ گندو ملڪ به اهڙي تعليم کي باهه ڏيئي ماسترن کي ملڪ جي بارڊرن کان ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيندو. سنڌ صوبي جو خانو خراب انهن ڪيو آهي، جن کي اوهان ۽ هو پاڻ دانشور چوندا آهن. هنن جون شڪلون غور سان ڏسو. هي دانشورن جون شڪليون آهن؟ هنن جا افعال غور سان ڏسو. هي دانشورن جا افعال آهن؟ جيڪو ليڪچرر ئي نه ٿيو، سو ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن ڪيئن ٿي ويو ۽ اهي بلڊنگون ۽ عمارتون ڪيئن پٽ سان لڳيو، جن کي خيرپور يونيورسٽي چيو ويندو آهي؟ شيخ اياز سنڌي ڊپارٽمينٽ ڀرڻ لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي خاطري ڏياري ته فقط داخلا وٺو، سنڌي ۾ ايم اي ڪريو ته هنن جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري پڪي.

هي ڪير آهن، جن کي مٿي جي سور گهٽائڻ واري گوري جي نالي جي به ڄاڻ ناهي، پر سڏائين پنهنجو پاڻ کي ڊاڪٽر! سو هي ڇا جا ڊاڪٽر آهن؟ اردو جا؟ سنڌي جا؟ اسلاميات جا؟ اسلامڪ اسٽڊيز جا؟ سوشيالاجي جا؟ سنڌ جي تواريخ، جاگرافي، شاهه لطيف جي ٻولن ۽ ٻولين جا، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪتابن جا، يا ڇا جا؟ بيمارين ۽ دوائن سان هنن جو پري جو به واسطو ڪونهي، جو هي پاڻ هر ان سبجيڪٽ لاءِ مرض ۽ موت آهن، جنهن سبجيڪٽ ۾ هنن پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو سوچيو آهي، مان اوهان سان شرط لڳائڻ لاءِ تيار آهيان ته اوهان مان ڪو به پنهنجي دل، جگر، ڦڦڙن يا اکين جي آپريشن يا علاج لاءِ هنن مسخرن جي ويجهو به نه ويو هوندو، هنن جو ڪم آهي ماستري ڪرڻ پر ڦڏو پيا ڪندا ته هيڊ ماستري ڏيو. وائيس چانسلري ڏيو يا ڪو ٻيو ايڊمنسٽريٽو جاب ڏيو. ماسترن جو ڪم آهي ماستري ڪرڻ. جنهن ڪم جو هي سٺي نموني خانو خراب ڪندا رهيا آهن، جو هنن جي هڪ اک ايڊمنسٽريٽو جاب تي رهندي آهي ۽ ٻي اک سندن ڪنٽرول کان ٻاهر هوندي آهي، هي عقل جا انڌا اهو به نٿا سمجهن ته ماسترن جو ڪم آهي پڙهائڻ ۽ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽون ۽ ٻيا ادارا هلائڻ ۽ سنڀالڻ وارو ڪم ايڊمنسٽريشن ۽ ايڊمنسٽريٽرن جو آهي، اوهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته ڪنهن ائڊمنسٽريٽر ڊمانڊ ڪئي هجي ته کيس ٽيچر مقرر ڪريو؟.

haleembrohi@hotmail.com