هائي ميرا دل!

 

 

سومر 20 اپريل 2009ع

 

  مان پنهنجي دل تي هٿ رکي چوان ٿو ته،

يه جو ظالم دل دهڙک رها هي يهان

اس ني اِک دن مجهي ڊبونا تها!

  هڪڙي اردو/هندي فلم هئي، جنهن جو نالو هو هماري ياد آئي گي. ڇو ته فرسٽ ڪلاس فلم هئي، تنهن ڪري نالو به نه ڪيائين ۽ مشهور به نه ٿي. الائجي ڪيئن اها فلم مون ٽي وي تي ٽي چار ڀيرا ڏٺي. مٿي ڏنل ٻه سٽون ان فلم جي هڪ گاني جون آهن. اهو گانو ئي مڪمل عشق آهي، ان جون پهريون سٽون آهن.

سوچتا هون يه کيا کيا مين ني

کيون يه سر درد لي ليا مين ني!

  اوهان اعتراض ته ڪندا، پر مان لکڻ بنا رهي نٿو سگهان، دل مان نفرتون ڪڍي هڪ ڀيرو پڙهي ته ڏسو.

کون هي يه کهان سي آئي هي!

يه تو اپني نهين پرائي هي!

کيسي چنچل، شرير اور جهوٽي،

پهر بهي من کو ميري يه بهائي هي!

هاتهه مين هاتهه لي ليا مين ني!

کيون يه سر درد لي ليا مين ني!

  مٿي ڏنل سڀيئي سٽون فلم ۾ هيرو جون چيل آهن ۽ هيروئن ڇا ٿي چئي؟

ديکهه کر يون وه مسکرايا کيون!

مسکرايا تو پاس آيا کيون!

ناک اتنا اور آپ اتنا سا،

پهر بهي ميري نظر کو بهايا کيون!

جس کو ارپن کيا ديا مين ني

سوچتي هون يه کيا کيا مين ني!

کيون يه سر درد لي ليا مين ني!

 هن گاني مان ٻه چار سٽون مان کائي ويو آهيان جو مان ڄاڻان ٿو  ته اوهان ۾ مون لاءِ سهپ ناهي. مان اردو لکندس ته اوهان چوندا حليم اردو وارن جو چمچو آهي. انگريزي لکندس ته چوندا ته انگريزن جو ايجنٽ آهي. انگريزي اکرن جي ڳالهه ڪندس ته چوندا ته سنڌي الفابيٽ ٿو کاري ۽ هاڻي اوهان انهن چمچن کي ڏسو، جيڪي ويهه سال اڳ مون کي غلط ۽ پاڻ کي صحيح سمجهندا هئا ۽ هاڻ پاڻ انگريزي اکر ۽ لفظ استعمال ڪن ٿا. خدا جو شڪر آهي جو علي قاضي سنڌ سڌارڻ جي ڪوشش ۾ انگريزي لفظ لکيا آهن، جنهن نادانن کي سڌارڻ شروع ڪيو آهي. جن کي اڄ اردو کان نفرت آهي، تن جو اولاد اوهان ياد رکو هندي لکندو، هندي ڳالهائيندو ۽ انگريزي پڙهندو. اوهان ڏسو نٿا ته اوهان جا سياستدان اوهان کي ڪهڙي دڳ تي وٺي پيا هلن؟ اوهان جي سياستدانن جي اولاد کي سنڌي لکڻ ته ٺهيو ڳالهائڻ به نه ايندي آهي ۽ اوهان انهن جي اردو تقريرن تي تاڙيون وڄائيندا آهيو. مان ته سڀني ٻولين کي پنهنجو سمجهندو آهيان. اوهان وڙهندا هلو مختلف ماڻهن سان، مختلف ٻولين سان، مختلف صوبن سان، مختلف ملڪن سان، مختلف لهجن سان، ڀتين سان، ديوارن سان، ڇو ته اهي ئي ته ڪم آهن، جيڪي اوهان جي اڪثر دانشورن، سياستدانن، ماسترن، پروفيسرن ۽ ليڊرن اوهان کي سونپيا آهن. ڪنهن اوهان کي چيو به آهي ته جيڪڏهن اوهان جا درسي ڪتاب اجايا آهي ته انگريزي، اردو، هندي درسي ڪتاب پڙهو؟ ڪنهن اوهان کي چيو به آهي ته جيڪڏهن اوهان جا تعليمي ادارا اجايا آهن ته گهرن ۾ ويهي پڙهو؟ هلو هلو پشاور هلو، هلو هلو نشتر پارڪ هلو ، هلو هلو نوابشاهه هلو، هيڏاهن هلو، هوڏانهن هلو، اهڙي قسم جا نعريٰ لکرائيندڙ ته پئسا ڏيئي لکرائيندا آهن، پر جيڪي اهي نعرا لکندا آهن، تن کي ڇا ٿي ويو آهي؟

  منهنجو دماغ خراب ٿئي، تنهن کان اڳ مان هڪ ٻيو اردو شعر لکي وٺان.

چلو اک فيصلا باهم يه کرلين،

کي هم مين فاصله کتنا رهي گا!

(ترجمو: اچو ته پاڻ فيصلو ڪري وٺون ته پاڻ ٻنهي جي وچ ۾ فاصلو ڪيترو رهندو!)

  پنهنجو پاڻ سڃاڻ اهي لفظ ٽي هزار ورهيه اڳ ساڪريٽس چيا هئا، جنهن کي سڄي دنيا (مون  سميت) وڏو عقلمند سمجهندي رهي آهي. مون ڪالهه ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڏٺو ته گوئٽي چيو هو ته، جيڪڏهن مون پاڻ کي سڃاتو هجي ها ته مان ڀڄي ويو هجان ها. مون پاڻ کي سڃاتو آهي ۽ مان پاڻ مان بيزار آهيان، پر جيڪڏهن مان ڀڄي به وڃان ته ڪيڏانهن ڀڄي وڃان؟ جا مون کي سجهي ٿي سا مون کي پنهنجي هنج ۾ لڪائيندي؟

  ياد رکو ته هي لفظ، منهنجاحليم بروهي جاآهن. جن وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو آهي، سي شاعري ڪندا آهن ۽ جن کوپڙين ۾ ڪجهه نه هوندو آهي، سي ٻين جي مواد مان سٽون کڻي انهيءَ مواد جو حوالو ڏيندا آهن ياد رکو ته هي لفظ منهنجا ناهن.

  منهنجي بنيادي غلطي هيءَ آهي ته مان هتي آهيان ۽ تون ڪنهن ٻئي هنڌ آهين! ياد رکو ته هي لفظ منهنجا پنهنجا آهن. جا وڻي، سا وڻندڙ آهي. ۽ هي به ياد رکو ته هي لفظ منهنجا آهن. ڪنهن به اهڙي شخص جا ماتحت نه ٿجو، جنهن جي غربت يا بڇڙي حالت اوهان ننڍپڻ ۾ ڏٺي هئي. ڇو ته هاڻي هو اوهان جو صاحب آهي، تنهن ڪري پنهنجي غربت وارو ماضي اوهان جي ذهن مان ڪڍڻ ۽ ميسارڻ لاءِ اوهان کان اهڙي بڇڙي نموني بدلا وٺندو جو اوهان اهو ئي سمجهندا رهندا ته اوهان جو پراڻو ننڍپڻ جو دوست/واقف آهي. جيڪڏهن اوهان ڪڏهن خوشحال هئا ته انهن کان سدائين ۽ هميشه پري رهو ۽ رهجو جيڪي ان زماني ۾ بدحال هئا.

  جيڪڏهن اوهان ڪا به هڪڙي ڳالهه تمام چڱي طرح سمجهي ڇڏي آهي ته اوهان سڀ ڪجهه سمجهي ڇڏيو آهي. اها سٽ هڪ جپاني جي چيل ۽ لکيل آهي. مون کي فقط ايترو چوڻ آهي ته جيڪا مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي، تنهن کي مان ڪيئن سمجهان! ۽ جيڪاا مون کي نٿي سمجهي تنهن کي مان ڪيئن ۽ ڇا سمجهايان!

نه هنس دل جلون پر تو باد بهاري،

اگر آج ميري تو کل تيري باري!

بدلتا هي رهتا هي اکثر زمانا،

جلي دل کو اچها نهين هي جلانا!

ستارو يه پيغام ان کو سنانا،

يه تنهائي اور فصل گل کا زمانا!

  هيءَ پئرا آهي، هڪڙي فلمي گاني جي جيڪو نور جهان ڪنهن زماني جي فلم خاندان ۾ ڳايو هو. اهو ظاهري رنگ روپ آهي، جنهن تي پاڻ فيصلو ڪندا آهيون ۽ اهو طريقو صحيح آهي، ڪردار ۽ اخلاق کي پاڻ ڇا چٽينداسين؟ آئڊيا آسڪروائلڊ جو آهي، مون فقط وڌاءُ ڪيوآهي.

haleembrohi@hotmail.com