ليکڪ

 

اڱارو 19 مئي 2009ع

 

 جيڪڏهن اوهان وٽ دل آهي ته اوهان ليکڪ آهيو، قلم کڻو ۽ لکڻ شروع ڪريو. هيڏانهن هوڏانهن نه نهاريو ڪنهن ڪهاڻي جي پلاٽ لاءِ. جيڪڏهن اوهان وٽ دل آهي ته ڪهاڻيون ۽ افسانه اوهان جي دل ۾ سٿيل آهن. جيڪڏهن اوهان وٽ دل آهي ته اوهان پروفيشنل ليکڪ نٿا ٿي سگهو. جيڪڏهن اوهان وٽ دل به آهي ۽ اوهان لکو به ٿا ته اوهان بس فقط ليکڪ آهيو، سادا سودا ليکڪ، اهڙا ليکڪ جن کي ليکڪ سمجهڻ ئي غلطي آهي. پروفيشنل ليکڪ اهي آهن، جيڪي ليک لکندا آهن، مضمون لکندا آهن، تجزيا لکندا آهن، بحث مباحثا لکندا آهن، ايڊيٽوريل ۽ ديباچا لکندا آهن، سڀ ڪجهه لکندا آهن، جيڪي مون گهريو سو مون کي لکي ڏيندا آهن، جيڪي اوهان چين سو اوهان کي لکي ڏيندا آهن، جيڪي هنن جي صاحب کي کپي سو به لکي ڏيندا آهن، جيڪي دنيا کي کپي سو به لکي ويندا آهن، مطلب ته هي هو اهو سڀ ڪجهه  لکي ويندا آهن، جيڪو تون ۽ مان فقط ان ڪري نٿا لکي سگهون جو مون وٽ به ۽ تو وٽ به دل آهي. ڇو ته پاڻ وٽ دل آهي، تنهن ڪري پاڻ پروفيشنل ليکڪ نٿا ٿي سگهون. ڇو ته پاڻ وٽ دل آهي، تنهن ڪري پاڻ فقط ٿرڊ ڪلاس ليکڪ ٿي سگهون ٿا، پروفيشنلز هرگز نه.

 پر پاڻ کي ڄاڻ ڪيئن پئي ته پاڻ وٽ دل آهي به يا نه! ڪي آهن، جيڪي پنهنجن آنڊن ۽ گجين کي پنهنجي دل سمجهي تمام گهڻو ڪجهه فقط تڏهن لکي ويندا آهن، جڏهن کين کائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملندو آهي. جن وٽ دل آهي، سي فقط بک تي ئي سٺو لکي سگهندا آهن. دنيا جي عظيم ليکڪن مان هڪ سعادت حسن منٽو به هو، جيڪو بکايل رهندو هو. هن کي شراب جي بک هئي، آسڪر وائلڊ کي جنسياتي بک هئي سو هن جيڪي ڪجهه لکيو، تنهن ۾ غضب جي سهڻائپ هئي. دل وارن ليکڪن جي نالن جي قطار ڊگهي ته آهي پر پروفيشنل ليکڪن جي نالن جي قطار اڳيان تڇ آهي.

  منهنجو خيال آهي ته مون وٽ دل آهي، يا الائجي مان پنهنجن ڦڦڙن کي دل سمجهي ڪڏهن الف سان ته ڪڏهن ب سان لڳائيندو رهيو آهيان! مون ضرور گند ڪيو هوندو جو گند ڪرڻ منهنجي فطرت جو اٽوٽ انگ آهي. مان جڏهن فرسٽ (مان) ۽ سيڪنڊ (تون) پرسن ۾ لکندو آهيان ته سٺو لکندو آهيان جو منهنجي دل کي مڪمل آزادي مليل هوندي آهي. ٿرڊ پرسن ۾ لکڻ عذاب آهي، ٿرڊ پرسن جو مطلب آهي هو ۽ هوءَ.

  هڪڙي عجيب ڳالهه آهي جا ڪجهه حيران ڪندڙ آهي. جيڪي به دل وارا ليکڪ آهن، تن بکايل هوندي به پنهنجن عقيدن بابت ڪجهه نه ڪجهه اهڙو ضرور لکيو آهي، جنهن ۾ سهڻائپ جو ڀنڊار موجود آهي. اهو ڪمال آهي ڇو ته دل وارا ته بکايل هوندا آهن ۽ هنن ۾ بک يا شراب جي يا جنسياتي هوندي آهي. پوءِ آسڪر وائيلڊ عيسايت بابت اهڙو سهڻو ڪيئن لکيو، مارڪ ٽئين جي فقط هڪڙي آکاڻي دَ مِسٽِيريَس اسٽرينجر (The Mysterious Stranger) پڙهي ڏسو، جنهن بابت مان نٿو ڄاڻان ته هن کي ڇاجي بک هئي، پر هن کي ضرور ڪا بک هئي نه ته هو اها آکاڻي نه لکي سگهي ها.

  لڪائي لڪائي به آخر مان اڃا ڪيترو لڪائيندس! باقي منهنجي زندگي جو بچيو ڪيترو حصو آهي جو مان اڃان به پاڻ کي اوهان اڳيان معزز، بزرگ، اشراف، آسمان مان لٿل، فرشتو ثابت ڪندو اچان. پوڙها ماڻهو سچ تمام گهٽ ڳالهائيندا آهن ۽ پاڻ بابت فقط ڪوڙ، دوکي ۽ فريب سان دنيا کي ڀنڀلائيندا آهن. اوهان مون کي غور سان ٻڌي وٺو، مان جي دنيا ڇڏي هليو ويس ته ڪو به ٻيو نه ايندو نه رهندو، جيڪو اوهان کي انساني فطرت چيري ڦاڙي ان جا آنڊا ڪڍي اوهان کي ڏيکاري. سٺ ستر ورهين جي عمر ۾ اوچتو ماڻهو کي احساس ٿيندو آهي ته گهڻو ڪجهه هو هن زندگيءَ ۾ جيڪو هن کان رهجي ويو. مرد کي  اهي عورتون ياد اينديون آهن، جن کي هن پنهنجي شرافت سان فتح ڪري پاڻ کي فرشتو ثابت ڪيو. عورتن کي ساڳي طرح اهي مرد ياد ايندا آهن، جيڪي هنن کان پري رهيا. مرد ۽ عورت جو اهو صاف سٿرو، ماضي ته ويو لڙهي، پر هاڻ ڇا رهيو؟ هاڻ حوس وارو زمانو به نه رهيو جو ڪو گند ڪري، سو هاڻ ڇا؟ هاڻ دل رهي آهي، پوڙهن وٽ جنهن دل کي ڪڏهن ڪا وڻيو وڃي ته ڪڏهن ڪا ٻي وڻيو وڃي. پر ائڪٽنگ ائين ڪندا، جيئن هنن کي احساس ئي ناهي ته ڪا کين وڻي به ٿي!

  شايد ئي ڪا عورت هجي جا مون کي وڻي هجي ۽ جنهن کي مون اهو نه چيو هجي ته تون مون کي وڻين ٿي ۽ شايد ئي ڪا عورت هجي جنهن سان مون بدتميزي يا هٿ چراند ڪئي هجي. سبب اهو نه هو ته منهنجو اندر صاف هو، سبب اهو هو جو مان ڊڄڻو هوس، مون کي معاشري ۽ ماحول کان ڊپ لڳندو هو، اوهان منهنجي انهن ڳالهين کي منهنجيون ڳالهيون نه سمجهو. اهي ڳالهيون انهن جون به آهن، جيڪي منهنجي عمر جا يا مون کان ڪجهه ننڍا يا وڏا آهن.

  جيڪڏهن اوهان وٽ دل آهي ته اوهان اڳيئي ليکڪ آهيو. ذهني تکائي، هوشياري ۽ سمجهه اوهان جي لکڻين ۾ ظاهر هوندي. هڪڙي عورت مون کي چوندي هئي ته اوهان هوشيار آهيو. انٽيليجنٽ آهيو، گهڻو پڙهيل آهيو، سمجهو آهيو مطلب ته منهنجي تمام گهڻي ساراهه ڪندي هئي ۽ مون کي وڻندي به هئي ۽ مان سندس تمام گهڻي عزت ڪندو هوس. هڪڙي ڏينهن جڏهن هن منهنجي ساراهه پئي ڪئي ته مون کائنس پڇيو ته اوهان جو منهنجي ذهن جي ايتري گهڻي ساراهه ڪندا آهيو ته بدلي ۾ مان اوهان لاءِ ۽ اوهان جي ساراهه لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪريان ۽ ڇا چوان ته اوهان ڇا آهيو؟ اهو مون پاڻ پنهنجن پيرن تي ڪهاڙو هنيو، هو مون کي هاڻ اڳي کان به وڌيڪ وڻي ٿي، پر رستا ڌار ٿي ويا آهن.

  هر هڪ پوڙهي جي ماضي ۽ حال ۾ اهڙيون سوين آکاڻيون آهن، جيڪي اصل ۾ حقيقتون آهن. پروفيشنل ليکڪ نالا بدلائيندا آهن، سيٽنگ بدلائيندا آهن، شهر ۽ ملڪ ئي بدلائي ڇڏيندا آهن. مان پروفيشنل نه آهيان، ڇو ته مان اکيون به  وڃايان پيو ۽ شايد اهو ڪم جلد ٿي وڃي، تنهن ڪري مون وٽ وقت ٿورو آهي. اوهان شايد حيران ٿيو ته هن حالت ۾ منهنجي اندر جي نظر ۾ ڪا آهي، جنهن جي انتظار ۾ شايد ڪجهه وقت وڌيڪ جيان. مان ٻڌايان ته هن وقت مون کي ڇا کپي؟ فقط هڪ ٻه ڍڪ وسڪي جا.

  پهريون ڀيرو آهي، جو منهنجو واسطو ڪنهن اهڙيءَ سان پيو آهي، جا پاڻ به  منجهي پئي آهي ۽ مون کي به منجهائي ڇڏيو اٿس. اڄ خيال آيو آهي ته عمر خيام شاعر وغيره نه هو. هو مڪمل عقيدو هو، مڪمل مت هو. فقط مٽي ئي آهي، جنهن جي روپ ۾ اسان هڪ ٻئي سان ملنداسين، جڏهن اسان ٺهيل ئي مٽيءَ جا آهيون ته اسان هڪ ٻئي کان الڳ/ڌار ڇو رهون؟ جيڪڏهن مان مٽيءَ جو ٺهيل آهيان ته مون کي مٽيءَ سان ئي پيار هجڻ گهرجي، هوءَ به مٽيءَ جي ٺهيل آهي ۽ مان به مٽيءَ جو ٺهيل آهيان ته پوءِ اسان ۾ وٿي ڇو هجي؟

haleembrohi@hotmail.com