منهنجي ماٺ

 

 

سومر 19 جنوري 2009ع 

 

. منهنجي ماٺ جو مطلب اهو ڪونهي ته مون ڪنهن جي ڪا صلاح يا ڳالهه يا نصيحت مڃي سنڌي آڏن ابتن اکرن لاءِ انگريزي اکرن جي استعمال تان هٿ کڻي ورتو آهي. منهنجا افعال، طريقا ۽ ڪم ڪرڻ جا ڍنگ بيشڪ سنڌي اکرن وانگر آڏا ابتا آهن، پر مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو ذهن صحيح واٽ تي آهي. جيڪا سنڌي اکرن لاءِ انگريزي اکرن جي واٽ آهي ۽ اهو ئي سنڌي رسم الخط جو مستقبل آهي.

. منهنجي سوچ صحيح هجڻ لاءِ اوهان پنهنجن موبائيلن ۾ آيل پنهنجا نياپا ڏسو، جيڪي اوهان ڏانهن انگريزي اکرن ۾ پهتا آهن. آهي ڪٿي ڪا ڱ، ڃ ۽ ڄ لاءِ گنجائش؟ هڪ ڀيرو وري غور سان ڏسي ٻڌايو ته انهن انگريزي اکرن ۾ آهي ڪو ٽ ۽ ت ۾ تفاوت، غ ۽ گ ۾ ڪو تفاوت، ٽ ۽ ٺ ۾ تفاوت جيڪي اوهان سنڌي اکرن لاءِ استعمال ڪندا آهيو؟ 56 سنڌي اکرن مان چوٿائي اکرن لاءِ اوهان منجهي پوندا آهيو ته ڪهڙا انگريزي اکر استعمال ڪجن.

. مون سوچ سمجهه سان انگريزي 26 اکرن کي ائين جوڙيو جو انهن مان سنڌيءَ جي 56 اکرن مان هر هڪ لاءِ انگريزي اکرن ۾ صحيح اچار نڪري، پر مون کي ننديو ويو. مون تي ٺٺوليون ڪيون ويون، تهمتون لڳايون ويون ۽ درگذر ڪيو ويو ڇو؟ ڇو ته مان ماستر نه آهيان، سنڌي ۾ ايم اي نه آهيان ۽ انهن عقلمند پي ايڇ ڊين مان نه آهيان، جن وٽ ڊگريون کوڙ آهن، ملڪ به ڪافي گهميا آهن سرڪاري خرچ تي، پر پنهنجين کوپڙين مان ڪا به نئين شيءِ ايجاد نه ڪري سگهيا آهن. مان هنن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگي  چڀندو رهيو آهيان. هنن کان پڇو ته سنڌي واري ڪ لاءِ جي انگريزي اکر K استعمال ڪبو ته سنڌي واري ک لاءِ ڪهڙو انگريزي اکر استعمال ڪبو؟ هي منجهي پوندا، پر ته به هي پنهنجن کيسن ۾ موبائيل رکندا آهن.

. مون جڏهن لکيو ته ڪ لاءِ K استعمال ڪريو ۽ ک لاءِ KK (ڊبل K) ڪتب آڻيو ته کلڻ لڳا ته KK به ڪو اکر آهي؟ ۽ جڏهن مون چيو ته Sukkur ۾ ۽ بکر ۾ انگريزن به ک لاءِ KK استعمال ڪيو هو، تڏهن اوهان انگريزن سان ڦڏو ڇو نه ڪيو هو؟ تڏهن ڪو به جواب نه ڏنائون. ائين مون وٽ منهنجي جوڙيل هر هڪ انگريزي اکر لاءِ جواز آهي، سو هاڻ ٿا چون ته ماٺ ڪر، ايترو به نٿا سمجهن ته منهنجن جوڙيل انگريزي اکرن جي معاملي ۾ هاڻ سندن پنهنجا ٻار به سندن چئي کان ٻاهر نڪرندا وڃن.

. منهنجي جوڙيل اکرن ۾ جادو آهي، ان ۾ نه فقط سنڌي، بلڪه اردو، فارسي، انگريزي، عربي، بلوچي، پشتو، گجراتي، براهوي ۽ تقريبن سڀن زبانن جا اچار لکي سگهجن ٿا، انهن ئي اکرن ۾ مارواڙي به لکيل آهي ۽ ڍاٽڪي به لکيل آهي ۽ اهي سڀيئي ترجما مون پاڻ پنهنجن دوستن ۽ واقفن جي مدد سان ڪيا آهن، جو مان پاڻ فقط اردو، سنڌي ۽ انگريزي ڄاڻان. جيڪڏهن منهنجو وقت اجايو بحث مباحثي ۾ ۽ مون تي چٿرن تي نه وڃايو ويو هجي ها ته مان يورپ جي هڪ ٻن ٻولين جا ٽڪر به پنهنجن اکرن ۾ لاهي ويو هجان ها.

. سڄي سنڌ يونيورسٽي ۾ فقط وائيس چانسلر مظهرالحق صاحب هو، جنهن چوويهه ڪلاڪن ۾ فيصلو ڪري مون کي چيو ته پاڻ تو واري انهيءَ اسڪرپٽ کي يونيورسٽي جي آفيشل اسڪرپٽ ٿا ڏيون. مون کيس چيو ته نه اوهان سنڌي ۾ ايم اي يا پي ايڇ ڊي آهيو ۽ نه مان. هن اسڪرپٽ جي قبول ٿيڻ تي سنڌي استاد، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي پنهنجي حيثيت، عزت ۽ مان جي بي عزتي سمجهندا. هو هرگز قبول نه ڪندا ته مون جهڙي سترهين گريڊ جي کوجنا هنن جي ويهين ۽ اوڻويهين گريڊ جي مٿان چڙهت ڪري وڃي. جيڪڏهن اوهان اهو اسڪرپٽ قبول ڪرائڻ لاءِ علم جي انهن اڪابرن اڳيان رکيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي جي ليڪچرار کان وٺي سنڌي جي پي ايڇ ڊي تائين سنڌي ٻولي جا گورنر ۽ حاڪم سڄي سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ اوهان جي خلاف وڏي پيماني تي بغاوت ڦهلائيندا. اوهان اهو ڪم ڪرڻ جو سوچيو به نه.

. مظهر صاحب مون کي چيو ته پوءِ تون ان اسڪرپٽ جو ڇا ڪندي؟ مون کيس چيو ته مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏيو.

. اڄ سنڌين جي گهرن ۾ اردو چينل به پيا هلن، سنڌين جي کيسن ۾ پيل موبائيلن تي اردو گانا به پيا وڄن، اڄ هنن کي ڪا روڪ ٽوڪ ناهي، پر مون سان نفرت ڪئي ويندي هئي، جو اهي سنڌي جا ايم اي گورنر ۽ سنڌي جا حڪمران پي ايڇ ڊي مون سان ڪنهن ڳالهه يا بحث ۾ پڄي نه سگهندا هئا. هنن سنڌين کي ڄاڻ ئي ناهي ته مون 37 سالن جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ۽ منهنجا پهريان ڪتاب انگريزي ۾ هئا، پوءِ مون اردو ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، جنهن ۾ هڪ ڊگهي ڪهاڻي ۽ ڪيئي ڪتابچا لکيا. جڏهن مان چاليهه سالن جو هوس تڏهن مون پهريون ٽي ڪهاڻيون سنڌي ۾ لکيون، پوءِ مان موٽي انگريزي ۾ ويس. مان ته نه هوندس پر منهنجي وڃڻ کان گهڻو پوءِ تائين منهنجو ڪتاب SEEDS ماڻهن کي ياد رهندو. سنڌي ته اهو ڪتاب نه پڙهندا، ڇو ته سنڌين کي غير سنڌي ڪتاب پڙهڻ جي عادت ڪانهي، اها سندن سٺي عادت آهي، اها عادت سندن هستي مٽائي ڇڏيندي. سنڌي ٻولي جو مقابلو اردو ٻولي سان ناهي، سنڌين جو مقابلو سڄي دنيا جي ٻولين سان آهي ۽ انهيءَ مقابلي ۾ سنڌي تمام گهڻو پوئتي آهن ۽ پوئتي ٿيندا پيا وڃن.

. آمريڪا ۾ سنڌين جو هڪڙو ادارو آهي SANA (سنا) سنڌي لکو، سنڌي پڙهو ۽ سنڌي ڳالهايو وارن ڪڏهن ان اداري جي ميمبرن کان پڇيو آهي ته هنن آمريڪا ۾ ڪيترا سنڌي اسڪول کوليا آهن؟ هڪ به نه. پنهنجين ميٽنگن ۾ نچندا آهن، ڳائيندا آهن ۽ جهومر هڻندا آهن. مون ڪنهن سنڌيءَ کان پڇيو ته سندس گهرواري نه آئي ڇا؟ چيائين ته هوءَ سنڌي ناهي ۽ غير سنڌين جو هتي اچڻ منع آهي. هن جي زال انگريز وغيره هئي، پر سنڌين کي مون ڏٺو آهي ته اڇن ۽ ڪارن کان پري ئي ٿيندا وڃن، پوءِ کڻي زال مڙس هجن.

. پنهنجي حياتي ۾ مون وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو ڪيو آهي جو عمر خيام جون 235 ربائيون پنهنجن جوڙيل انگريزي اکرن ۾ اردو/هندي ۾ ترجمو ڪري ٻه ايڊيشن ڇپايا. مان ڄاڻان ٿو ته اوهان سنڌي هجڻ ڪري ڪا به نئين شيءِ نه پڙهندا، پر ته به مان اوهان کي چوان ٿو ته ٿوري ڪوشش ڪري پڙهي ته ڏسو، اهو ڪم اردو دان ۽ هندي دان به فقط منهنجي ڪتاب تان ڪاپي ڪري سگهندا.

. قدرت جيڪا زيادتي اسان سان ڪئي آهي، سا اها آهي ته اسان مان هر هڪ جي مرڻ جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، هر ڪو پنهنجي مقرر وقت تي مرندو، نه منٽ اڳي نه منٽ پوءِ. منهنجي کاٻي اک بلڪل زيرو آهي ۽ ساڄي اک کي آپريشن کپي، ٻڌڻ کان هونئن ئي لاچار آهيان، جي اوهان جي دعا ۾ اثر آهي ته دعا ڪريو ته جلد  وڃان، شايد اوهان حيران ٿي وڃو جي مان اک جي آپريشن کان اڳ هڪڙو ٿلهو متارو ناول لکي وٺان، مون کي پبلشر جي ضرورت آهي.

. سوچ، سمجهه، علم، ڄاڻ، مستقبل جي ڄاڻ وغيره جون خبرون سنڌي جي ايم اي ۽ پي ايڇ ڊين وٽ هوندي آهي، جن سان سنڌ يونيورسٽي سٿي پئي آهي، مون وٽ سنڌي رسم الخط بابت ڪا به سوچ، سمجهه، علم، ڄاڻ ۽ ان جي مستقبل بابت ڪا به اڳڪٿي ناهي ۽ نه مان سنڌي رسم الخط جو ماهر آهيان، جو اسٽيج تان بيهي اوهان کي اوهان جي رسم الخط جو مستقبل ڪنهن وڏي عقلمند ۽ عالم فاضل وانگي سمجهايان، پر مان اوهان کي هڪ صلاح ٿو ڏيان، اوهان هيئن ڪريو جو سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ٽيئي ادارا ڪنهن رومال ۾ ٻڌي ڪنهن ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيو ۽ انهن ٽنهي ادارن بدران هڪڙو اهڙو ادارو ٺاهيو، جنهن جو ڪم فقط اهو هجي ته سنڌي رسم الخط کي انگريزي اکرن ۾ تبديل ڪري ۽ انگريزي اکرن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ڪري. منهنجي انهيءَ ڳالهه تي انگريزن جي جوڙيل سنڌي ڪاميٽي طرفان ٺاهيل سنڌي رسم الخط جا ماهر پوشيده اعتراض به ڪندا، ڦڏو به ڪندا ۽ پوءِ بغاوت به ڪندا، جو هنن جي سالانه ڪمائي گهٽجي ويندي. ٿورو مڙس ماڻهو ٿيو ۽ بک مرڻ سکو.

haleembrohi@hotmail.com