پنهنجو اچڻ!

 

 

خميس 18 جون 2009ع

 

  جيڪي ڪجهه سنڌ صوبي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن پنهنجين ذاتين جي باري ۾ لکيو آهي، سو اوهان غور سان پڙهو، هڪ ڀيرو نه، بلڪه هزار ڀيرا ۽ اوهان محسوس ڪندا ته اوهان جي ذهن ۾ نئين سنڌ صوبي جي هڪ عاليشان مختصر تواريخ ٺهي ويندي. اهڙي عاليشان جيڪا قابلِ اعتبار ۽ قابلِ اعتماد هوندي. اڳي مان انڌو هوس تنهن ڪري سنڌي اخبارون نه پڙهندو هوس ۽ اڳي مان ٻوڙو هوس تنهن ڪري سنڌي ماڻهن جو ڳالهائڻ نه ٻڌندو هوس. ٽي چار مهينا ٿيا آهن، جو مون کي اخبارن مان ڄاڻ پئي آهي ته هر هڪ سنڌي پنهنجو پاڻ ۾ هڪ مختصر تواريخ آهي جو هنن مان هر هڪ ڄاڻي ٿو ته سندس وڏا ۽ انهن جا به وڏا ۽ انهن وڏن جا به وڏا سنڌ ۾ ڪٿان آيا هئا. سنڌين جي انهيءَ جوڙيل سندن ذاتين جي مختصر تواريخ جي اوهان چاهيو ته فقط هڪ سٽ ۾  لکي سگهو ٿا ۽ اها جادوئي سٽ آهي ته سنڌ صوبي ۾ رهندڙ موجود سڀئي سنڌي يا غير سنڌي ذاتيون سنڌ  صوبي ۾ عربستان مان آيون آهن. سنڌ صوبي ۾ رهندڙ ڪا هڪڙي به سنڌي يا غير سنڌي ذات دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ مان نه آئي آهي. هر هڪ ذات سعودي عرب ۽ عربستان ۾ لائين ۾ بيٺل هئي. سنڌ صوبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ته جيئن اڳئين لائين سنڌ ۾ داخل ٿئي ته پوءِ هو به داخل ٿئي. اها مون ڪئي آهي. تمهيد جنهن کي اوهان ديباچو يا ٻه اکر به  چئي سگهو ٿا. هاڻ ٿو ٻڌايان ته مان سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي پنهنجي زباني سندن ذاتين جي مختصر تواريخ جا پڙهي، هو پاڻ به خوش ٿيندا ۽ اوهان به گد گد ٿيندا.

  اوهان هندن جو ڌرمي ڪتاب ارٿ شاستر پڙهيو آهي؟ ضرور پڙهيو هوندو، جو اوهان پڙهاڪو مشهور آهيو. مون ان جون ٻه چار پئراز پڙهيون هيون. پهرين ڪجهه نه هو، چوڌاري دونهاٽيل هو، ڪو به رنگ نه هو، ڪجهه اهڙي نموني جي شروعات هئي انهن پيراز جي، جيڪي مون پڙهيون. اهو ڪتاب منهنجو دوست مير مظفر ٽالپر ڪئناڊا کڻي ويو، پر اها هڪ سٽ مون لاءِ، اوهان لاءِ ۽ سنڌ جي مختصر تواريخ لاءِ ڪافي آهي. سنڌ ۾ ڪجهه نه هو. بلڪل خالي هئي، نه ڪو پکي هو، نه ڪو جانور هو، نه ڪو ماڻهو هو، نه ڪو جيت هو، مطلب ته ڪجهه نه هو، ڇو؟ ڇو ته دنيا سڄي ۾ جيڪي به ماڻهو جيت پکي هئا، سي سڀيئي عربستان ۾ گڏ ٿيل هئا ۽ لائينون لڳائي رهيا هئا سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ. سو سنڌ بلڪل خالي هئي، ڳالهه ته ڊگهي ٿي ويندي، پر لکڻ به ضروري آهي جو آخر مان به ته ليکڪ آهيان. دنيا ۾ جيڪي به سنڌي هئا، سي سڀيئي عربستان ۾ گڏ ٿي بس فقط سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ آتا هئا. ڪمال هي به آهي ته عربستان ۾ عرب به نه هئا، جيڪي انهن گڏ ٿيل سنڌين کي سمجهائين ته عربي ۾ گ ناهي، تنهن ڪري ذات منگي ٺيڪ طرح لکو، عربي ۾ ڙ به ناهي سو ابڙو به خيال سان لکو ۽ عربي ۾ چ به ناهي، سو چچ نامي جي ڳالهه متان ڪريو. پر اهي ڳالهيون اجايون آهن، ڇو ته سنڌين مطابق دنيا ۾ سڀ کان پهرين ٻولي سنڌي ٺهي هئي، جا عربستان ۾ گڏ ٿيل سنڌي پاڻ ۾ ڳالهائيندا هئا ۽ ان وقت تائين عربي، بلوچي، بروهي، پشتو، گجراتي، مارواڙي وغيره ايجاد نه ٿيون هيون، جو اڃان سنڌ جا محقق سنڌ ۾ نه پهتا هئا.

  هي ته هئا دنيا، جهان ۽ ڪائنات جي ماضي، حال ۽ مستقبل جا سنڌي جيڪي عربستان ۾ گڏ ٿيل ان گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا ته عربستان جا دروازا کلن ته سڄي دنيا ۾ پکڙجي وڃن ۽ علم، ادب، ٻولي، سائنس، آسمان، چنڊ، تارن ۽ ڪائنات تي تحقيقات ڪري وڏا سائنسي ڪتاب لکن. ان زماني ۾ ڏکڻ ايشيا (هندستان، مهاڀارت) جو ڪهڙو حال هو؟ ڇو ته دنيا جا سڀئي سنڌي عربستان ۾ هئا، تنهن ڪري ڏکڻ ايشيا بلڪل اهڙو پوٺو هو، جنهن ۾ نه ڪو ماڻهو هو، نه ڪو ڇيڻو هو، نه ڪو ٻڪر هو، نه ڪا رڍ هئي. مطلب ته بلڪل خالي هو. اوچتو جو عربستان جا دڳ کولي قدرت سنڌين کي چيو ته سڄي هندستان بلڪه دنيا ۾ پکڙجي وڃو ۽ سائنس کي ترقي وٺايو. سو هڙئي سنڌي هندستان ۾ پکڙجي ويا. اهو معجزو هو جو جن کي عربي ٻولي جي هڪ سٽ جي معنيٰ به نه ايندي هئي سي عربي ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما ائين پڙهي ويا، جيئن انهن ترجمن ۾ ڪا خامي يا نقص جو سوال ئي نه هو. بس، بس ثابت ٿي ويو ته سڄي هندستان بلڪه ڪائنات ۾ سڀ کان پهرين سنڌي ماڻهو ڇائنجي ويا. اهي سڀئي ماڻهو عرب نسل سڏائڻ لڳا آهن ۽ پوءِ به چوندا آهن ته اسان سنڌي آهيون. چئو ته عرب آهيون ۽ هتان نڪرو ٻاهر، يا چئو ته سنڌي آهيون. مان سمجهي نٿو سگهان ته اوهان کي سچ ڳالهائڻ ۽ سچ مڃڻ ڇو نه ٿو اچي؟ منهنجو پيءُ بروهي هو، منهنجي ماءُ سومري هئي، منهنجو نانو عبدالله خان سومرو خيرپور ناٿن شاهه کان اچي حيدرآباد ۾ الهندي ڪچي ۾ سيٽل ٿيو هو، جنهن کي اڄ گاڏي کاتو چوندا آهن. ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ هوٽل کان وڏي هوٽل سنڌ زميندار هئي جيڪا منهنجي وڏي مامي محمد حسن جي هئي. منهنجو ٻيو مامو الله ڏتو سومرو هوٽل فاران جو مالڪ هو. هاڻ سندس پٽ اختر آهي، جيڪو منهنجو ماروٽ آهي. سنڌي سفرناما لکندڙ الطاف شيخ منهنجي ماروٽ جو پٽ آهي، سو مان آهيان بروهي ۽ امان هئي سومري. جيڪڏهن اوهان جي ماءُ پيءُ مان ڪو هڪڙو سومرو ۽ ٻيو بروهي آهي ته بيشڪ مون سان بحث ڪريو، نه ته پنهنجو وات رکو بند.

  پوءِ هندستان ۾ اهي هندو ڪٿان آيا، جن تي هر هفتي هر ڏهاڙي افغانستان مان ڪڏهن ڪو خلجي، ڪڏهن ڪو غزني، ته ڪڏهن ڪو غزنوي حملو ڪري ايندو هو؟ انهن سنڌين ان زماني ۾ عربستان ۾ ڇا پئي ڪيو؟ ڪهڙن بروهين آسمان ۾ اسپٽنگ ڇڏيا آهن جو بروهي اڄ به فخر ڪن؟ ڪهڙن چنڊ تي ماڻهو لاٿا آهن، ڪهڙن نيوٽن جي لاز آف موشنس ۾ هڪڙو به واڌارو ڪيو آهي جو آپي کان ٻاهر نڪرندا وڃن؟ چار اکر سنڌيءَ جا  لکي ۽ پڙهي پاڻ کي آسماني مخلوق سمجهڻ اوهان کي انهن چمچن سيکاريو آهي، جيڪي اسٽيج تي چڙهي ائين ڳالهائيندا آهن، جيئن ڄاڻ هو جيوپيٽر ۽ مارس تي پهتا؟ پهرين ٻه چار ٻوليون ڄاڻو، پوءِ ڏسو ته جيڪي ترجما پڙهندا آهيو، سي سڌا آهن يا آڏا ابتا آهن. جنهن پني تي مان پيو لکان ۽ جيڪي پنا اوهان خراب ڪندا آهيو، سي ڇا اوهان ٺاهيا هئا؟ اوهان کي اچي ڇا ٿو ۽ اوهان ڪيو ڇا آهي جو پدرم بادشاهه بود چئي پراوا پنا به خراب پيا ڪريو؟ مون کي پاڻ کان گهٽ يا پنهنجي برابر نه سمجهجو. منهنجا افعال بڇڙا رهيا آهن، پر مون جيڪي ڪم ڪري ڇڏيا آهن، سي اوهان کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن.

 هندستان جو رهاڪو هندو نه سڏبو ته ڇا افغان سڏبو؟ عربستان جو رهاڪو عرب نه سڏبو ته ڇا بنگالي سڏبو؟ توهان کي ڇو دشمني آهي نالن سان، ناتن سان، عادتن سان، ذهنيتن سان، متن سان، ڌرمن سان، مذهبن سان، پيار محبت سان؟ مان مسلمان آهيان، پر مان ڪنهن به غير مسلمان کي زبردستي مسلمان نه ڪندس؟

haleembrohi@hotmail.com