فطور

 

 

سومر 16 مارچ 2009ع

 

منهنجي ذهن ۾ الائي ڪهڙو فطور ڀريل آهي، جو ڳالهيون کٽن ئي نه ٿيون. ڪا ڳالهه ختم ٿي ٿئي ته ان جي جاءِ ڪا ٻي ڳالهه والاريو ڇڏي.

جا ڳالهه مان اڄ نٿو چوان، سا اوهان ويهن سالن کانپوءِ باقائدي رائج ٿيندي ڏسندا. تڏهن مان اوهان کي ياد نه هوندس. مون کي ته ڪن ڪونهن، پر اوهان کي ته هڪ نه پر ٻه ٻه ڪن آهن. سو منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو.

سنڌ ۾ جڏهن انگريزي پرائمري اسڪولن جو ڪورس ٺهي، تڏهن ان ڪورس ۾ ننڍڙن ٻارن کي اها چونڊ ضرور ڏجو ته پهرين ٻن سالن ۾ ديوناگري/هندي، گجراتي، ڪاٺياواڙي، مارواڙي، ڍاٽڪي، بلوچي، براهوي، ڪڇي، اردو، فارسي، عربي، ترڪي، جرمن، ڊچ، فرينچ، پشتو، هندي ۽ ٻين ٻولين مان ڪنهن هڪ ٻوليءَ جا بنيادي اکر سکڻ جو فيصلو ڪن. انهن سڀني ٻولين ۽ ٻين به سڀني ٻولين جا اکر انگريزي ٻوليءَ جي اکرن ۾ لکجي سگهجن ٿا. صاف ظاهر آهي ته ٻارن لاءِ انهيءَ چونڊ جي چونڊ ۾  فيصلو ٻارن جا مائٽ پنهنجن ٻارن جي مرضي تي ٿاڦيندا، پر هوريان هوريان اهو سرشتو پنهنجي سهڻي شڪل پاڻ وٺي ويندو. اوهان چوندا ته حليم جي اها ڳالهه بيوقوفي ۽ ناممڪن آهي. اوهان ته مون کي سدائين ۽ سمورو بيوقوف سمجهيو آهي، پر اوهان پاڻ ڏسو ته مان اڄ به ليکڪ، ۽ منهنجا ڪي خيال اوهان قبول به ڪري رهيا آهيو. جي مان ٺپ بيوقوف هجان ها ته اوهان مون کي ڪڏهوڪو لت هڻي ليکڪن جي دنيا مان خارج ڪري چڪو ها. هاڻي هڪڙي نئين خواهش دل ۾ پيدا ٿي آهي، اها آهي ته ڪاش مان ٺپ بيوقوف هجان ها ۽ اوهان مون کي ليکڪن جي دنيا ۾ هڪڙو منٽ به برداشت نه ڪيو هجي ها!

 لکڻ خفي جو ڪم آهي، ٽي وي کي انٽرويو ڏيڻ لاءِ سوچڻ جي به ضرورت نٿي پئي. هڪڙي پاسي ڍنڍورو ڏنو ويندو آهي ته خيالات جي اظهار جي آزادي (Freedom of speech) جي آزادي هئڻ گهرجي ۽ اهو هر ماڻهوءَ جو حق آهي، ته ٻئي پاسي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويندو آهي ته فلاڻي ڳالهه  متان ڪرين. جي ڪو  چريو آهي ته ان چريي کي به ڳالهيون ڪرڻ ۽ لکڻ جو حق آهي. مان چريو ئي سهي، پر مان ڳالهائيندو آيو آهيان ۽ ڳالهائيندو رهندس. مان لکندو رهيو آهيان ۽ لکندو رهندس. موت آهي باقي پري!

هڪڙي ڳالهه مان ورجائڻ چاهيان ٿو جو اسان سنڌين جون کوپڙيون نرم آهن ۽ هر ڪا ڳالهه جا نه وڻي، سا نه فقط وساري ڇڏيندا آهيون، بلڪه  ان کان انڪاري به ٿي ويندا آهيون ۽ اها ڳالهه آهي مختصر  تاريخ نويسن لاءِ. انگريزن بامبي وارو سمورو علائقو پنهنجي  قبضي ۾ ورتو هو، ان سڄي علائقي تي هنن جو راڄ هو، جنهن کي هو بامبي پريزيڊنسي چوندا هئا. هنن پنهنجي ايڊمنسٽريشن بهتر ڪرڻ لاءِ ان پريزيڊنسي جا ڪجهه ٽڪر الڳ ڪري ان جو نالو سنڌ رکيو ۽ مختصر تواريخ نويس انهيءَ ايڊمنسٽريٽو آرڊر لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيس مار خان سمجهي لکيو ته نيٺ فلاڻي سن ۾ سنڌ انگريزن جي راڄ کان آزاد ٿي. مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته هي مختصر قسم جا تاريخ لکڻ وارا آخر حقيقتون ڇو لڪائيندا آيا آهن ۽ ڪنهن کان لڪائيندا آيا آهن! مان ڄاڻان ٿو ته هنن کي پاڻ کي سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ ناهي. هي ڄاڻن ئي نٿا ته تواريخ ڇا ٿيندي آهي، ڇا کي چئبو آهي، ڪيئن لکبي آهي. هنن دنيا جي ملڪن جو ڪو ائٽلس ڏٺو به هجي ته هنن کي ڄاڻ هجي ته ڌرتي ڇا آهي ۽ ملڪ ڪيئن ٺهي وري بگڙي، وري ٺهيا آهن ۽ اهو سلسلو سدائين کان جاري رهيو آهي ۽ سدائين هلندو رهندو.

haleembrohi@hotmail.com