پاڻ ڇو ٿا لکون؟

 

 

سومر  16  فيبروري 2009ع 

 

.مون کي اپاهج ڪرڻ چاهيو ته مون تي ڪو احسان ڪري ڇڏيو، مان ڪنهن ڪم جو نه رهندس.

.مون هفتيوار يا ماهوار ڪالم لکڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي آهي. جيڪڏهن مان هفتيوار ڪالم لکڻ جي ڪوشش ڪريان ته ٻن يا ٽن هفتن ۾ پنهنجو ذهن وڃائي ويهندس. زوريءَ ڳالهيون گهڙڻ وارو ڪم مان ڪري ئي نٿو سگهان. منهنجو ذهن منهنجي وس ۾ ئي ناهي، جيڏانهن ٿو وڻيس اوڏانهن ٿو هليو وڃي. منهنجو هڪڙو ساٿي مون کي چوندو آهي ته تون پنهنجي معاملن جو سٺو مئنيجر نه آهين. حقيقت اها آهي ته مان پنهنجن معاملن جو انتهائي گندو مئنيجر رهيو آهيان. مون هر هنڌ گند ڪيو آهي، مون هر هڪ ڪم ۾ گند ڪيو آهي. چڱائي، صفائي، سٿرائي منهنجي فطرت ۾ ئي ناهي، ۽ قدرت به مون سان گڏ مون وانگي ئي هلي آهي. مون کي غلط سمجهو، منهنجي ڪنهن ڳالهه کي غلط رنگ ڏيو، مان مري ويندس. مان بي حس ناهيان جو پوءِ به جيئرو رهان. سياري ۾ اونهاري ۾ گهٽين ۾ ۽ رستن تي لکين پيرين اگهاڙا ۽ پيٽ بکايل هلن پيا، مان به هلي سگهان ٿو.

.وڏا محل محلات هجن يا فقط پنج ايڪڙ ٻني هجي، منهنجي نظرن ۾ انهن مان وڌيڪ خوش نصيب اهو آهي، جنهن وٽ پنج ايڪڙ ٻني آهي، بس مان فقط سياري کان ڊڄان ٿو.

.ماڻهو غلاظت جو ڍير/انبار آهي، جيئن جيئن عمر ۾ وڏو ٿيندو ويندو آهي، تيئن تيئن پنهنجون غلاظتون لڪائڻ سکندو ويندو آهي ۽ ٻڍاپي کي پهچي پاڻ کي معتبر ظاهر ڪندو آهي. اها آکاڻي فقط منهنجي ناهي، اوهان جي به آهي، سڀني جي آهي، هر هڪ ماڻهوءَ جي آهي. منهنجي انهيءَ ڳالهه تي جيڪڏهن اوهان مون سان ڦڏو ڪندا ته مان به ڦڏي تي لهي ايندس ۽ اوهان کي اوهان جا ڪيل ماضيءَ جا ڪرتوت ٻڌائيندس. اهو ڪم تمام سولو آهي، ڇو ته اوهان جا ماضيءَ ۾ ڪيل ڪرتوت بلڪل اهڙا هئا، جهڙا منهنجا هئا. ڪو به  تفاوت نه هو، اوهان جي ۽ منهنجي ماضيءَ جي ڪرتوتن ۾.

.ننڍا هئاسين ته اسان سادا هئاسين، وڏا ٿيندا وياسين ته غلط ٿيندا وياسين، جو هوريان هوريان پنهنجا ڪارا ڪم لڪائڻ سکندا وياسين. هاڻ پاڻ سڀيئي معتبر آهيون، جو پاڻ ٺيڪو کنيو آهي، دنيا کي دوکو ڏيڻ جو. پاڻ پنهنجن ننڍن ٻارن کي ائين نصيحتون ڪندا آهيون، جيئن اسان جڏهن سندن عمر جا هئاسين، تڏهن اسان فرشتا هئاسين.

.ٽاپڪ بدلائڻ گهرجي. مون ٻڌو آهي ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي واري عمارت ۾ وڏن اکرن ۾ الف، ب، ت لکيل آهي. منهنجو خيال آهي ته انهن اکرن کي اڃا به ڪجهه وڌيڪ وڏو ڪرڻ گهرجي.

.عذابن جا مختلف قسم آهن، پر سڀ کان وڏو عذاب آهي، سنڌي اکر لکڻ. اوهان ديوناگري/هندي اکر لکو، انگريزي اکر لکو ۽ پوءِ سنڌي اکر لکو. سنڌي اکرن ۾ ڪالم لکي ختم ڪرڻ تائين اوهان جي ٻانهن جواب ڏيئي ويندي. سنڌي ليکڪ ڪجهه به چون، مون سميت پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن نالي ۽ پئسي جي لالچ نه هجي ته ڪو به سنڌي ليکڪ سنڌي اکرن ۾ ڪالم نه لکي. چاليهه ورهين جي عمر ۾ جڏهن مون کي پهريون ڀيرو هڪڙي سيريس ۽ ٻه مشڪري واريون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ لکڻ سجهيو ته ان وقت مون کي نه پئسن جي ضرورت هئي، نه نالي جي اهميت جي ڄاڻ هئي. مون اهو ڪتابچو پاڻ ڇپائي مفت ۾ ورهائي ڇڏيو. نه منهنجو اهو ڪتابچو ماڻهن کي وڻيو ۽ نه وري منهنجو لکڻ ئي ماڻهن برداشت ڪيو. ٽن چئن ورهين کانپوءِ اهي ٽيئي ڪهاڻيون سهڻي رسالي ۾ جنهن ڇپيون تنهن کي نه سيريس ڳالهه جي ڄاڻ هئي نه مذاح جي سمجهه هئي. هن کي فقط پنهنجي رسالي جي نالي پڏائڻ جو شوق هو. پر اڄ ڳالهه ٻي آهي، مون کي پيسن جي لالچ به آهي، نالي ڇپجڻ جو شوق به آهي، جيڪي ٻئي لياقتون اڄ مون ۾ ڪونهن.

.مان سمجهي نٿو سگهان ته ماڻهو بک ڇو نٿو مري سگهي ۽ کيسا خالي ڇو نٿو رهي سگهي. مان پيرين اگهاڙو هلڻ چاهيان ٿو، پر سيءَ تپايو آهي.

haleembrohi@hotmail.com