عقلمند

 

 

خميس 16 اپريل 2009ع

 

  چريو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڏو عقلمند سمجهندو آهي، مان پنهنجي ڳالهه پيو ڪريان، ٻين چرين جي نه.

 زيب سنڌيءَ کي ڪنهن موبائيل تي نياپو ڏنو ته سٺو ليکڪ جسماني  نقص ۽ چريائپ جي ئي ڪري سٺو لکي سگهندو آهي ۽ جيڪڏهن هن ۾ اهي ٻه نقص  نه هجن ته هن جو سٺو ليکڪ ٿيڻ ناممڪن آهي. مون زيب کي جواب موڪليو ته سندس اهو دوست بلڪل صحيح آهي، مون ۾ جسماني نقص به آهن ۽ مان چريوبه آهيان. هن جواب ڏنو ته هو مون کي جينيس ليکڪ سمجهندو رهيو آهي. جواب ڏنومانس ته جينينس هجڻ ممڪن ئي ناهي، جيستائين چريائپ موجود ناهي. مان نٿو ڄاڻان ته زيب جو مون بابت هاڻ خيال ڇا آهي. مون وٽ ثابتي آهي، منهنجي ننڍپڻ کان ئي چريي هجڻ جي. پنهنجن سڀني ٻارن مان منهنجي ماءُ مون کي سڀني ٻارن کان وڌيڪ ڀائيندي هئي، ۽ پاڻ ڄاڻون ٿا ته ماءُ پنهنجن ٻارن مان ان ٻار کي وڌيڪ ڀائيندي آهي، جنهن ۾ ڪو نقص هجي. جن منهنجي ماءُ کي نه ڏٺو، جن جو واسطو منهنجي ماءُ سان نه پيو، يا جن کي منهنجي ماءُ نه وڻندي هئي، سي چوندا رهيا ته حليم کي سندس ماءُ کاريو. امان ڄاڻندي هئي ته حليم چريو آهي ۽ دنيا ۾ نه هلي سگهندو ۽ ضرور گند ڪندو، سو هو ڪري به ڇا ٿي سگهي، سواءِ مون کي پيار ڪرڻ جي!

  ورهاڱو، پارٽيشن يا اردو/هنديءَ ۾ بٽوارا جو مطلب مان هندستان کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ ئي سمجهندو آهيان. هندستان جو مختلف حصن ۾ ورهائجي وڃڻ ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو سانحو آهي. آخر ڪا ته خاص سهڻائپ، ڪا خاص ڳالهه هندستان ۾ هئي جو احمد شاهه ابدالي، غوري، غزنوي، نادر شاهه، بابر هڙئي هزارين ميل اڪري هندستان ڏانهن ايندا هئا.  اڄوڪا مسخرا تواريخدان جي ان زماني ۾ هجن ها ته چون ها ته هنن همراهن کي پنهنجو واپار وڌائڻ لاءِ سمنڊ ڏانهن رستو ٿي کتو يا هنن کي گرم پاڻي وٽ پهچڻ جي ضرورت هئي. جيئن انهن تاريخدانن اهي ئي سبب روس جي خلاف به ڏنا هئا. حقيقت اها آهي ته هندستان شيءِ ئي اهڙي هئي، جنهن ۾ قرب گهڻو هو. هندستان کي لڙاڪا، ويڙهاڪ، جهيڙاڪ ۽ ٺونشي باز ماڻهن ۽ ملڪن جا اڃا هٿ ئي نه لڳا هئا. هندستان ۾ ڪشش هئي، ڇڪ هئي، جا افغانستان ۽ ان جي اوڀر، اتر ۽ اولهه پاسي وارن ملڪن جي جنگجو ۽ ويڙهاڪ ماڻهن کي اگهاڙين پٺين وارن گهوڙن تي چڙهي اوڏانهن اچڻ تي مجبور ڪندي هئي، ۽ هو واٽ تي تباهي مچائيندا. ڦرلٽ ڪندا، قتل غارت ڪندا، هندستان ۾ دهليءَ تي حملو ڪري مڪمل بربادي جي شروعات ڪندا هئا. تڏهن نه عيسائيت هئي ۽ نه اسلام هو. انهن ماڻهن کي سنڌي تاريخدانن (تاريخدان پاندان مان نڪتل آهي) وٽ فقط مدل ۽ منگول نالا هئا، انهن خوفناڪ ماڻهن جون دراصل ٽي قومون هيون، جن مان هڪڙي قوم جو نالو وينڊال هو، جنهن تان انگريزي اکر وينڊلزم (غنڊه گردي) اڄ عام طرح استعمال ڪيو ويندو آهي. باقي ٻه نالا مون کي ياد نه رهيا آهن. انهن ٽنهي قومن مان هڪڙي قوم هندستان ڏانهن رخ رکيو، ٻي قوم پرشيا (ايران) ۾ گهڙي ان سهڻي ملڪ جو خانو خراب ڪيو ۽ ٽئين قوم ايران مٿان ڪئسپين سمنڊ وٽان لنگهي اڄوڪي اٽلي جي گادي واري شهر روم ۾ بادشاهه جي دربار ۾ پنهنجن گهوڙن تي چڙهيل ۽ اگهاڙيون ترارون هٿن ۾ کنيل گهڙي آئي، جتي بادشاهه ۽ درباري يا ته ڀڄي ويا، يا وري مارجي ويا، پر پنهنجو واسطو آهي هندستان سان.

  ۽ اوهان کي ڄاڻ آهي ته مون جهڙا ليکڪ ڇو اچي پنهنجي ليکڪي/ليکڪ هجڻ مان ڦاٿا آهن؟ جنهن ٻوليءَ ۾ ڪا هڪڙي به سائنسي کوجنا اهڙي نه ٿي هجي، جا دنيا ۾ ڪنهن به شعبي ۾ انفراديت سان ڪم ايندي هجي، جنهن ٻوليءَ کي فقط اهي ئي ڳالهائي سگهندا هجن، جن جي اها پنهنجي ٻولي آهي، جنهن ٻوليءَ جي ڪافي اکرن ۽ تنهن ڪري گهڻن ئي لفظن جا اچار اهڙا آهن، جو ٻين ٻولين جا ماڻهو اهي اکر ۽ لفظ سکڻ کان خودڪشي ڪرڻ بهتر سمجهندا ۽ جنهن ٻولي ۾ ماڻهو فقط ڪچهريون ڪندا هجن، هڪ ساهيءَ ۾ لڳاتار ساڳئي وزن ۽ تور وارو پنجاهه سٽن جو لاڳيتو شعر پڙهندا هجن. جنهن ٻوليءَ ۾ فقط قصا، ڪهاڻيون، گشا پتا، آکاڻيون ۽ افسانه هجن. انهيءَ ٻوليءَ جي ماڻهن وٽ آخر ڪم ڪهڙو هوندو، سواءِ پنهنجن مون جهڙن ليکڪن جي نفسيات بڇڙي نموني چيري ڦاڙي ان تي آڏي ابتي نموني ٽيڪا ٽپڻيون ڪرڻ جي؟ جن فقط سنڌي لکي پڙهي آهي ۽ فقط سنڌي ئي ڳالهائي آهي، تن لاءِ سندن سنڌي ليکڪ ائين آهي، جيئن بائلاجي جي شاگرد لاءِ ميز تي رکيل اهو ڏيڏر جنهن کي وڍي ڪٽي ڏسندا آهن ته ان جا ڦڦڙ ڪٿي آهن، آنڊو ڪٿي آهي ۽ دل ڪٿي آهي؟ انهن ماڻهن ڪڏهن به ڪا ٽڪي آني واري ايجاد به نه ڪئي آهي، پر ڳالهيون ائين ڪندا، جيئن دنيا ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سو سڀ ڪجهه هنن جو ڏنل، گهڙيل ۽ ٺاهيل آهي.

  ابوالحسن جي سنڌي ڇا هئي؟ ڪنهن سنڌي لکندڙ ۽ پڙهندڙ اهو ڪتاب ڏٺو به آهي؟ عربي اکرن ۾ سنڌي لفظ لکڻ جي ڪوشش هئي، عربي ۾ ته ڏ، ڳ، ٻ، پ، ڃ، ڱ، ڄنڃ، مڱ، جهڙن اکرن ۽ لفظن جا اچار ۽ اکر آهن ئي ڪونه. سو ابوالحسن جي اها سنڌي ڇا هوندي، سا اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا،  ڇو ته عربي ۾ گ ڪونهي، تنهن ڪري هن صاحب گ جي اچار لاءِ ڪ لکيو هو. هي جيڪي اوهان جا دانشور اوهان کي اسٽيج تان ليڪچر ڏيندا آهن ته بابا آڳاٽي سنڌي لکو سو هنن کان پڇو ته ابو الحسن واري سنڌي ته سڀ کان آڳاٽي هئي، سو اها سنڌي ڇو نه لکون؟ هي  منجهي پوندا، ڇو ته هنن ابوالحسن وارو ڪتاب ڏٺو ئي ڪونهي.

  اوهان سان مشڪل هيءَ آهي ته اوهان مثالن مان به نه سکندا آهيو، اوهان کي ڪو مثال ڏيڻ آهي رڍن اڳيان رباب وڄائڻ. مليشيا جي حڪومت آرڊر ڪڍي انگريزي ٻولي کي سرڪاري ۽ تعليمي ٻولي مقرر ڪيو آهي. هنن مليشيائي ٻوليءَ وارو جهنجهٽ ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي حيثيت هاڻ فقط ڳالهائڻ تائين محدود ڪري ڇڏي آهي. آمريڪا ۾ ماڻهن جو چڱو خاصو حصو اسپئنش ڳالهائيندو آهي، پر اتي جي سرڪاري ۽ تعليمي ٻولي انگريزي آهي. جيتوڻيڪ اتي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي به ڀرمار آهي.

 ۽ سنڌ ۾ رهندڙ هندن ڇا ڪيو هو؟ 1845ع ۾ جڏهن انگريزن جي جوڙيل ڪاميٽي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اکر ٺاهي ڏنا، تڏهن بامبي سرڪار انهن ماڻهن لاءِ انعام (پئسا) رکيا، جيڪي انهن سنڌي اکرن ۾ ڪتاب لکڻ لڳا. چڱا خاصا هندو ماستر جيڪي اسڪولن ۾ انگريزي پڙهائيندا هئا سي به پئسن جي لالچ ۾ انگريزي تان هٿ کڻي سنڌي ۾ ڪتاب لکي پئسا ڪمائڻ کي لڳي ويا. اوهان کي وهم آهي ته هندستان ۾ سنڌي عروج تي آهي ۽ دنيا ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪروڙين آهن. غور سان چئني پاسي ڏسو، هڪڙو انگريزي پڙهائيندڙ پروفيسر (شايد نالو منگهارام هوس) ورهاڱي تي هندستان وڃي اتي انهيءَ پاڻ واري سنڌي اکرن ۾ سنڌي ادب جي تواريخ لکي. ان کان بهتر سنڌي ادب تي ڪو به ڪتاب لکيل ناهي ۽ ان ۾ تقريبن سڀئي حقيقتون بنا ڪنهن ڦڙٻاٽيءَ ۽ ٽرڙائپ جي لکيل آهن، پر ڪهڙي ٻوليءَ ۾؟ سنڌي ٻولي ۾ ۽ هو انگريزي جو استاد هو! گجرات سرڪار انهن سنڌي ليکڪن جي ڪتابن جو خرچ برداشت ڪندي هئي ۽ اوهان ڄاڻو ٿا ته پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ تائين هندو ڀائي بند/ڀائيبند دڪاندار پنهنجن دڪانن جو حساب ڪتاب گرمکي اسڪرپٽ ۾ به سنڌيءَ ۾ رکندا هئا. ها مون کي ذاتي ڄاڻ آهي، مان ننڍو هوس ۽ بابا پوليس ڪيسن جا فائل گهر کڻي ايندو هو، جيڪي مان ڏسندو هوس ۽ بابا سمجهائيندو هو ته اها سنڌي آهي جا سکن جي گرمکي اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي. بابا اهي اکر ڀائي بندن کان پڙهائيندو هو.

haleembrohi@hotmail.com