پڙهندڙن جي پسند

 

 

    خميس 15 جنوري 2009ع 

 

. ماڻهو ڪيترو به صاف سٿرو نظر اچي، هن جو اندر غلاظت ۽ گندگي سان ڀريل هوندو آهي. عمر خيام جو هڪڙو  ننڍڙو شعر (ربائي) آهي، جنهن ۾ هڪڙي بزرگ هڪ عورت کي چيو ته تون ته گندي ۽ غليظ آهين. هن عورت جواب ڏنس ته مان ته بيشڪ اها آهيان، جيڪي تون چئين ٿو، پر بزرگ تون به ته ٻڌاءِ ته ڇا تون سچ  پچ اهڙو آهين، جهڙو تون نظر ٿو اچين؟ عمر خيام جي انهيءَ ربائيءَ کي اردو شاعرن مختلف شڪليون ڏيئي پنهنجن نالن سان منسوب ڪيو آهي.

. ماڻهوءَ ۾ اندر جي غلاظت جا ڍير آهن، تن کي ڪڍڻ جا فقط ٻه رستا آهن. گهٽ ۾ گهٽ گهڻو اڳ اهو منهنجو خيال هو. هڪڙو رستو هيءُ آهي ته ڪو ڪتاب ڇاپي ان ۾ پنهنجي اندر جي غلاظت ظاهر ڪري ان غلاظت مان جند ڇڏايو. ٻيو رستو هيءُ آهي ته بي شرمي سان غليظ ۽ گندي زندگي گذارڻ لڳو. مون پهريون رستو ورتو ۽ هڪڙو ننڍڙو ناولٽ لکيو، جنهن جو نالو هو اوڙاهه، اهو اندر جو اوڙاهه هو، جنهن ۾ غلاظت ۽ گندگي هئي، منهنجي اندر جي، ڇو ته ماڻهو سڀيئي اندر ۾ گندا ۽ غليظ آهن، تنهن ڪري اهو ڪتاب ماڻهن کي پسند آيو، جو ان ۾ سڀني ماڻهن جي اندر جي عڪاسي هئي. اهو ڪتاب آئينو هو، جنهن ۾ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس اندر صاف ۽ چٽو نظر آيو، اڳتي هلي مان سمجهي ويس ته اهو ڪتاب اجائي محنت هو ۽ اهو ڪتاب لکڻ سان منهنجي اندر جي اوڙاهه جي غلاظت ۽ گندگي ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي، ويتر اها غلاظت ۽ گندگي وڌي وئي. باقي رهيو ٻيو رستو، جيڪو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش اجائي هجي ها، ڇو ته مان پاڻ به ٻين ماڻهن وانگر غليظ ۽ گندگي جي اوڙاهه کي اندر ۾ سانڍي پئي هليس ۽ فقط شرافت جو ڍونگ رچائي معتبر ٿيو پئي هليس. اها آهي حقيقت، جنهن لاءِ چيو ويو ته حليم جو ڪتاب اوڙاهه سنڌيءَ ۾ پهريون نفسياتي ڪتاب آهي، اهو آهي نسورو ڪوڙ.

. ليکڪ جي سڃاڻپ ان ٻوليءَ سان نه ٿيندي آهي، جنهن ٻوليءَ ۾ هو لکندو آهي. هزارين ڪتاب فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن، ڇا انهن سڀني ليکڪن جي سڃاڻپ فرينچ ٻولي آهي؟ هزارين ڪتاب جرمن ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن، ڇا انهن سڀني ليکڪن جي سڃاڻپ جرمن ٻولي آهي؟ لکين ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن، ڇا انهن سڀني ليکڪن جي سڃاڻپ انگريزي ٻولي آهي؟ ائين چيني، جاپاني، هندي، ٻيون هزارين ٻوليون به ڪتابن سان ڀرپور آهن، ته ڇا انهن جي لکين ليکڪن جي سڃاڻپ سندن اهي ٻوليون آهن؟ جنهن ٻوليءَ ۾ فقط چار ڪتاب لکيا ويندا آهن، انهن جا ليکڪ پاڻ پڏائڻ لاءِ جنهن ٻوليءَ ۾ لکندا آهن، تنهن ٻوليءَ کي سندن سڃاڻپ جو ٺپو هڻندا آهن.

. پوءِ جي ٻولي ليکڪ جي سڃاڻپ ناهي ته ليکڪ جي سڃاڻپ ڇا آهي؟ ليکڪ جي سڃاڻپ آهي هو آئڊيا، اهي آئڊياز، اهو خيال اهي خيالات جن ۾ نواڻ هجي، جن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هجي، جا اڳ چيل يا لکيل نه هجي. پوءِ  اها ڳالهه ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ لکيل هجي يا چيل هجي. ساڪريٽس، پلئٽو، ارسٽاٽل جي سڃاڻپ سندن اهي آئڊياز ۽ خيال آهن، جيڪي هنن دنيا جهان کي ڏنا، نه ڪي هنن جي اها ٻولي جا انهن لکڻ ۾ ڪتب آندي. آئنسٽائن جي سڃاڻپ ٿيوري آف لائيٽ آهي، نه ڪي جرمن يا انگريزي ٻوليون جن ۾ هو لکندو هو. ائين ڊگهي لسٽ آهي، مارڪوني جي سڃاڻپ سندس ايجاد هئي، نه ڪي سندس ٻولي. ۽ مون تي تهمت آهي ته منهنجي سڃاڻپ سنڌي ٻولي آهي، حالانڪه مون جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، تنهن جو ڪو به واسطو نه انگريزي، نه اردو ۽ نه ئي سنڌي سان رهيو آهي. ماڻهوءَ جي ذهن جو ڪو به تعلق نه هوندو آهي، جا هو ڳالهائيندو آهي، يا لکندو آهي. ايجاد ۽ نواڻ جي سوچ ذهن ۾ هوندي آهي، ٻوليءَ ۾ نه. سڄي دنيا اهي ڳالهيون ڄاڻي ٿي، پر جي نٿا سمجهن ته فقط سنڌي لکندڙ ۽ سنڌي پڙهندڙ نٿا ڄاڻن، ڇو ته هنن نه ته ڪا نئين سوچ ڏني آهي ۽ نه ڪا ايجاد ڪئي آهي. سڌي لکندڙ ۽ سنڌي پڙهندڙن مان جنهن گهڻي لٻاڙ بازي ڪئي آهي، يا اکر گڏ ڪري سنڌي ڊڪشنريون پنهنجن نالن سان ڇپرايون آهن، تن تي دانشور جو ٺپو هنيو ويو آهي، ڇو ته نه ته هنن ڪا نئين سوچ ڏني آهي ۽ نه ڪا انڌي منڊي ايجاد ڪئي آهي.

. سنڌين جي دنيا به عجيب آهي. لکندڙ، پڙهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ گهٽبا وڃن. گهڻو ڪري ننڍڙن شهرن ۽ ٻهراڙين تائين محدود ٿيندا پيا وڃن، پر اهو احساس کين ڪونهي، مون 1967ع ۾ جڏهن پنهنجو پهريون ڪتاب (انگريزي ۾) ڇاپيو ته ان ۾ تمام گهڻو گند هو، انگريزي بلڪل غلط هئي، ڪنهن اکر جي اسپيلنگ صحيح نه هئي. نه ان ۾ ڪو خيال هو، نه ان ۾ ڪو آئڊيا هو، بس فقط ڪتاب ڇپائڻ جي شوق ۾ ٽائپ رائيٽر تي ڪتاب لکي ويس. ان زماني ۾ ڪمپيوٽر نه هئا، جو اسپيلون ۽ انگريزي درست ڪن، پر اهو ڪتاب سنڌين ۾ ڏاڍو پاپولر ٿيو، جو سنڌين ۾ انگريزي پڙهڻ جي عادت نه هئي، پوءِ اهو ڪتاب پاپولر ڇو ٿيو، سبب فقط اهو هو ته اي ڪي بروهي منهنجي ڀيڻويي محمد حنيف جي دوستي ڪري ان ڪتاب جي ساراهه ڪئي. منهنجو ٻيو ڪتاب (انگريزي ) غير پاپولر فقط ان ڪري ٿيو جو اي ڪي بروهي جهڙي ڪنهن مشهور ماڻهو ان جي ساراهه نه ڪئي، پر مان ويس انگريزي چوپڙيون  ڇپائيندو ۽ ائين منهنجي انگريزي وئي سڌرندي. مطلب ته جي گو گند لکو ته ان کي شهرت ڏيڻ لاءِ ڪنهن وڏي ماڻهو کان ديباچو لکايو اها آهي سنڌي ذهنيت.

. پوءِ مون اردو لکڻ شروع ڪيو. ان زماني جي سنڌي اردو جهيڙي هلندي به اردو وارن منهنجي مخالفت نه ڪئي جو منجهي پيا ته هي اردو آهي يا سنڌي جيتوڻيڪ سنڌين کي منهنجي اها ڳالهه نه وڻي، ٻئي ڌريون منجهيل ئي رهيون. سنڌي چون ته زميندارن جي ظلم ۽ هارين تي ٿيندڙ ظلمن بابت لک ۽ اردو وارا سمجهن ته مان حرامپائي پيو ڪريان. جيتوڻيڪ مان نه هاري هوس، نه زميندار هوس، نه منهنجو هنن سان ڪو واسطو هو نه هنن بابت ڪا ڄاڻ هيم ۽ نه وري منهنجي ذهن ۾ ڪا حرامپائي هئي. پوءِ مون وري انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ۾ به لکڻ شروع ڪيو. منهنجي فطرت ۾ الاءِ ڇا هو ۽ الاءِ ڇا آهي، جو اهي ٽيئي ٻوليون مان گڏوگڏ لکندو آيس. اردو ڳالهائيندڙن وٽ مزاح جو مزاج هو، پر سنڌي ڳالهائيندڙ انهيءَ مزاج کان ڪورا (خالي) هئا ۽ بحث ڪندي جهيڙي جو رويو اختيار ڪندا هئا، پر منهنجو شايد دماغ خراب هو، جو مان ڪنهن جي به پرواهه ڪرڻ بدران پنهنجو ڪم ڪندو آيس، مون لکڻ بند نه ڪيو.

. ايوب خان جي ڏينهن ۾ منهنجي هڪڙي انگريزي ڪتاب کي ريڊ ٽڪ مارڪ ڪيو ويو، معنيٰ ته جيل ۾ وجهي ڇڏيوس. بابا انٽيليجنس ۾ هو پڇيومانس ته سندس نوڪري جو ڇا ٿيندو؟ چيائين ته تون پنهنجو ڪم ڪر ۽ مان پنهنجو ڪم ٿو ڪريان. بابا چوندو هو ته مان ان کي ليکڪ ئي نٿو مڃان، جيڪو پنهنجين لکڻين ڪري جيل نه ويو هجي. انهن ئي ڏينهن ۾ لاهور جي هڪڙي هفتي وار اخبار جي ڪور تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو ته حليم بروهي هندو ذهنيت ڪا قلمي نام هئي مون اهو رسالو گاڏي کاتي جي هڪڙي اسٽال تي ٽنگيل ڏٺو ۽ ماٺ ڪري اتان کسڪي ويس.

. منهنجو پهريون سنڌي ليک (افسانو) الله جي ڳولا ۾  هو، جيڪو اڄ به مون کي وڻندو آهي. ان جو جواب ئي ڪونهي، پر هلڪي سنڌي ذهنيت کي منهنجا ٿرڊ ڪلاس افسانا جهڙوڪ رڪشا، شادي، چوڪيدار وڻندا آهن. جن جو مزاح ۽ مزاج فقط سنڌي لکڻين تائين محدود آهي، سي ڇا ڄاڻن ته ليک ۽ ليکڪ ۾ ڪهڙو ناتو آهي. ليک ليکڪ جو اندريون روپ هوندو آهي ۽ ليکڪ ليک جو ظاهري روپ. هڪڙي ڪاما، ڪولن، سيمي ڪولن جي جاءِ مٽائڻ سان ليکڪ جي ليک مان ساهه نڪريو وڃي. جيڪي انگريزي ڪتاب پڙهڻ جا عادي آهن، اهي ڄاڻن ٿا ته سنڌين کي ڪا به ڄاڻ ناهي ته ڪاما، ڪولن، سيمي ڪولن، هائفن، ائسٽرڪ جهڙيون نشانيون ڪٿي ۽ ڇو لڳائبيون آهن. سنڌي لکت مان هاڻي ته انورٽيڊ ڪاما به غائب ٿيندي پئي وڃي. اهي آهن سنڌي دانشورن ۽ عالمن جا ڪم.