گند

 

 

خميس 14 مئي 2009ع

 

  جيڪڏهن اوهان ڪو ڪم پيا ڪريو ۽ ان ۾ ڪا گڙٻڙ ٿي وڃي ته ڪڏهن به ڪنهن ٻئي تي تهمت نه هڻو، هڪدم مڃو ته اها گڙٻڙ اوهان  کان ٿي آهي، اهو ڪم اوهان پئي ڪيو ۽ جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿي ويو ته ڪنهن ٻئي کي ڏوهاري چوڻ بدران مڃو ته اهو ڏوهه اوهان جو هو. جيڪڏهن اوهان ڪو ڪم کنيو آهي ته ان ڪم جي مڪمل ذميواري/جوابداري اوهان جي آهي. جڏهن اوهان اها جوابداري کڻندا ته ان ڪم ۾ آيل نقص به ٺيڪ ڪري سگهندا.

  مان پنهنجي هر هڪ ڪم کي گند چوڻ جو ننڍپڻ کان عادي رهيو آهيان، ڪو پڇندو هو ته فلاڻو غلط ڪم تو ڇو ڪيو، ته مان چوندو هئس ته بس، گند ٿي ويو. جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته مان پنهنجين لکڻين کي به گند ئي چوندو هئس. جڏهن مون ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا ته انهن ڪتابن کي به مان گند ئي چوندو هئس. مون کي چيو به ويندو هو ته جيڪڏهن تون پاڻ پنهنجين لکڻين ۽ ڪتابن جي عزت نه ڪندي ته پوءِ ٻيا ماڻهو به تنهنجين لکڻين ۽ ڪتابن کي گند ئي سمجهندا. پر ائين نه ٿيو گند چوڻ منهنجي عادت هئي ۽ اڃا به آهي. جيڪڏهن منهنجو لکڻ به اهڙو هجي ها جهڙو ٻين سنڌي ليکڪن جو آهي، يا هو ته حرام جو ڪو سنڌي پڙهندڙ منهنجو  ڪو ليک پڙهي ها ۽ مان ليکڪ جي حيثيت سان ڪڏهوڪو پنهنجو موت پاڻ مري ويو هجان ها.

  ٻيو اکر يا لفظ جيڪو مان استعمال ڪندو رهيو آهيان ورهين کان، سو آهي، حرامپائي. جڏهن مان چوندو يا لکندو آهيان ته ڇڏ حرامپائي تڏهن منهنجو مطلب هوندو آهي ته مشڪري ڇڏ، سڌي ڳالهه ڪر. پر پڙهندڙ گلي پئجي ويندا هئا ته سنڌيءَ ۾ مشڪري لفظ آهي ئي ڪو نه ۽ سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته ڳالهه ۾ چرچو نه وجهه يا ڳالهه ۾ مشڪري نه وجهه پر مان نه سڌريس، هاڻ سنڌيءَ ۾ اهو لفظ مشڪري به عام ٿي ويو آهي.

  مون ڪنهن کي لکيو ته جيڪڏهن فلاڻي ڳالهه ائين آهي ته گند ٿي پوندو. يا شايد اهو لکيو هوم ته جيڪڏهن فلاڻي ڳالهه ائين هجي ها ته ضرور ڪو گند ٿئي ها. اها ڳالهه مون کي گلي پئجي وئي جو مون کان پڇيو ويو ته لفظ گند مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ لکڻ منهنجي عادت آهي، ڪن ته ڪم نٿا ڪن، پر جا هڪ اک ڪجهه ڪم ڪري ٿي، سا به جواب ڏيڻ جي ويجهو آهي ۽ تنهن ڪري مان آڏي ابتي نموني ۾ جيڪي ذهن ۾ اچي ٿو، سو لکندو رهندو آهيان. گهڻن ئي پڙهندڙن کي نٿو وڻان. پر ڪمال آهي جو اڃا به ڪاوش ۾ ڇپبو آهيان. مون کان نفرت ڪندڙن جو تعداد گهٽجي ويل ٿو ڏسجي جو شايد هاڻ پڙهندڙ مون کي غلط سمجهڻ لڳا آهن. اهي فقط ٿورڙا رهيا آهن، جيڪي مون کي چڱي طرح سڃاڻي مون کان پري ٿا رهن.

  پر هن ليک جو نالو آهي گند ۽ هي ليک آهي به گند. ون وي ٽريفڪ آهي. سڄو گند مون ڪيو آهي ۽ مون کي افسوس به ڪونهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مان عقلمند ۽ سمجهو ماڻهو آهيان. جيڪڏهن مان عقلمند ۽ سمجهو هجان ها ته ليکڪ نه هجان ها ۽ اهو گند هڪ طرفو هجڻ بدران ٻه طرفو هجي ها. انهيءَ هڪ طرفي گند کان دلشڪستو ٿي مان گهر ۾ لڪي ويهي رهيو آهيان. نه ٻاهر نڪرندس نه ٻئي طرف ڏانهن اميد سان نهاريندس. هي ليک لکندي مون کي پاڻ کي مزو نه آيو آهي. سو اوهان کي ڇو  وڻندو!

 ماڻهو ته ماڻهو آهي، پوءِ مزور هجي يا وڏي اداري جو ميمبر، ڪمزوري ۽ بي حيائي هر هڪ ماڻهو ۾ ساڳيءَ مقدار ۾ برابر آهي، باقي رهي مذاح جي حس، اها ڪنهن ۾ گهٽ، ڪنهن ۾ وڌ ٿي سگهي ٿي. مذاح جي حس ۾ ڳالهائڻ جو ڍنگ به اچي ٿو وڃي.

  هڪڙا چار پنج ڄڻا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هڪڙي معزز ميمبر وٽ ويا ۽ کيس چيائون ته فلاڻو پٽ فلاڻي جو ڪميشن جي لکت وارن پيپرن ۾ پاس ٿي ويو آهي ۽ هاڻي هو انٽرويو/زباني امتحان لاءِ اوهان اڳيان ايندو، تنهن ڪري مهرباني ڪري پاس ڪجوس. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انهيءَ معزز ميمبر جيڪو جواب ڏنو، سو اهڙو ته سهڻو هو جو اهو سنهري اکرن ۾ لکي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هر هڪ ميمبر جي آفيس جي در تي لڳائي ڇڏجي. اهو جواب هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٻارهن ميمبر آهن، جن مان ٽي آنيسٽ آهن ۽ مان انهن ٽن مان نه آهيان.

  ممڪن ته ڪونهي، پر شايد دنيا بدلجي وئي هجي، پوسٽ آفيس آهي، روهل واءِ يا ڏيپلو ۽ ضلعو آهي ٿرپارڪر. اتي هڪڙو ماستر ڪيولرام ڪي گوماڻي رهندو آهي، ذات جو ميگهواڙ آهي. مون ٻڌو آهي ته هن کي ڏيپلي ۾ هرڪو سڃاڻي. هن ٽي دفعا پوليٽيڪل سائنس جو امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان لکت ۾ پاس ڪيو آهي، پر هن ڀيري انٽرويو ۾ ڊهي پيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته انٽرويو ۾ نٿا کڻن. اها سندس سٽ مون کي دل سان لڳي ٿي جو مان به ته آخر ماڻهو ئي آهيان، پرائمري ماستر ڪيولرام گوماڻي ميگهواڙ پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرر ٿيڻ ٿو چاهي، اهو ڪمال ناهي؟

  مون پنهنجو پاڻ کي به آئيني ۾ ڏٺو آهي، مون ماستر ۽ ماسترياڻيون به ڏٺيون آهن، جو منهنجن ٻارن به ماستري ڪئي آهي. مون يونيورسٽي جا استاد به ڏٺا آهن، مون ڪاليجن جا ليڪچرار به ڏٺا آهن، جو مان ڪاليجن ۾ به پڙهيو آهيان ۽ مون گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي يونيورسٽي جو هڪڙو اهڙو وائيس چانسلر به ڏٺو آهي، جيڪو جڏهن اتي شايد ليڪچرار يا اسسٽنٽ پروفيسر هو، تڏهن راڻي باغ جي ڪنهن پڃري ۾رکڻ گهربو هو، ۽ مان ڄاڻان ٿو ته پرائمري اسڪول ماستر سائين ڪيولرام ميگهواڙ انهن سڀني ۾ لياقت جي لحاظ کان ڪافي مٿي آهي.

  مان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر نه آهيان، ان ۾ داخل ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهان جو مون وٽ گهربل لياقتون نه آهن، پر مان ڄاڻان ٿو ته ڪير ڪنهن کان بهتر آهي. سائين ڪيولرام ميگهواڙ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سوين ليڪچرارن کان بهتر آهي. هن وٽ لياقت آهي، هن کي سمجهه آهي، هن کي هوش آهي، هن وٽ تجربو آهي، هن وٽ شرافت آهي، پر اهي ڳالهيون ڪنهن کي کپن؟

  انگريزن ته سنڌ صوبو ٺاهيو هو پنهنجو انتظامي ڍانچو ٺيڪ ڪرڻ لاءِ، پر پاڪستان سنڌ صوبو قائم فقط ان لاءِ رکيو آهي ته لٽ مار ۽ ڦرمار ڪري اتان جي ڏوڪڙن تي پنهنجا ٻار آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ پڙهائي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پاڻ به اوڏانهن ڀڄي وڃجي. مان غلطيءَ ۾ آفريڪا لکي ويو آهيان، منهنجو مطلب هو يورپ لکڻ.

  سوال آهي ته مون بروهي ماڻهو جو ماستر ڪيولرام سان ڪهڙو واسطو؟ واسطو اوهان جو به آهي، پر اوهان کي ڄاڻ ناهي.

haleembrohi@hotmail.com