هِتان هُتان

 

 

ڇنڇر 13 جون 2009ع

 

. جنهن وٽ ڄاڻ ناهي، تنهن وٽ خيالن جا انبار هوندا آهن ۽ جنهن وٽ ڄاڻ آهي، تنهن وٽ ٿورڙا سوال هوندا آهن. اهي لفظ هڪڙي جپاني جا آهن.

. مان ايترو ننڍو ناهيان جو سڀ ڪجهه ڄاڻان اهي لفظ جي ايم بيري جا آهن.

. بادشاهه چيو مان توکان هڪڙو سوال ٿو پڇان تون جواب ڏي.

وزير چيو، سوال پڇو.

بادشاهه چيو، مون سوال پڇي ڇڏيو.

وزير چيو، مون جواب ڏيئي ڇڏيو.

بادشاهه چيو مون ڪجهه نه پڇيو.

وزير چيو مون ڪو به جواب نه ڏنو.

(نوٽ: هن ننڍڙي ڳالهه کي درگذر نه ڪريو. ان ۾ عقل آهي، سمجهه آهي، فهم آهي ۽ سوچ آهي، انهن لاءِ جن وٽ ذهن آهي ۽ جن جو لکڻ پڙهڻ سنڌي ٻوليءَ تائين محدود ڪونهي، اها آکاڻي مون ترجمو ڪئي آهي، هڪڙي ننڍڙي ڪتاب تان.

. جي تو پڇيو ته ميوزڪ ڇا آهي ته تون ڪڏهن به نه ڄاڻي سگهندين ته ميوزڪ ڇا آهي. (لئي آرم اسٽرانگ).

. ٻار ته ٻار هو، سو درٻارين جي وچ ۾ چئي ڏنائين ته اڙي! بادشاهه کي ته ڪپڙا به پاتل ناهن! (اها آکاڻي پاڻ ننڍي هوندي پڙهي هئي، پر پاڻ کي اڃا تائين به سمجهه ۾ نه آيو آهي ته دنيا جا سڀيئي حڪمران لاهي پاهي بنا ڪپڙن جي پيا هلن! يا شايد پاڻ ان ٻار وانگي بي ڊپا نه آهيون، تمام گهڻي لفاظي ۾ وڏا ڪوڙ ڳالهائڻ، گشا هڻڻ، ڪوڙا واعدا ڪرڻ اگهاڙپ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟)

. هڪڙو ننڍڙو ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي زين (ZEN). هي سڄو مضمون ان تي جڙيل آهي.

. ڏهه ورهه گهاٽن جهنگن ۾ ڳولهيندا رهياسين ۽ اڄ ڍنڍ جي ڪناري تي ٽهڪ پيا ڏيون!

. هيءُ سهڻو پوپٽ مٽيءَ جي ننڍڙي دڙي تي آرام سان ويهي ٿو، پر ماڻهو پنهنجي ئي ڪيل گند تي ماٺ سان نٿو ويهي.

. مون کي حيرت ٿيندي آهي، انهن ماڻهن تي جيڪي ڄاڻن چاهيندا آهن ته ڪائنات ڪيئن آهي ۽ ڇا آهي؟ جڏهن هنن کي پاڻ پنهنجن (شهرن جي) گهٽين جي به چڱي طرح ڄاڻ ناهي ۽ انهن ۾ ئي منجهيو پون. (ووڊي ائلن).

. جي تون پنهنجو پاڻ کان آزاد آهين ته ٻيو توکي ڇا کپي؟ ( آئنسٽين)

. پنهنجو وات بند رکي، هڪڙو لفظ ته اچاريو!

. ڪنهن به ماڻهو جو وات ايترو وڏو ناهي، جو هو سڀ ڪجهه چئي ڇڏي.

. اوهان پاڻيءَ تي تري سگهو ٿا؟ نه ته پوءِ ڪک اوهان کان بهتر آهي، اوهان هوا ۾ اڏامي سگهو ٿا؟ نه؟ ته پوءِ پکي اوهان کان بهتر آهي.

. ڪمپيوٽر اجايا آهن، اهي اوهان کي فقط جواب ڏيندا آهن (پئبلو پڪاسو)

. جڏهن عام ماڻهو کي ڄاڻ ملي ٿي ته هو سمجهو ٿيو وڃي ۽ جڏهن سمجهُو ماڻهو کي ڄاڻ ملي ٿي ته هو عام ماڻهو ٿيو پئي.

. عام ماڻهوءَ کي عقل ملي ٿو ته هو عقلمند ٿيو وڃي ۽ عقلمند کي سمجهه اچي ٿي ته هو عام ماڻهو ٿيو پئي.

(نوٽ: هن ترجمي ۾ مان ڪافي گند ڪري آيو آهيان، معافي)

. ماڻهو بحث ڪندا آهن، قدرت ڪم ڪندي آهي. (وولٽيئر)

. هو وڻي ٿي ڇو ته وڻندڙ آهي (؟)

. جي اوهان گهڻي ئي گهٽائي هڪ ڪندا ته هڪ کي گهٽائي ڇا ڪندا؟ (؟)

. خوابن جي معنيٰ بابت پاڻ حيران ٿيندا آهيون، جاڳندي ۾ جيڪي ڏسندا آهيون ان بابت پاڻ حيران نه ٿيندا آهيون.

. پنهنجي ذهن جي گهوڙي کي لغام ڏي. (ڊائيو جينز)

. مون وٽ ڪجهه ناهي چوڻ لاءِ، اها منهنجي شاعري آهي (جان ڪيچ)

. استاد ته در کوليندا، داخل ته اوهان پاڻ ٿيندا. (؟)

. پوڙهن جي قدمن جي نشانن تي نه هلو، اهو حاصل ڪريو جيڪي هنن حاصل ڪيو. (بئشو)

. جيڪڏهن ڪو غريب تنهنجي در تي اچي ته تون هن کي ڇا ڏيندي؟ ڪجهه نه، هڪ ٻئي سان هن کي ڪجهه نه کپي. (زين مونڊو)

. ڳالهائڻ ۽ خاموشي ٻئي هڪ ٻئي سان زيادتيون آهن. (؟)

. هوا جو رنگ ڪهڙو آهي؟ (؟)

. اک کان وڌيڪ ضروري هٿ آهي. (؟)

. جا وڻي تنهنجو مقابلو ان سان ڪريو جا نه وڻي اها آهي ذهني بيماري. (؟)

. هندستان تي هندستان نالو پوءِ پيو جڏهن اليگزينڊر آيو، تنهن کان اڳ هندستان جو نالو ڇا هو؟ ۽ هندستان ۾ پهرين هندو آيا هئا يا مسلمان؟ هندن کي مسلمان ڪنهن ڪيو؟ يا هندو مسلمانن جي اچڻ کان اڳيئي مسلمان هئا؟ مهاڀارت ڇا هو؟ جيڪڏهن افغانستان مهاڀارت جو حصو نه هو ته ان کان اڳ افغانستان جو نالو ڇا هو؟ جيڪي ڪالهه مسلمان ٿيا آهن سي هاڻ پاڻ تي ماڻهو کلائڻ لڳا آهن.

haleembrohi@hotmail.com