مان!

 

 

سومر 13 جولاءِ 2009ع

 

 جڏهن ڪجهه لکبو آهي تڏهن ڪنهن شيءِ يا ڳالهه بابت ئي لکبو آهي. مون وٽ ڪا شيءِ يا ڳالهه ناهي، جنهن بابت ڪجهه لکان سواءِ منهنجي پنهنجي باري جي. مان چريو هوس جو پئسي ۽ پوزيشن جي اهميت نه سڃاڻي سگهيس، مان اڃا به چريو آهيان جو هاڻ پڇتائڻ به لڳو آهيان پنهنجن افعالن تي.

 ماضي ته دفن ٿي ويندو آهي، ماضي ۾، پر مون لاءِ ماضي باقائدي حيات آهي. جڏهن ماڻهو حياتي ۾ ناڪام ٿيندو آهي ته سڄو ڏوهه قسمت تي مڙهيندو آهي. منهنجي قسمت ڦٽل هئي جو مان ڄائو ئي نقصن سان ڀريل هوس. امان جو مون کي لاڏ ۽ پيار ڏيندي هئي، تنهن مان ظاهر هو ته مان نارمل نه هوس. ماءُ جو لاڏلو اهو ئي ٻار هوندو آهي، جنهن ۾ ڪا ڪوتاهي هجي. پر مان ته چريو هوس، تنهن ڪري اها ڳالهه نه سمجهي سگهيس.

 تمام ننڍڙي زندگي گذاريندي به مون تمام گهڻو گند ڪيو. جيڪڏهن مان ڪنهن وڏي حيثيت ۾ رهيو هجان ها ته مون ضرور پاڻ لاءِ ڪا وڏي مصيبت کڙي ڪئي هجي ها.

 منهنجو ليکڪ هجڻ منهنجي نظرن ۾ ڪا به حيثيت نه رکندو هو، لکڻ ۽ پڙهڻ هڪڙو فرار هو، زندگي جي حقيقتن کان. مان ننڍپڻ کان ئي آفيسري لڏي مان ڦاٿل هوس ۽ پاڻ کي تباهه ڪرڻ جا رستا ڳولهيندو هوس. افسوس مون کي فقط هن ڳالهه جو آهي ته مون نه فقط پاڻ کي تباهه ڪيو، پر مون پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجن ٻارن کي به تباهه ڪيو. اها قدرت جي مهرباني آهي جو منهنجا ٻار اڄ خوشحال آهن.

 اوهان جيڪي ڪجهه ڪريو ٿا، تنهن کي غور سان تڪيو ۽ توريو ۽ ڏسو ته اوهان زندگي جي حقيقتن کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ته نه پيا ڪريو. جيڪڏهن اوهان ۾ لالچ جو جذبو ناهي ته اوهان جو وجود ئي فراريت آهي. جن کي مان حقير سمجهندو هوس، سي مون کان بهتر رهيا، جو هنن ۾ لالچ جو جذبو هو. هو انسان هئا ۽ مان پاڻ کي فرشتي جو درجو ڏيندو هوس. هو لائق هئا ۽ مان نالائق هوس.

 سوسائٽي کي جيئن آهي قبول ڪريو، ڪمري جو دروازو کليل رکو ۽ ڪڏهن به دربند ڪرڻ جو نه سوچيو. پنهنجو ڪم ڪريو ۽ ٻاهر رڳو تازي هوا کائڻ لاءِ نڪرو. ماڻهن ڏانهن نه نهاريو ۽ ماڻهن کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪريو.

 جي  اوهان ماڻهن ڏانهن نهاريندا ته ڪي ماڻهو اوهان کي وڻندا ۽ ڪي نه وڻندا ۽ آخر ۾ اوهان پڇتائيندا. اوهان جنهن کي ڏسو تنهن بابت فقط اهو سوچيو ته هن ماڻهوءَ مان اوهان ڪهڙو فائدو حاصل ڪري ٿا سگهو. اهو فائدو حاصل ڪريو ۽ هن ماڻهوءَ کي وساري ڇڏيو. لالچ بڇڙي بلا آهي، وارو سبق بيوقوف ماڻهن لاءِ آهي. اصولن کان پري ڀڄو، ڪوڙ ڳالهائڻ واري فن تي مهارت حاصل ڪريو جو ڪوڙ ڳالهائڻ ضروري ٿيو پئي. احسان فراموشي جيڪڏهن اوهان جي رڳ ۾ ناهي ته اوهان پنهنجو ئي نقصان ڪندا.

 ڏکيا ۽ گندا ڪم ان ماڻهوءَ کان وٺو، جيڪو پنهنجي ليکي وڏو بهادر ۽ اصول پرست آهي، ڀل ته هو پنهنجي قبر پاڻ کوٽي.

 پنهنجو پاڻ سان پيار ڪرڻ سکو ۽ پنهنجو پاڻ کي تڪليف نه ڏيو. محنت جو ڪم ٻين کي ڪرڻ ڏيو. غلط سلط طريقن سان جيڪو فائدو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجن لاءِ وٺي سگهو سو وٺو. اصول پرست ماڻهن کان پري رهو ۽ هنن کي پاڻ کان پري رکو. جذباتي نه ٿيو پوءِ کڻي معاملو ڪهڙي به قسم جو هجي. پنهنجو پاڻ کي پئسا ڳڻڻ ۽ پوزيشن وٺڻ تائين محدود رکو.

 جيڪي اقتدار ۾ آهن تن سان فقط ايتري لهه وچڙ ۾ اچو، جيترو هو چاهين ۽ هنن کي پنهنجو نه سمجهو. صاف سڌو ڳالهائڻ پنهنجي قبر پاڻ کوٽڻ آهي. جن کي بيوقوف سمجهيو ويندو آهي، سي حقيقت ۾ عقلمند دوست آهن. اهو اعزاز ته اوهان وٽ لياقت ۽ سمجهه آهي، اوهان کي تباهه ڪندو. جيڪڏهن ڪو اوهان کي نقصان پهچائي ته اهو نقصان وساري ڇڏيو ۽ ائين رهو جيئن ڪا ڳالهه نه ٿي هجي. رعب تاب وارو ماڻهو گهٽيا ڌڪ هڻندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ کان پري رهو، ڪنهن کي به دوست يا دشمن نه سمجهو.

 آکاڻيون، قصا ۽ پنهنجا تجربا نه ٻڌايو، جيڪو پنهنجا تجربا، قصا ۽ آکاڻيون ٻڌائي تنهن کي خاموشي سان غور سان ڏسو، هو ڀُوڪ آهي ۽ هن مان اوهان فائدو وٺي سگهو ٿا. اهو فائدو وٺو ۽ اڳتي وڌي وڃو اوهان جو ڪنهن تي به ڪو حق ڪونهي ۽ نه ڪنهن جو اوهان تي ڪو حق آهي، پر پنهنجو وات بند رکو.

haleembrohi@hotmail.com