فوٽا

 

 

ڇنڇر 12 سيپٽمبر 2009ع

 

هر هڪ حڪومت جي پاليسي ساڳي هوندي آهي، جنهن جو بڻ بنياد ماڻهن کي بيوقوف ٺاهڻو آهي. اڄوڪي حڪومت کي ٺيڪو اهو به مليل آهي ته اسڪولن مان اردو ۽ سنڌي ڪڍي ٻارن کي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرايو. اها عقل جي ڳالهه به آهي. جيڪڏهن رڳو ڪهاڻيون، افسانه ۽ شاعري ئي ڪرڻي آهي ته پوءِ سنڌي ۽ اردو ڪافي آهن. فورڊ، جنهن موٽر عام ڪئي، سو شاعر نه هو. جنهن سائيڪل ايجاد ڪئي، سو افسانه نويس نه هو. جنهن ٽي وي ٺاهي، سو جاپاني شاعري ايجاد نه ڪندو هو. هتي انگريزن جي جوڙيل سنڌ صوبي ۾ اهي سڀيئي عقلمند، سمجهو ۽ دانشور آهن، جن کي سائنس جي س به نٿي اچي.

29 آگسٽ واري ڪاوش جي صفحي 20 تي فوٽن جي هڪ قطار آهي، جا فهميده حسين کان شروع ٿي ڪنهن سميجي تي ختم ٿي ٿئي. سڀني جو ساڳيو راڳ آهي ته ڪو ائڪٽ پاس ڪري ٻارن ۽ ٻارن جي مائٽن کي سنڌي پڙهڻ تي مجبور ڪريو. اهو فنڪشن ٿيو ته لئنگويج اٿارٽي ۾ هو، پر اهو ياد رکو ته جڏهن به حڪومت جڏهن به ڪنهن اداري معرفت ڪو فنڪشن ڪرائي، جنهن کي هي سيمينار چوندا آهن، تڏهن سمجهي وڃو ته ڪنهن ڳالهه تان پبلڪ جو ڌيان حڪومت هٽائڻ چاهي ٿي. حڪومت جي مرضي آهي ته سنڌي اردو ختم ٿين. سو سيمينار ۾ عقلمندن کان تقريرون پيا ڪرائين ۽ ماڻهن کي پيا ريجهائين ته سنڌي هزارين سال آڳاٽي ٻولي آهي، هزارين ورهيه اڃان رهندي! آهن نه مسخرا! سنڌي ٻولي جا پنج درجا پڙهي سنڌي ٻار موٽر سائيڪل جي انجڻ ۽ موٽر ڪار جي انجڻ ٺيڪ ڪري سگهندو!

جيسين اهڙا سيمينار، فنڪشن ۽ تقريرون چالو آهن، تيسين سنڌي خوش آهن ته سنڌي ٻولي جي بچاءُ ۽ بقاءُ لاءِ سائين اهي اسان جا عقلمند وڏي جنگ پيا وڙهن! ماڻهو آهن يا مسخرا آهن! غلام علي کان پڇيو وڃي ته، هن جا سنڌي ادارن تي داداگيري ۽ سنڌي ٻوليءَ تي 50  يا سٺ ورهيه کان مٿي داداگيري ڪئي آهي، تنهن جو سنڌي فائدو سنڌي ٻوليءَ کي ڇا اهو مليو آهي، جو اڄ به اسٽيج تي چڙهي رڙيون پيو ڪري ته گهوڙا ڙي گهوڙا سنڌي ٻولي جا اسڪول وڃڻ نه ڏيو. اوهان غلام علي کي ڏٺو آهي؟ جيالاجي جي پروفيسر ڪي ڊي ميمڻ صاحب کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي مون ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته، هي حليم بروهي آهي، ڪم جو ماڻهو آهي، هن کان ڪم وٺڻو آهي ۽ اهو ڪم تون وٺندين. ڪي ڊي ميمڻ جيالاجي جو پروفيسر، تنهن کي ڪهڙي ڄاڻ ته دنيا جي يونيورسٽين سان لکپڙهه ڪيئن ڪبي آهي، پر ڪي ڊي ميمڻ وي سي صاحب کي ها چيو. ٻه مهينا جڏهن ڪم نه  هليو ته غلام علي وي سي مون کان پڇيو ته، ڪم ڇو نه ٿو هلي؟ مون چيو ته ميمڻ صاحب کان پڇو، جنهن کي اوهان ٺيڪو ڏنو آهي،  مون کان ڪم وٺڻ جو. ميمڻ صاحب جيالاجي جو ماڻهو هو، ڇا ڄاڻي انگريزي زبان جي کيڏ! هڪ ليٽر به ڪڏهن لکي نه سگهيو. وڌيڪ جيڪي مون چيو سو ٻئي مضمون ۾ ڏيندس. غلام علي صاحب جو ڪم آهي هاڻي سنڌي ٻولي بابت وڌيڪ ڳالهائي سنڌين کي وڌيڪ بيوقوف ۽ سنڌي ٻولي جو خانو خراب نه ڪري. هن صاحب جنهن به شئي کي هٿ لاٿو، تنهن جو خانو خراب ڪري ڇڏيو. سنڌين کي سمجهايان ٿو ته هن صاحب کان ۽ هن جهڙن کان پري رهن. هي گجراتي ماڻهو سنڌي ۾ پي ايڇ ڊي خبر اٿوَ ته ڪٿان وٺي آيو هو؟ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان، جتان مان پاڻ وٺي آيو هوس.

. سنڌي ٻولي ۽ اڙدو اکرن کي پاڙن کان پٽيو پيو وڃي ۽ بنسريون ڏنيون ويون آهن. مان ڪئناڊين ليکڪ اسٽيفن لي ڪاڪ وانگي  اڪثر پي ايڇ ڊي جي ڊگري رکندڙ ماڻهن کي ٺپ اڻ ڄاڻ سمجهندو آهيان ۽ هي آهن به اڻ ڄاڻ. جنهن کاتي مان نڪتا آهن، تنهن کي تالو هڻي نڪتا آهن. وي سي ٿيڻ جي اميد ۾ هر محفل ۾ حاضر رهندا آهن. فهميده حسين جي مان سندس ذاتي حيثيت ۾ عزت ڪريان ٿو.

. هڪڙيون ٻه اکيون عينڪ جي شيشن پويان مون وڃائي ڇڏيون، هي چوڻ بدران ته تون مون کي وڻين ٿي. منهنجي وات مان نڪري ويو ته هي سڀيئي مان سڃاڻان! اڙي ڀائي، او مئڊم، مان فقط توکي سڃاڻان، هاڻ ته ته  نظر اچ خوابن ۾ ئي سهي، جي حقيقت ۾ مون کان ٽهين ٿي.

haleembrohi@hotmail.com