عمر خيام جي مٽيءَ مان ٺهيل ماڻهو

 

 

ڇنڇر  12 ڊسمبر 2009ع

 

. مون ڪاوش ۾ گل محمد عمراڻي جو لکيل ڪالم پڙهيو، جنهن جي پڇاڙي ۾ سندس اي ميل ائڊريس يا موبائيل نمبر نه ڏسي مان منجهي پيس، مون لاءِ گل محمد صاحب ايترو ئي اهم آهي، جيترو ٻين سنڌي پڙهندڙن لاءِ هو غير اهم آهي. سنڌي پڙهندڙ ۽ سنڌي لکندڙ فطرتن غير سنڌي ليکڪن کان  پري رهڻ لاءِ فقط اهو سبب ئي ڪافي سمجهندا آهن ته هو غير سنڌي آهن. مون انگريزي اکرن ۾ عمر خيام جون 235 رباعيون اردو ۾ ترجمو ڪيون ۽ فقط چار سئو ڪاپيون ڇپائي سگهيس. سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ اجايو هو، جو سنڌي پڙهندڙ انگريزي اکرن جو استعمال به قبول نه ڪن ها ۽ عمر خيام جو مقابلو شاهه عبداللطيف  رحه سان ڪري عمر خيام جون رباعيون پڙهڻ بنا ئي منهنجي محنت گٽر ۾ ڦٽي ڪري ڇڏين ها. گل محمد عمراڻي جو ڪالم مون سميت وڌ ۾ وڌ فقط پنجاهه ماڻهن پڙهيو هوندو ۽ اهي سڀيئي عمراڻي صاحب کي ذاتي طرح سڃاڻندڙ هوندا. سڄي سنڌ صوبي ۾ وڌ ۾ وڌ ڏهه سنڌي پڙهندڙ هوندا، جن ان ڪالم ۾ ڪتب آندل لفظن ۽ سوچ کي سمجهيو هوندو. ڪئين ورهيه اڳ عمراڻي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊپارٽمينٽ جي رسالي ايريل Arial ۾ منهنجيون لکڻيون ڇاپيندو هو Quotations ڪري. گذريل پنجن ڇهن ورهين ۾ عمر خيام جي معاملي ۾ مون کي جڳديش آهوجا، سندس بيگم ۽ سنگيتا ۽ سندن خاندان ۾ مون وانگي ئي عمر خيام مليو آهي ۽ هاڻ گل محمد عمراڻي صاحب مليو آهي. عمر خيام صوفي نه هو، هو سئون سڌو فلاسافر هو. هن جون رباعيون هڪ مڪمل فلسفو آهي، جنهن ۾ هو  سڌو خالق سان ڳالهائي ٿو. هن سان ڳالهائي ٿو، جيڪو اهڙو ڪنڀر آهي، جنهن ٺڪر ۽ ٿانءُ ٺاهيا ۽ ڊاهيا آهن ۽ جنهن نقصن وارا ٺڪر ۽ ٿانءُ به ٺاهيا آهن. گل محمد صاحب، پاڻ کي جلد ملڻ گهرجي جو مان جي هاڻ کٽ يا پٽ تي ڪريس ته اٿي نه سگهندس. منهنجو فون نمبر 022 2781193 آهي.

. ڪجهه هفتا اڳ بي بي سي ورلڊ تان عمر خيام بابت وڏو پروگرام هليو هو ۽ رپيٽ به ڪيو ويو هو. يورپ جا وڏا ريسرچ اسڪالر عمر خيام جي مزار تي گڏ ٿيا هئا. عمر خيام ان زماني ۾ لکيو، جڏهن اڃا خلافت جي جهيڙي/ڦڏي جي ڪا به ڳالهه شروع به نه ٿي هئي. پر هندستان (پاڪستان ۾ به) ۾ حڪيم عمر خيام جي نالي سان ئي عداوت رهي آهي. اٽڪل چاليهه ورهيه ٿيا جو منهنجي زال ايران وڃڻ وقت مون کان پڇيو ته اتان مون لاءِ ڇا آڻي. مون جواب ڏنو ته، مون کي ڪجهه به نه کپي پر تون اتي عمر خيام جي قبر تي ضرور وڃجئين ۽ اتي دعا گهرجئين. هن موٽي اچي ٻڌايو ته، هن اتي نماز به پڙهي ۽ دعا به گهري. هن اهو به ٻڌايو ته عمر خيام جي قبر تي ڪو به ماڻهو نه هو ۽  مان ان وقت به ڄاڻندو هوس ته وڏن ماڻهن جي چاپلوسن  جي چوڌاري چاپلوس صفت گڏ ٿيندا ۽ رهندا آهن جڏهن ته عمر خيام اهڙن ماڻهن مان نه هو. ۽ مون کي فردوسي جي نالي کان ئي نفرت هئي، جنهن پنهنجي شاعري ٽڪن (پئسن) تي توري هئي. عمر خيام جو تعلق فقط مٽي سان هو ۽ انهيءَ ڪنڀر سان هو، جيڪو ان مٽيءَ کي نهايت مهارت سان شڪلون ۽ شبيهون ڏيندي غلطيون به ڪري ويندو هو ۽ عمر خيام انتهائي سهڻن لفظن ۾ انهيءَ ڪنڀر جو ڌيان انهن غلطين ڏانهن ڇڪائيندو هو. عمر خيام فلاسافر هو ۽ هن جي فلسفي جو بڻ بنياد اهو ڪنڀر هو، جيڪو مٽيءَ جا ٿانءُ ٺاهڻ ۽ جوڙڻ ۾ محو هو.

. عمر خيام جون رباعيون فقط انهن کي ئي جاڳائينديون، جن ۾ عمر خيام جي فلاسافي جا جزا هوندا. ڪاوش ۾ ئي مون پنجاهه کان مٿي اهڙا ڪالم لکيا، جن ۾ عمر خيام جو ذڪر هو، پر هڪڙو ته مان ننڍڙو ماڻهو هوس ۽ ٻيو ته اهي ماڻهو گهڻائيءَ ۾ رهيا آهن، جن کي مان فقط ان ڪري نٿو وڻان، جو مون هنن جي غربت ۽ هنن جا غربت وارا ڏينهن ڏٺا هئا. عمر خيام کي درگذر فقط اهي ڪندا، جن هن جون 235 رباعيون نه پڙهيون آهن. جن علامه اقبال پڙهيو ئي ناهي، سي  هن کي ڇا ڄاڻن! گل محمد صاحب سي ايس ايس ڪري ڊپٽي ڪمشنر به ٿيو ۽ ڪمشنر به ٿيو پر مان هن سان فقط هڪ ڀيرو مليس، جڏهن مون کي پنهنجي ٻار لاءِ ڄامشوري ۾ رهائش جو سرٽيفڪيٽ ٿي کتو، مهراڻ ۾ داخلا لاءِ، بس.

. مان جو ڪاوش مان غير حاضر رهيس ته منهنجي اهميت جي ڄاڻ مان ڄاڻي ويس. فقط نوابشاهه مان مشتاق قريشي فون ڪري چوندو آيو ته ڪجهه لک. مئڊم امر سنڌو جي هڪڙي ڪالم ۾، جيڪو عزيز پلي بابت هو، مئڊم لکيو هو ته عمر خيام کي سنڌ صوبي ۾ جيترو حليم بروهي ٿو ڄاڻي، اوترو ڪو به ٻيو ماڻهو نٿو ڄاڻي. مان حيران ته ٿيس پر سمجهي ويس ته مئڊم به مون جهڙي/جيان عمر خيام جي ئي مٽيءَ جي ٺهيل آهي. عمر خيام جي مٽيءَ جو هڪ ذرو ئي ڪافي آهي، ماڻهوءَ جي وجود کي لوڏي ڇڏڻ لاءِ. مان عمر خيام جون 235 رباعيون هڪ هفتي اندر سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سگهان ٿو پر ڇاپيندو ڪير؟! جي ڇپجي به ويون ته پڙهندو ڪير؟! سنڌي لکندڙ ۽ سنڌي پڙهندڙ ته غير سنڌي شئي/لکت هرگز نه پڙهندا. سو مئڊم، اوهان ۾ گڻ آهن، اهي گڻ ضايع نه ڪريو. جهڙو ڪالم اوهان عزيز پلي تي لکيو، اهڙا ڪالم لکندا ڪريو.

. حفيظ ڪنڀر مون کي ڀائيندو رهيو آهي. (يا مان غلط فهمي ۾ رهيو آهيان)، پر هو مون کان اڌ صدي ننڍو آهي، هن جا ڪالم مان ڪوشش ڪري پڙهندو رهيو آهيان، جا ڳالهه حفيظ نه سمجهي آهي، سا هي آهي ته ڪنهن ڪتاب جي ساراهه ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي ته اهو ڪتاب پڙهجي، پر ڪنهن ڪتاب کي خراب يا غلط ثابت ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اهو ڪتاب پهرين چڱي طرح پڙهيو ويو هجي. منهنجن انگريزن ۾ ڇپيل مضمونن تي جن ماڻهن مون تي گنديون ۽ غلط تهمتون لڳايون، تن ماڻهن منهنجا اهي ليک نه پڙهيا هئا، جو هنن جو انگريزي سان ڪو به واسطو نه هو. گل محمد عمراڻي صاحب انگريزيءَ جو مالڪ آهي، سندس لکيل عمر خيام بابت ليک ٻيهر ۽ سئو ڀيرا پڙهو، جو ان ۾ ايڊورڊ سعيد جو به ذڪر آهي، ته فز جيرالڊ جو به ذڪر آهي ۽ پوءِ انهن ڄامڙن کي ڏسو، جن ايڊورڊ سعيد ۽ فز جيرالڊ جو نالو به نه ٻڌو آهي.

. مسعود لوهار جي لکيل ڪالم جو ڪمال دراصل ان ڪالم جو نالو آهي، جيڪو مسعود پنهنجي ان ڪالم کي ڏنو آهي ماما هو. جي ان ڪالم جو نالو اهو نه هجي ها ته ان عاليشان ڪالم جي سهڻائپ ۾ تمام گهڻو تفاوت پئجي ويو هجي ها.

haleembrohi@hotmail.com