مذاڪرات

 

 

سومر 11 مئي 2009ع

 

  هڪڙو سٺو ۽ ڪمائتو لفظ آهي مذاڪرات. جتي ڌاڙيل ڪي ماڻهو اغوا ڪري وڃن، اتي پوليس ۽ ڌاڙيلن جي واسطيدار ماڻهن جي وچ ۾ مذاڪرات ٿيندا آهن. اهي مذاڪرات اڳتي هلي پوليس ۽ تڪ جي وڏن ماڻهن جي وچ ۾ به ٿيندا آهن، اڃا به اڳتي هلي اهي مذاڪرات پوليس جي لاڳاپيل آفيسرن ۽ سندن بالا آفيسرن ۾ به ٿيندا آهن ۽ ائين اهو مذاڪرات جو سلسلو هن خداداد ملڪ جي ٽاپ ماڻهن ۽ ٽاپ ادارن مان لنگهندي آمريڪا جي ايڊ، مدد، امداد وغيره ڪندي يونائيٽيڊ نيشنس جي مختلف شعبن ۽ ان جي ذيلي ادارن کي به پاڻ ڳهيو وڃي. ياد رکو ته جتي پئسن جو معاملو هجي اتي مذاڪرات ان معاملي جو لازمي حصو آهي ۽ جتي به مذاڪرات هجن اتي انهن مذاڪرات جو لازمي حصو پئسا آهن. پئسا ڪڍي ڇڏبا ته مذاڪرات ڊهي پوندا. پاڻ کي اهي ڳالهيون نه سمجهڻ گهرجن، ڇو ته اهڙين ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهن کي يقين آهي ته اسان عام پبلڪ جا ماڻهو اها سموري ڄاڻ هوندي به پنهنجو پاڻ کي بيوقوف ۽ ڀوڪ سمجهون ۽ انهن خانداني ۽ پيشور پئسن جي ڏيتي ليتي ڪندڙ ماڻهن کي سماج ۽ سوسائٽي جا انتهائي معزز شخص سمجهون. وڏيرا، ڀوتار، آفيسر مذاڪرات جا اهم جزا آهن.

  لکڻ لاءِ ته تمام وڏيون ۽ گهڻيون ڳالهيون آهن، پر پهرين ننڍڙيون ڳالهيون. اهو وساري ڇڏيو ته اوهان سنڌي آهيو ۽ هي سنڌ آهي، ياد فقط ايترو رکو ته جنهن جي ڄڀ کي حرام جي پئسي جو ذائقو لڳل آهي سو نه سنڌي آهي، نه پنجابي آهي، نه پٺاڻ آهي نه بروهي آهي، نه مسلمان آهي، نه هندو آهي، نه عيسائي آهي، نه ماڻهو آهي نه فرشتو آهي. مطلب ته هو ڪجهه به ناهي سواءِ پئسن جي حوس جي ۽ پئسن لاءِ هو انهن کي به پنهنجي خيال موجب بيوقوف سمجهندو، جيڪي سڀ ڪجهه ڄاڻندي به هن کي پنهنجو سمجهي هن جو چيو مڃندا ۽ ظاهر نه ڪندا ته اسان توکي سڃاڻون

  هڪ سئو چوئيتاليهه قلم جي چڪر ۾ ڪي ڏهه ويهه ماڻهو ڪنهن ٿاڻي ۾ ٻڌجي آيا، صوبيدار هر هڪ کان سئو رپيا وٺي ڇڏيندو ويو. هڪڙي جوابدار صوبيدار کي چيو ته مان تنهنجو سڳو مامو آهيان، مان به ڇا سئو رپيا  ڏيان؟ صوبيدار چيس ته مامو هوندين ٿاڻي کان ٻاهر، هتي سئو رپيا ٽيبل تي رک. سو سنڌ صوبي ۾ پاڻ سڀيئي آفيسرن جا ماما آهيون، سندن آفيسن کان ٻاهر. سندن آفيسن ۾ سندن ماتحتن، وڏيرن ۽ ڀوتارن معرفت پئسا سندن ٽيبلن تي پهچائيندا آهيون.

 مون ڇهه ست ورهيه اخبار نه پڙهي، جو مان هوس ته بيمار، پر وهم ۾ هئس ته مان ڪتاب پيو لکان. مان خوش هئس. ٻن مهينن کان مون اخبار پڙهڻ شروع ڪئي آهي ۽ مان حيران ٿي ويو آهيان، هي ڪهڙا سکيا سهنجا آسوده زميندار، وڏيرا ۽ ٺيڪيدار آهن، جيڪي غريبن جي گهرن جي ڀاتين کي به هارپ يا مزدوري ڪرائڻ لاءِ وٺيو وڃن ۽ پوءِ پاڻ ئي حساب ڪتاب ڪري هنن تي وڏا قرض ڪڍي هنن کي پاڻ وٽ قابو ڪيو ڇڏين!

  ۽ پوءِ هي به ڪي ماڻهو سڏبا، جيڪي غريب ۽ مسڪين اوڏ، ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ ۽ ٻين اهڙين ذاتين جون نياڻيون کڻي  هنن جو مذهب مٽائي پاڻ کي غازي سمجهندا آهن؟ مون انڌي منڊي نموني ۾ ويهه ورهين کان به ڪجهه وڌيڪ وقت وڪالت ڪئي هئي. مان پاڻ کي حياءَ وارو ۽ غريب عورتن کي بي حيا سمجهند هئس. ان زماني ۾ مان ڏسندو هئس ته غريب مزدور عورتن ۾ بي حيائي پکيڙڻ ۾ پوليس جو وڏو هٿ هو. اهو زمانو منهنجي بيوقوفي جو هو. اڄ مان ڄاڻان ٿو ته پوليس بلڪل ائين ڏوهاري آهي، جيئن ٻيا عام ماڻهو ڏوهاري آهن. انسان فطرتن بي حيا آهي ۽ فقط سماج کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ حيا جو لبادو پائيندو آهي. ننڍي ماڻهو جي بي حيائي اوهان کي جلد نظر اچيو وڃي. پر وڏي ماڻهو جي بي حيائي ڏسڻ لاءِ اوهان کي مٿي ڪنهن اوچي بلڊنگ تي چڙهڻو پوندو. هي ليک پڙهي جيڪي مون کي فرشتو سمجهندا، سي غلطي پيا ڪن. مان به ماڻهو ئي آهيان، نفسياتي عملن جي بي حساب وِڏن جو مرڪب! ۽ پوءِ وِڏون وري ڇا جون؟ اهي نفسياتي وڏون ئي ته آهن، جن جو انسان گهڙيل، جڙيل، ٺهيل آهي. دنيا جي عظيم سائڪولوجسٽ سي جي ينگ جي هڪ سٽ آهي ته مون کي ڪو به (ذهني طرح) سنئون ماڻهو ڏيکاريو، مان هن کي اوهان لاءِ (ذهني طرح) ٺيڪ ڪري ڏيندس. جيڪڏهن انهيءَ سٽ جي معنيٰ اوهان کي سمجهه ۾ اچي ته ٺيڪ، جيڪڏهن نه ته مان اوهان جي ڪا به مدد نٿو ڪري سگهان. جيڪڏهن اوهان يُنگ کي ناهي پڙهيو ته اوهان اڃا مڪمل نه ٿيا آهيو.

  ڪيئي ورهين کان سنڌ صوبي جي رهاڪن هڪڙو نئون فيشن ايجاد ڪيو آهي. اهو هي ته رستا روڪ ڪري بسن ۽ موٽرن مان هندن کي کنيو وڃن ۽ پوءِ پرچيون يا نياپا موڪليندا آهن ته هيترا يا ايترا پئسا ڏيو. انهن پئسن کي هو ڀنگ چوندا آهن. مسلمانن کي ته هونئن ئي کڻڻدا هئا، جو پاڻ به مسلمان ئي آهن، پر هندن کي کڻڻ جو حق هنن کي ڪنهن ڏنو آهي؟ ۽ هي ڪُهيو به ڇڏين! ۽ اهو به پيسن لاءِ! اسلامي روايت مطابق مسلمان تي مسلمان جو خون حرام آهي، پر ڪٿي ۽ ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته مسلمان تي غير مسلمان جو خون حلال آهي؟ اوهان وٽ چوري چڪاري ۽ قتل غارتگيري جي ڪا حد به آهي يا نه؟ منهنجن دوستن ۾ هندو به آهن، مسلمان به آهن، ڪنهن زماني ۾ هڪڙو جين مذهب/ڌرم جو به هو ۽ ڪي عيسائي به آهن. بلڪل صاف سڌي ڳالهه آهي ته مون کي منهنجا هندو دوست وڌيڪ وڻندا آهن، جو هو منهنجيون غلطيون ۽ خطائون فقط ان لاءِ وڏي خوشي سان معاف ڪري ڇڏيندا آهن جو هو ڏسندا آهن ته مان مسلمان هوندي به ساڻن نفرت نٿو ڪريان ۽ کين ڀايان ٿو. بلڪل سڌي ڳالهه آهي ته مهرباني ڪري ۽ خدا جي واسطي هندو ڌرم/مت جي ماڻهن کي جيئڻ ڏيو ۽ سک جو ساهه کڻڻ ڏيو. ڪهڙو هندو آهي، جنهن اوهان تي هٿيار هلايو آهي، جو اوهان هندو دشمني تي لهي آيا آهيو؟

 مان 1936ع ۾ ڄائو هئس، جڏهن پاڪستان اڃا وجود ۾ نه آيو هو ۽ اهو سڄو ڏکڻ ايشيا هندستان هو، تنهن ڪري مان هندستاني ڄائو هئس. منهنجو پيءُ 1905ع ۾ ڄائو هو ۽ هندستاني هو، جو پاڪستان موجود ئي نه هو. ائين اوهان به پنهنجن وڏن کان پڇو ته سندن وڏا تڏهن ڇا هئا، جڏهن پاڪستان جو وجود ئي نه هو. هندو اهي هئا، جيڪي هندستان ۾ رهندا هئا، جيئن پاڪستاني اهي آهن جيڪي پاڪستان ۾ رهندا آهن. عيسائين کي ته اسان گڊ مارننگ چوندا آهيون، هندو ته اسان کي اسلام عليڪم به چوندا آهن، پر پاڻ آخر ڇو هنن جي نمستي تي آپي کان ٻاهر نڪري وڃون؟ پنج وقت نماز پڙهڻ ڪافي ڪونهي، قرآن پاڪ جو ترجمو اردو، سنڌي يا انگريزي ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ اوهان کي اوهان جو دين مڪمل سمجهه ۾ نه ايندو.

  هزارين ورهين کان ڏکڻ ايشيا جو رت هندستاني رت آهي. پير پاڳاري سائين صبغت الله شاهه بابت جيڪي ڪجهه اخبارن ۾ ڇپيو آهي، سو اڌورو نامڪمل آهي. پير سائين پاڳاري جا جيترا مريد راجسٿان ۾ هئا، اوترا سنڌ ۾ نه هئا ۽ سائينءَ جي مريدن جو هڪ وڏو تعداد هندو هو. مان سمجهي نٿو سگهان ته مون کي هندو ڇو وڻندا آهن ۽ اوهان ڇو هنن پويان هٿ ڌوئي پيا آهيو. مان اوهان کي صلاح ٿو ڏيان ته سائين وڏي پير صبغت الله شاهه پاڳاري بابت چڱي طرح ڄاڻ حاصل ڪريو، سڀاش چندر بوس بابت به ڪجهه ڄاڻ وٺو. ان زماني جي تواريخ چڱي طرح  پڙهو. مهراڻ اخبار جا جيڪي اسپيشل اشوز سائين وڏي واري تحريڪ بابت ڇپيا هئا، سي به پڙهو ۽ سڄي معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. مهراڻ جي ايڊيٽر سردار علي شاهه جا سڀيئي مضمون انهيءَ تحريڪ بابت اهم آهن.

haleembrohi@hotmail.com