ڊائس

 

 

اربع 10 جون 2009ع

 

  منهنجا دوست، محترم ۽ محترمائون، مان ڏسان پيو ته اوهان اسان انهن سڀني کي حيرت ۽ عجب سان ڏسي رهيا آهيون، جو اوهان کي يقين ۽ اعتبار آهي ته اسان جيڪي هن ڊائس يا اسٽيج تي ويٺا آهيون سي عقل ۽ سمجهه سان ٽمٽار آهيون ۽ اسان پنهنجو عقل ۽ سمجهه ضرور اوهان کي به ڏنو هوندو. اوهان جو خيال هوندو ته نتيجي ۾ اوهان به ڪجهه وڌيڪ عقلمند ۽ سمجهو ٿي ويا هوندا. منهنجا دوستو ۽ منهنجيون محترمائون، ۽ اهو اوهان جو خيال آهي ۽ بلڪل غلط خيال آهي. اسان جيڪي ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي معتبر ۽ وڏا عقلمند ٿيا اوهان کان چار فٽ مٿي ڊائس يا اسٽيج تي ويٺا آهيون، سي به اوهان يقين ڪريو ته بلڪل اهڙا ۽  ايترا ئي  بيوقوف آهيون، جيترا اوهان پاڻ آهيو.

  هي منهنجو پهريون ڀيرو آهي جو مان ڊائس يا اسٽيج تي چڙهيو آهيان ۽ مون کي هلڪڙو ڦلڪڙو ڳالهائيندڙ سمجهي سڀ کان پهرين مون کي وارو ڏنو اٿن ڳالهائڻ جو. هنن جو خيال آهي ته مان ضرور ڪو گند ڪندس جو اناڙي آهيان، اوهان مون کي غور سان ڏسو، مان اوهان کي اناڙي ٿو لڳان؟

  هي جيڪي اسٽيج يا ڊائس تي ايندا، سي هڪ ٻئي کي پڏائيندا. هڪٻئي جي ساراهه ڪندا. جيڪي به بلڊنگون، اسڪول، وغيره ٺهيا سي سرڪاري پئسن سان ٺهيا، پر اسٽيج ۽ ڊائس تي ڳالهائڻ ائين ڳالهائيندا، جيئن جيڪي مري ويا، تن اهي بلڊنگون ۽ اسڪول پنهنجن ذاتي پئسن مان ٺهرايا هئا. مون کي اڄ سرڪار وٽان ڏهه ڪروڙ وٺي ڏيو، اڌ مون کي ڪميشن کائڻ ڏيو ۽ سڀاڻي کان سڄي دنيا ڄاڻي ويندي ته حليم وڏو عقلمند هو، جنهن پنج ڪروڙن ۾ فلاڻو تعليمي ادارو ٺهرايو...! اڄ اهي ڏهه ڪروڙ ڏهه ارب ٿي ويا آهن. جنهن کي اسٽيج يا ڊائس چئبو آهي، سو ٺڳن جو ادارو آهي، جيڪي ان تي ويهن. انهن کي غور سان ڏسو، جنهن معتبر کي وچ ۾ پٽڪو پارائيندا سو سڀني کان وڏو کائڻ وارو هوندو، يا بيوقوف هوندو.

  بابر، اڪبر، همايون، شاهجهان، اورنگزيب  ۽ محمود غزنوي، محمد غوري، علاءُالدين خلجي، انهن مان اوهان ڪڏهن ٻڌو ته ڪو حج تي به ويو يا عمري تي به ويو! ابدالي به نه ويو هو. سو پاڻ فقير ماڻهو ڇو منجهي پيا آهيون، محمود غزنوي سترهن ڀيرا گجرات ۾ سومناٿ تائين آيو، پر حج تي نه ويو. مان پڇان ٿو ڇو؟

  انگريزي اهڙي سهڻي ٻولي آهي، جو ان ۾ پاڻ اهو سڀ  سمجهه لکيو وڃون، جيڪو سنڌي يا اردو ۾ لکون ته ڪوڙا کائون يا ڦاهي چڙهون پر ڪمال اهو آهي جو انگريزيءَ ۾ جيڪي وڻي، سو لکي ڇڏيو، پر اهو لکيل پڙهي اوهان کي مزو ايندو. ڪجهه ته ڪري ڏسو انگريزيءَ ۾ به!  تمام سهڻا لفظ ۽ سٽون آهن انگريزي ۾، جن جو ترجمو سنڌي ڪريون ته پادر کائون، اهي به سنڌين جا.

  جيڪڏهن مان سنڌيءَ ۾ گجراتي ٻولي جي هڪ شعر جي معنيٰ لکي وڃان ته ڪو سنڌي رٽائرڊ وڏيرو جنهن هڪڙو اکر به سنڌي نه لکيو آهي، سو چوندو ته حليم ڇا ٿي پئي ها جيڪڏهن تو هڪڙو سنڌي شعر به لکي ڇڏيو هجي ها! منهنجو جواب هي آهي ته جيڪڏهن مان نالائق آهيان ته تون ئي کڻي پنهنجي لائقي ڏيکار! ڇپائي ڇڏ ڪو سنڌي شعر جيڪو توکي وڻي!

  جيڪڏهن مان چاهيان ۽ منهنجي دل چئي به پئي ته دانش نالي جيڪو اردو شاعر هو، تنهنجو هڪڙو اردو جو تمام سهڻو شعر گجراتي ۾ لکي ڇڏيان، پر اوهان ڳالهه کي الائجي ڪيڏانهن وٺي وڃو! سو پهرين اڄ اردو وارو شعر ٻڌو ۽ پوءِ اوهان جو رويو ڏسي، گجراتي ۾ به لکندس. بوري، مارواڙي، ٿري، مينگهواڙ سڀيئي گجراتي ڳالهائيندا آهن ۽ مٺي زبان آهي، سنڌي اخبار ۾ جي اردو ۽ انگريزي لفظ ڇپجي سگهجن ٿا ته مارواڙي يا گجراتي لفظ ڇو نٿا ڇپجي سگهن؟ ڀائي مان ته لکندس، پوءِ ڀل گند ٿئي، مان ته بلوچي به لکندس ۽ فارسي به لکندس.

 دو جوان دلون کان غم، دوريان سمجهتي هين

کون ياد کرتا هي، هچکيان سمجهتي هين

تم تو خود هي قاتل هو تم يه بات کيا جانو

کيون هئا مين ديوانه، بيڙيان سمجهتي هين

جڏهن ايتريون سوين، هزارين، لکين، ڪروڙين ۽ اربين عورتون ٺاهڻيون هيون، تڏهن ڀلا ضروري هو ڇا ته توکي به ٺاهي منهنجو مٿو رلائي ها؟ جيڪڏهن توکي نه ٺاهيو هجيس ها ته اڄ مان به ڪنهن ڪم جو ماڻهو هجان ها.

  ٽي چار سال اڳ مان پاڻ کي وڃائي ويٺو هوس، ڪو هوش نه هو، مون کي ڪا سمجهه نه هئي. مون کي اڄ ڪنهن ياد ڏياريو ته مان اڳي سٺو لکندو هوس ۽ هاڻ وري ڪجهه چڱو لکڻ لڳو آهيان، پر مون وٽ آهي ڇا، جنهن بابت مان چڱو يا خراب لکان! منهنجو ذهن  خالي آهي. ڪالهه مون ڪنڀر صاحب جو مضمون ڏٺو، هو اڃا سنڌيءَ کان سنڌيءَ واريون ڊڪشنريون پيو ڏسي! ڪنڀر صاحب، اڳ جا ڀت هڻي سا هاڻ ديوار آهي، اڳ جيڪو وال هو سو هاڻ گز آهي، اڳ جا سهڻي هئي، سا هاڻ خوبصورت آهي، اڳ جا لوڻڪ هئي سا هاڻ ڪلفو آهي، اڳي جا ٿوم هئي سا هاڻ لهسن آهي، ڦاروان هاڻي فالسا آهن. جيڪا ڪسي سڏبي هئي سا هاڻي نالي آهي. جنهن مس سان اسان لکندا هئاسين سا هاڻ سياهي سڏبي آهي. جا تو ۽ مون لاءِ ماکي هئي سا هاڻ شهد سڏجي پئي بازار ۾، ۽ اهو اکر جيڪو انگريزي ۾ Yellow (ييلو) لکبو هو، سو رنگ ڦٽائي هئڊو ڪيئن ٿي ويو؟ دنيا بدلجي وئي، زمانو بدلجي ويو، سو هاڻ رئڻ پٽڻ ڇڏي انهن علم جي اڪابرن کي ڳچيءَ کان جهلي پڇو ته جڏهن توهان وٽ اکر ۽ لفظ بچائڻ جو طريقو نه هو ته اوهان اهي اکر (لفاظي) گڏ ڪرڻ واري مشڪري شروع ڇو ڪئي؟ سنڌي لفظ ختم ٿي چڪا آهن ڪڏهوڪا ۽ هوش اوهان کي اڃا به فقط ايترو آيو آهي، جو اڃا پيا انهن مسخرن جون ڊڪشنريون ڏسو! مان اوهان کي هر هڪ مضمون ۾ ڪو سنڌي اکر ڏيندس، جنهن جو خانو خراب اوهان جي دانشورن ڪيو آهي، مان ته غريبڙو آهيان. رئڻ ڇڏيو ۽ پنهنجي حشر تي کلڻ سکو.

haleembrohi@hotmail.com