ايوارڊ!

 

 

جمع 9 آڪٽوبر 2009ع

 

  جڏهن ليکڪ وٽ لکڻ لاءِ ڪا ڳالهه نه هوندي آهي، تڏهن هو چاهيندو آهي ته هن کان انٽرويو ورتا وڃن ته جيئن ليکڪ به رهي ۽ لکڻو به نه پويس. مون وٽ به لکڻ لاءِ هاڻ ڪجهه ڪونهي، سياست ۽ سياسي ماڻهن سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي.

  سماج ۽ مان ٻه مخالف شيون آهيون، مون کي سماج کان بلڪل ايتري نفرت آهي، جيتري سماج کي مون سان آهي. هي دنيا، تنهن ۾ سماج ۽ سياست جو بنياد به ڪوڙ ۽ فريب تي رکيل آهي.

  هر هڪ ليکڪ جو هر هڪ ليک هڪ ڪوڙڪو آهي، ڪوريئڙي جو ڄار آهي، جنهن ۾ هو معصومن جي معصوميت ۽ سادن جي سادگي ڦاسائيندو آهي. مان ليکڪ رهيو آهيان ۽ مان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻان.

  پئروڊي (اهو اکر چٿر سان تعلق نٿو رکي، اهو اکر اي ڪلاس سمجهه ۽ سوچ ثابت ٿو ڪري ان جي به، جيڪو پئروڊي ٿو ڪري، ۽ ان جي به، جنهن جي ڪنهن آئٽم جي پئروڊي ٿي ٿئي) ۽ پئروڊي ۾ ان شخص جو نالو وٺڻ جي ضرورت نه  هوندي آهي، جنهن جي پئروڊي ٿي رهي هوندي آهي، جو ان کي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ سڃاڻيو وٺن. پئروڊي عاليشان پيماني تي مزاح آهي، جنهن کي فقط سمجهو ماڻهو سمجهندا ۽ پسندا ڪندا آهن. سادا ماڻهو سمجهندا آهن ته ٽوڪ بازي ۽ چٿر آهي.

  جيڪڏهن اوهان علامه اقبال نه پڙهيو آهي ته هڪ ڀيرو سندس ديوان (شاعري جو مجموعو اي کان زيڊ تائين پڙهي ڏسو، اوهان حيران ٿي ويندا. ڪافي وقت اڳ هندستان ۾ راج ڪپور هڪ فلم ٺاهي هئي، جنهن جو نالو هو پهر صبح هوگي. اها فلم پاڪستان نه آئي. مان نٿو ڄاڻان ڪنهن ڏٺي به يا نه، پر هن فلم جو هڪڙو گانو مون کي بي انتها پسند هو. مون کي ڄاڻ نه هئي ته ان فلم جو شاعر ڪير هو. پوءِ اوچتو اهو گانو ميڊيا تان گم ٿي ويو. گهڻو پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته اهو گانو اقبال جي هڪ شعر تي پئروڊي هئي ۽ اهو شعر هو:

چين و عرب همارا، هندوستان همارا

رهني کو گهر نهين هي، سارا جهان همارا

جتني بهي بلڊنگين هين، سيٺون نه بانٽ لي هين

سڙڪون په گهومتا هي، اب ڪاروان همارا

جيبين هين اپني خالي،  ورنا ڪيون ديتا هم ڪو گالي

يه سنتري همارا، يه پاسبان همارا

سوني ڪو هم قلندر، آتي هين بوري بندر

هئي هر قلي همارا،  اب رازدان همارا

تعليم هي ادهوري، ملتي نهين ضروري

معلوم ڪيا ڪس ڪو درد نهان همارا.

هي گانو الائجي ڇو مون کي ورهين، بلڪه ڏهاڪن کان ياد آهي. اهڙي صاف سٺي پئروڊي تي به هندستان جي ماڻهن گوڙ ڪيو ته اها پئروڊي اقبال تي طنز آهي. هندستان حڪومت اهو گانو شايد ريڊيو ۽ ٽي وي وغيره تان لاهي ڇڏيو. اقبال کي جي اوهان نه پڙهيو آهي ته هڪڙو ڀيرو هن کي پڙهي پوءِ هن ٽاپڪ تي ڳالهائجو. هن پئروڊي جون آخري ٻه لائينون به مون کي ياد آهن ۽ آئون ڄاڻي واڻي اوائڊ ڪري ويو آهيان. مشڪل هي آهي ته ماڻهو مون کي به  مشڪل سان برداشت ڪندا آهن ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ منهنجي ڳالهه قبولي آهي، آهي تماشو.

  جڏهن مون کي ايوارڊ مليو، سنڌ جي چيف منسٽر، صوبائي وزير سسئي پليجو ۽ مظهر الحق صديقي کان ته پنهنجي ڪرسي تي اچي اهو باڪس ڏسڻ لڳس. ميڊم فهميده حسين مون کي سمجهايو ته باڪس هيئن کول ۽ ان ۾ ايوارڊ ڏيکاريائين. مون ان باڪس ۾ جوش مليح آبادي جي پرنٽ ڏٺي پر مان جوش مليح آبادي بابت ڪجهه نه ڄاڻندو هوس. پوءِ مون کي ٻين ٻڌايو ته چين و عرب همارا جيڪو مان ورهين کان ڳائيندو اچان، سا اقبال جي شعر تي پئروڊي آهي ۽ جوش مليح آبادي جي لکيل آهي.

  سنڌي پڙهندڙن کي گهرجي ته پنهنجي خول مان ٻاهر نڪرن، نه ته انهيءَ خول ۾ وڌيڪ ڦاسندا ويندا، جو پاڻ ڏسن به پيا ته اهو خول تنگ ۽ وڌيڪ تنگ ٿيندو وڃي.

  هلندي ڪا ٽنڊي؟واري آکاڻي اوهان کي ياد آهي؟ مون کي ياد ناهي، مون کي فقط هڪڙو اهو خيال آهي جاڳندي ۽ ستي ته، ملندو ڪو ٻيو ايوارڊ؟ اهو جوش مليح آبادي ايوارڊ مون کي بلڪل منهنجي ذهنيت مطابق مليو آهي. جوش مليح آبادي بابت مون ڪجهه نه پڙهيو آهي، ڇو ته نقوش رسالو جيڪو ورهين جا ورهيه اسان پڙهندا رهياسين، تنهن جا سڀئي نمبر، غزل نمبر سميت، مسلمان ايڊيٽر ڪڍندا هئا ۽ هنن سان ڪير بحث ڪري هنن کي سمجهائي ها ته اقبال جي عزت هن پئروڊي سان اڃا به مٿي ٿي ٿئي.

haleembrohi@hotmail.com