ڏَچو

 

 

سومر 9 مارچ 2009ع

 

اوهان جو حق اهو ئي آهي، جيڪو اوهان کي ملي، جيڪو اوهان کي نه ملي،  سو اوهان جو حق ناهي. منطق تمام سولي ۽ سڌي آهي. اهو چوڻ ته اوهان کي اوهان جو حق نه مليو، هڪڙي بي معنيٰ سٽ آهي. جي اوهان جو حق هجي ها ته اوهان کي ضرور مليو هجي ها. صاف ظاهر آهي ته اوهان جو حق نه هو جو اوهان کي نه مليو. اها آهي لاجڪ، جنهن کي سنڌي، اردو، فارسي ۽ ڪجهه ٻين ٻولين ۾ منطق چئبو آهي. جنهن کي لاجڪ جا بنيادي اصول به سمجهه ۾ نٿا اچن، تنهن سان ڳالهائڻ وقت ضايع ڪرڻ آهي.

نظام جا ڪيئي قسم آهن، تعليمي نظام، پوليس جو نظام، روينيو جو نظام، صحت کاتي جو نظام، ٽپال جو نظام وغيره. پر سڀ تي حاوي جيڪو نظام آهي، سو آهي رشوت جو نظام. اهو نظام اهڙو حاوي آهي، جو بنان ڪنهن کاتي يا ڊپارٽمينٽ جي پيو هلي. اوهان ڪو به نظام بند ڪري سگهو ٿا، اوهان هڙيئي نظام بند ڪري سگهو ٿا، پر اوهان رشوت جو نظام بند نٿا ڪري سگهو. جي اوهان رشوت جو نظام بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا ارادو ڏيکاريو ته اوهان کي ٿڏي ٻاهر ڪڍيو ويندو. صاف ظاهر آهي ته مان رشوت جي نظام جي پاسي آهيان، ان نظام جو بند ٿيڻ به ناممڪن آهي ۽ ان کي بند ڪرڻ به ناممڪن آهي. سو ان کي آرام سان هلڻ ڏيو.

مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ لازمي آهي ته هو ڪنهن لابي سان وابسته هجي. مان پاڻ ڪنهن به لابي سان وابسته نه رهيو آهيان ۽ اهو ئي سبب آهي جو مان مارجي ويس. مون کي هاڻ سمجهه ۾ پيو اچي ته منهنجو پيءُ نذير صاحب ۽  آوان صاحب جي لابي جو ماڻهو هو، جيڪي ايوب خان جي لابي جا ماڻهو هئا. ڄام صادق علي به انهيءَ لابي جو ماڻهو هو. مون پاڻ انهيءَ لابي جي هنج ۾ رهندي ان کي ڇيهو رسايو. اهي ڳالهيون مون کي هاڻ سمجهه ۾ پيون اچن، جڏهن منهنجي سڄي حياتي منهنجو ماضي بنجي وئي آهي. ڪالهه مشتاق قريشيءَ سان ڳالهائيندي ڄاڻ پيئي ته جيڪو جتي ويٺو آهي، سو ڪنهن لابيءَ ڪري ويٺو آهي. اهو مشتاق قريشي نوابشاهه ۾ رهندو آهي ۽ ڪاوش ۾ منهنجو مضمون/ليک ڏسندي ئي مون کي فون ڪندو آهي.

ڪو زمانو هو، جڏهن وڏن کان سکبو هو، گذريل ڏهن سالن کان مان ته ننڍن کان سکندو رهيو آهيان، خاص ڪري پنهنجن ٻارن کان. منهنجو تجربو آهي ته پنهنجو پاڻ کي ڪا شئيِ سمجهڻ ۽ اصولن وغيره کي اهميت ڏيڻ انتهائي خطرناڪ آهي ۽ زندگي تباهه ڪريو ڇڏي. چڱي طرح پنهنجي زندگي خراب ڪري ۽ ٻارن کي ڏکي زندگي ۾ پالي هاڻ مان ٽيليفون ڏانهن نهاريندو رهندو آهيان، ته ڪڏهن ٿو ڪهڙو ٻار ڳالهائي مون سان.

مان ته بيوقوف هوس، پر قدرت به ڪجهه ناانصافي ڪئي مون سان. مان جيڪڏهن ذهني ۽ جسماني مريض نه هجان ها ته تفاوت فقط اهو ٿئي ها ته مان ليکڪ نه هجان ها. اهي ذهني ۽ جسماني بيماريون آهن، جيڪي ماڻهو کي ليکڪ ٿيڻ ڏانهن گهليو وڃن.

 اڄ ڪنهن شاگرد مون کي ٻڌايو ته مان قوم جو  سرمايو آهيان. ڪالهه ڪنهن استاد مون کي ٻڌايو هو ته مان قوم جو اثاثو آهيان، اهو ڪهڙو چرچو آهي؟ اهو ڪهڙو تماشو آهي؟ مون لکڻ شروع ڪيو هو پنهنجو پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ، قوم جو يا ڪنهن ٻئي جو اثاثو يا سرمايو بڻجڻ لاءِ نه. ٻئي تهمت جا مون تي لڳندي آهي سا آهي، ته مون سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪئي آهي. اها لفاظي مون کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي.

 اڳي پيءُ پنهنجي پٽ لاءِ چوندو هو ته هي بي اي يا بي ايس سي جي پهرئين يا ٻئي سال جو شاگرد آهي، پر اڄ پيءُ به پنهنجي پٽ لاءِ چئي ٿو ته هي فلاڻي شاگرد تنظيم جو فلاڻو عهديدار آهي. ڪهڙي ڪلاس ۾ آهي ۽ ڇا ٿو پڙهي، سان واسطو نه پيءُ جو رهيو آهي، نه پٽ جو.

غريب جو ٻار هجڻ ۾ فائدو هي آهي ته اوهان جي نظر سدائين پئسي ۽ پوسٽنگ تي هوندي. وڏي ماڻهو جو ٻار هجڻ ۾ نقصان هي آهي ته اوهان پئسي ۽ پوسٽنگ کي تڇ سمجهي پاڻ پنهنجي تباهي جو ڪارڻ ٿيندا. مثالن لاءِ مان هيڏي هوڏي نه نهاريندو آهيان، مان پاڻ هر ڳالهه جو زنده مثال آهيان.

بلڪل هينئر تيرٿ آيو هو فقط اهو پڇڻ لاءِ ته، مون ڪو ڏچو لکيو آهي يا نه. منهنجو هر هڪ ليک هڪ ڏچو آهي. اهو اکر ڏچو سنڌي ڊڪشنري مان ذري گهٽ غائب ٿي ويو آهي ۽ پاڻ هر هڪ معاملي کي ڦڏي جي ليول تي جهليو وٺون. اها ڳالهه غلط آهي. جا ڳالهه ڏچو آهي، تنهن کي ڏچي جي اهميت ڏيڻ گهرجي. مثال طور سرڪاري تعليمي نظام بابت سوچ هڪ عاليشان ڏچو آهي. اوهان منجهي پوندا ته ڪٿان شروع ڪري ڪٿي ختم ڪجي. محمود سومرو صاحب جڏهن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو هو ته هن صاحب مون کي چيو ته مان درسي ڪتابن کي بهتر ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪريان. مون کيس چيو ته اها ڳالهه ذهن مان ڪڍي ڇڏي ته درسي ڪتابن ۾ سڌارا آڻي سگهجن ٿا. مون کيس چيو ته اهو نظام تبديل نه ٿيندو ۽ توکي ئي تبديل ڪيو ويندو. هو صاحب نه مڙيو، تنهن ڪري تبديل ٿي ويو.

haleembrohi@hotmail.com