خاڪي!

 

 

خميس 9 جولاءِ 2009ع

 

 منهنجو ذاتي خيال آهي ته جڏهن به ڪنهن اخبار ۾ ڪا اهڙي خبر ڇپبي آهي ته فلاڻي راڳي جو چاچو يا مامو ايترن ۽ هيترن ورهين کان فلاڻي بيماري ۾ ورتل آهي، پر اخبارن ۾ اپيلن، ٽپيلن، پريس ڪلبن اڳيان بک هڙتالون ڪرڻ باوجود به ڪلچر کاتي جي عملدار هن کي ڪا به مالي امداد نه ڏني آهي. اها ڳالهه ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڳالهيون ته فلاڻو راڳيندڙ، فلاڻو واڄيندڙ، فلاڻو تبلچي، فلاڻي راڳڻي، فلاڻو هارمونيم نواز، فلاڻي واڄيندڙ، فلاڻي راڳيندڙ، فلاڻي ناچو ورها ورهه پنهنجي فن جي خدمت ڪئي ۽ هاڻ جڏهن پوڙهو ٿي ويو آهي ته فلاڻي کاتي جو وزير يا وزيرياڻي پڇڻ به نه آيس ۽ رڳو ننڍڙا، انڌا منڊا آفيسر اچي کيس آسرا ڏيئي هليا ويندا آهن. سوال آهي ته جڏهن هي فنڪار جوان هئا ۽ پنهنجو فن ڏيکاري پاڻ به خوش ٿيندا هئا ۽ ماڻهن کي به خوش ڪندا هئا، تڏهن هي فنڪار مستقبل جو ڇو نه سوچيندا هئا جو هاڻ پنڻ تي سندرو ٻڌو اٿئون؟ مشڪرا فنڪار پنهنجي مشڪري ماڻهن کي ڏيکاري خوش ٿيندا هئا ته بس سندن مشڪريون قيامت تائين قائم رهنديون ۽ هو سدائين ائين خوشحال رهندا. اها هوندي آهي سندن بڪواس واري سوچ. مون جهڙا سنڌي ۽ انگريزي ۾ مشڪريون لکندڙ به پوڙها ٿي ذهني ۽ پئسي جي معاملي ۾ ڏتڙجي وينداسين. وڏن وڏن شاعرن جو به اهو ئي حال ٿيندو آهي. ڪهڙو ليکڪ آهي دنيا سڄي ۾ جيڪو ڪشتو کنيو پن تي پيو هلي ۽ بک هڙتالون پيو ڪري؟

 ڳالهه آهي سڌي، جيڪڏهن غريب ٿي ويا آهيو ته غريب ٿي رهڻ سکو. جڏهن اوهان جي لاءِ موج هئي تڏهن اوهان ماڻهن کي پنهنجا ڏند ڏيکاري اوهان پاڻ به ڪافي خوش ٿيا. هاڻ اهو وقت ويو، هاڻ غريب، مسڪين ٿي رهو. دنيا جا  رستا وڏا ڊگها، آڏا ڦڏا، پيچرن ۽ جهنگلي ڪتن سان ڀريل آهن. سرڪاري  يتيم خانن جي وزيرن، وڏن عملدارن ۽ آفيسرن جي خوشامد ڪرڻ ۽ هنن اڳيان هٿ ڊگها ڪرڻ کان چڱو اٿوَ ته ڪنهن رستي يا پيچري جي ڪنهن ڪنهن ڪنڊ پاسي ليٽي موت جو انتظار ڪريو، جيئن مان ڪندس. يا ٿورو ترسو ۽ ڏسو ته مان ڇا ٿو ڪريان ۽ ائين ڪجو جيئن مان ڪريان.

 اهي سڀيئي سرڪاري کاتا گشائي پتائي آهن. انهن جي عملدارن ۽ وزيرن وٽ گشن، آسرن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين جا انبار آهن. اسپتال ۾ مريض ۽ ڊاڪٽر سان فوٽو ڇڪائي گم ٿي ويندا. هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ چوندا فلاڻي جي خاطري ڪرائڻ تي هڙتال هفتي لاءِ ختم ڪئي وئي، ائين ڄڻ هو ويٺا ئي فلاڻي جي انتظار ۾ هئا ته اهو اچي جوس پياري ته گهر وڃون. ڇا لکان، اهڙو ڪجهه ته نه لکان جو ماڳهين جيل هليو وڃان، جو ڊي پي او به هنن جا، سي سي او به هنن جا، فقط ڪن ۽ ڳٽا منهنجا آهن.

 تواريخ لکبي آهي ته بلڪل بي جان، بي مطلبي ۽ بي غرض ٿي لکبي آهي. جيڪي ڪجهه سنڌي محققن گذريل 60 ورهين ۾ اسٽيجن تان بيهي سنڌ ۽ سنڌين بابت چيو آهي، اهي سڄي کي ته ڇڏيو جيڪڏهن فقط ان جو اٺون يا ڏهوڻو حصو به سچ هجي ها ته هن ريڊيو، موبائيل، ٽي وي، بندوق، رائفل، ٽئنڪ، توب، راڪيٽ، ڇپائي جون مشينون، پنو، فائونٽين پين وغيره سڀئي  سنڌين ٺاهيون هجن ها.

 مان دنيا تياڳيان پيو. مون کي هيءَ دنيا نٿي وڻي. منهنجا وڏا جي ڪڏهن گجرات مان ٿيندا، سنڌ ۾ داخل ٿيا هجن ها ته مان وڏي فخر سان چوان ها ته مان گجراتي آهيا، جنهن کي گجراتي ٻولي به نٿي اچي. مون کي هڪڙي بروهيءَ چيو هو ته هم اس بروهي سي بات نهين ڪري گا، جس ڪو اپنا بروهي زبان نهين آتا مان ڪاوڙيو نه هوس، خوش ٿيو هوس. مان ۽ اوهان ايندڙ زماني ۾ ان با غيرت گجراتي جي شڪل ڏسنداسين، جيڪو گجراتي نسل تان هٿ کڻي هاڻ سنڌيءَ ۾ ٽانٽان ڪندي پنجاهه ورهين ۾ نه سنڌي رهيو آهي نه گجراتي. مان دڙڪو ٿو ڏيان ته جيڪڏهن مون سان کيچل ڪئي اٿوَ ته مون وٽ اڃا جام بارود رکيو آهي.

 انگريزن جي جوڙيل سنڌ صوبي ۾ ڪيئي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. ڪي ٻوليون گهٽجي ويون آهن، پر بلوچ ڇو نٿا مڃين ته هو گهرن ۾ بلوچي يا سرائڪي ڳالهائيندا آهن؟ ڳالهه اها آهي ته سنڌ صوبي جي ايراضي ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهن ۾ حقيقت ۽ سچ مڃڻ جو مادو آهي ئي ڪو نه. مان مڃان ٿو ته مون کي بروهي ٻولي جي چئن ڇهن سٽن کان وڌيڪ ڪجهه نٿو اچي ۽ صاف ظاهر آهي ته مان شرمسار به ٿيندو آهيان. بروهي اهڙا به آهن، جيڪي چار ڇهه ٻوليون ڳالهايو وڃن. مارواڙي اهڙا به آهن، جيڪي گجراتي سميت ڇهه اٺ ٻوليون ڳالهائين، پوءِ اوهان سان ڪهڙي ويڌن آهي؟ انگريزي، اردو ۽ جنهن کي توهان سنڌي چئو ٿا سي ته عام آهن.

 مان الائجي ڪيڏانهن هليو ويس ۽ هي مادري ٻولي ڇا ٿيندي آهي؟ منهنجي ماءُ سومري هئي تنهن ڪري سندس ٻولي مارواڙي هئي، بابا ۽ ڏاڏا وغيره بروهي هئا، تنهن ڪري سندن ٻولي بروهي هئي. مان نسلن سومرو به آهيان ۽ بروهي به آهيان. اهو رڳو فيشن ٿي ويو آهي ته سنڌ صوبي جي ايراضي ۾ ته مادري ٻولي فلاڻي آهي. حقيقت ۾ اسان جون ٻوليون نسلي آهن. منهنجي ڏاڏي سرائڪي ڳالهائيندڙ بوهڙ بلوچ هئي. اوهان پاڻ پنهنجو حساب ڪريو ۽ سچ ڳالهائڻ ۾ عار نه ڪريو. اصلي نسل نسلي هوندو آهي، مادري نه، ۽ جيئن مان نسلن بروهي به آهيان ۽ سومرو به آهيان تيئن اوهان ۾ لکين هوندا، جن جا به ٻه نسل هوندا، پر مڃندا نه، جو سنڌ صوبي واري ايراضي جو پاڻي پيتو اٿن.

 مان جڏهن مران ته اخبارن ۾ لکجو ته حليم مري ويو ۽ کيس فلاڻي هنڌ دفن ڪيو ويو، اها مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو واري لفاظي ختم ڪريو. اڳي ماڻهو مرندو هو ته چيو ويندو هو ته کيس فلاڻي هنڌ دفن ڪيو ويو، پر ڇو ته اڄڪلهه سنڌين وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه آهي ئي ڪو نه، سواءِ لفاظي جي سو خوامخواهه لفظ ۽ سٽ وڌائڻ لاءِ چوندا ۽ لکندا آهن ته سندس خاڪي جسم فلاڻي هنڌ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جسم خاڪي نه هوندو ته ڇا لوهه جو هوندو؟

haleembrohi@hotmail.com