ڦوڪڻا

 

سومر  9  فيبروري 2009ع 

 

. سنڌي اکرن جي ساراهه ڪندڙ راڳي ۽ گائڪ حقيقت ۾ سنڌي لفاظيءَ سان ڀريل ڦوڪڻا آهن، جن مان اها لفاظي واري هوا نڪرندي پئي وڃي.

. مان سمجهندو هوس ته مان اڪيلو آهيان ۽ اڪيلو ئي رهندس، پر ڏسان ٿو ته قدرت مون کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو، هر وقت هر گهڙي ڪنهن ساٿ ڏنو آهي. سنڌالاجي ۾ مئڊم مهتاب اڪبر بدران ڪو به/ڪا به ڊائريڪٽر هجي ها ته سنڌي اکرن سان کيچل ڪرڻ جي مون کي اجازت ئي نه ملي ها. مان ڄاڻان ٿو ته مئڊم لاءِ اهو سندس مزاح هو ۽ هن کي مزو ايندو هو، اهي خط پڙهڻ ۾، جيڪي سنڌي ليکڪ منهنجي انهيءَ ڪم خلاف لکندا هئا. سو منهنجي انهيءَ ڪم جي بنيادي اجازت مئڊم مهتاب وٽان ملي هئي. مئڊم جي مرضي هئي ته مان به ماڻهن جي خطن تي کلان، پر مون کي انهن ماڻهن کان نفرت ٿي وئي، جن اهي خط لکيا هئا.

.اٽڪل ڏيڍ سئو ورهيه انهن سنڌي لفاظي سان ڀريل ڦوڪڻن سنڌي ڳالهائيندڙن جو دماغ، مغز ۽ ذهن چٽيو آهي. منهنجو خيال آهي ته اهو ڪافي آهي. پرائمري سنڌي گهرن ۾ ڳالهائي ويندي آهي، انهيءَ ٻوليءَ جي انگريزي اکرن لاءِ پرائمري انگريزي اسڪول هئڻ گهرجن، نڪي سنڌي پرائمري اسڪول.

.گريجوئيشن لاءِ لازمي ڪيل آهي ته اردو ۽ سنڌيءَ مان ڪا هڪڙي ٻولي ضروري کڻو. اها مشڪري صدين کان پئي هلي آخر ڇو؟ اهو اردو يا سنڌي وارو طوق ورهين، ڏهاڪن، صدين کان سنڌين جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ اردو ڊپارٽمينٽ ته هونئن به خالي نظر ايندو آهي، جيڪڏهن اهو اردو يا سنڌي وارو چڪر سنڌ يونيورسٽيءَ مان ختم ڪيو وڃي ته سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ شايد ئي ڪو شاگرد نظر اچي ۽ سڄي ڊپارٽمينٽ ۾ فقط نالي ماتر ماسٽر ويٺل نظر اچن. سنڌ ۾ گريجوئيشن ۾ سنڌي پڙهڻ اهڙو ضروري آهي، جيئن انگلينڊ ۾ گريجوئيشن لاءِ انگريزي ڪمپلسري هجي، اها مشڪري ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ گريجوئيشن جي ليول تي اردو يا سنڌي جو ڪهڙو ڪم؟ هتي انگريزن جي حڪومت ناهي جو انگريز حاڪمن لاءِ سنڌي، اردو، پشتو، بلوچي وغيره قسم جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ضروري هجي.

.سڄي دنيا جي سڌريل ۽ اڳتي وڌيل ملڪن ۾ رواج/سسٽم آهي ته اسڪول جي شروعاتي ٻن ٽن سالن ۾ ٻارن کي چونڊ ڏيندا آهن ته ڊچ، فرينچ، ڊينش يا ڪنهن ٻي يورپين ٻوليءَ مان واقفيت ڪري وٺو. ڊچ آرٽسٽ Van Gough  کي مان وين گوف پڙهندو هوس. هڪڙي ڏينهن منهنجي ڇهن ستن ورهين جي ڏوهٽي بلاول/سمن مون کي چيو ته نانا اوهان غلط ٿا نالو اچاريو، اصل اچار ان نالي جو آهي وئن گو. مون هن کان پڇيو ته توکي ڪيئن ڄاڻ پئي؟ چيائين ته آمريڪا ۾ موڪلن ۾ ٻارن کي يورپين ٻولين جو سيٽ ڏيندا آهن ته ان مان ڪا هڪ ٿوري گهڻي سکي وٺو. مون ڊچ چونڊي هئي ۽ هاڻ اوهان پنهنجون، پنهنجن ننڍڙن ٻارن جون، انهن ٻارن جي استادن، ڏيڍ سئو ورهيه اڳ تعليم جي ٺاهيل سسٽم جون شڪلون ڏسو. ڏيڍ سئو ورهين کان ساڳي ذهنيت ۽ ساڳيا ماڻهو ساڳيو ڪورس نصاب تي رکندا اچن. گذريل چاليهه پنجاهه ورهين کان نصابي ڪتاب ساڳيا ئي ماڻهو لکندا ۽ ايڊٽ ڪندا آيا آهن. جيتوڻيڪ نه هنن جي ڄاڻ ۾ ڪو اضافو ٿيو آهي نه هنن جي ذهن ۾ نالي ماتر سڌارو آيو آهي.

.ڪهڙو پهاڙ ڊهي پوندو جيڪڏهن اوهان گريجوئيشن مان اردو يا سنڌي لازمي کڻڻ وارو معاملو ڪڍي ڇڏيو؟ ها، سنڌي پڙهائيندڙ ماستر جن جي حوالي يونيورسٽين ۾ زوريءَ سوين ڪن حوالي ڪيا ويندا آهن ته هنن جا ڪن کائو ۽ هنن جي ذهنن کي جيترو نااهل ڪري سگهو، اهو ڪريو. سنڌي ۽ اردو ڊپارٽمينٽن مان شاگرد ۽ استاد ڪڍي اهي ڪمرا ڪنهن سائنسداني ڪم سان لڳايو. جن استادن جا نالا صدين کان ليکڪ ۽ ايڊيٽر جي صورت ۾ ڪورس جي ڪتابن تي ڇپبا رهيا آهن، تن کي چئو ته هاڻ موڪل ڪن ۽ رٽائرمينٽ وٺي گهر ويهي پينشنون کائن. منهنجي پينشن چار هزار رپيا آهي، هنن کي ساڍا ٽي هزار رپيا پينشن ڏيو ته جيئن مون وٽ به ڪو سبب هجي پاڻ کي معتبر سمجهڻ جو.

haleembrohi@hotmail.com