دبئي ۾ سنڌي!

 

 

جمع 8 مئي 2009ع

 

 هوٽل فاران جي سامهون آهي برهاني سينٽر، جنهن ۾ ڀاٽيا صاحب رهندو آهي، الائجي ڪهڙي ماڙ تي، جو مان هن وٽ ڪڏهن به ويو نه آهيان. هو رٽائرڊ مڪينيڪل انجنيئر آهي ۽ اسان ڪيئي ڏهاڪن کان پاڻ ۾ واقف آهيون. ڪجهه ڏينهن اڳ هن مون کي فون تي چيو ته دبئي ۾ جيڪو سنڌين جو فيسٽيول ٿيو، سو تو انٽرنيٽ تي ڏٺو؟ مون چيو ته نه، مون وٽ ڪمپيوٽر وغيره ناهي. هن چيو ته، ڏسين ها ته خوش ٿي هان، تمام گهڻا سنڌي هئا، جن سنڌي ۾ تقريرون ڪيون، توکي اهو پروگرام ضرور ڏسڻ گهربو هو. مون جواب ڏنو ته مان ڄاڻان ٿو ته اتي ڇا هو، ڪو هڪڙو به سنڌي پنجاهه سٺ ورهيه جي عمر کان گهٽ جو نه هوندو. چيائين، يار تو واهه جي ڳالهه ڪئي، سچ پچ سڀيئي وڏي عمر جا هئا. چيو مانس ته اهي سنڌين جي آخري نسل جا فرد آهن، جن کي سنڌي ڳالهائڻ ايندي آهي، انهن جو اولاد اردو/هندي ڳالهائيندو آهي ۽ سنڌي جو لفظ به نه ڄاڻن. ڀاٽيا صاحب چيو ته تو کي پنهنجي گهر وٺي ايندس ۽ پاڻ ڳالهائينداسين.

  اڄ کان شايد پنجاهه ورهيه اڳ هڪ سنڌي ليکڪا خير النساءِ جعفري انڊيا وئي هئي جتي ماسٽر چندر ڳائڻي سان ملي هئي ۽ مون کي اچي ٻڌايائين ته ماسٽر چندر رُنو پئي جو چيائين پئي ته سندس گهر ۾ فقط هو اڪيلو آهي، جنهن کي سنڌي اچي باقي سندس پٽ، پوٽا ۽ ٻيو سڄو خاندان سنڌيءَ جو هڪڙو اکر ڄاڻڻ بنا هندي ۽ انگريزي ڳالهائيندا آهن. اها هئي خير النساءِ جعفري جي ٽيهه يا چاليهه سال اڳ ڪيل ڳالهه. هو فوت ٿي وئي، سو اڄ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي جو ڇا حال هوندو؟ انڌو به سمجهي سگهي ٿو پر هند ۽ سنڌ جا سنڌي نه سمجهندا.

  ڳالهه ڪريو سڌي ۽کري جن ليکڪن پنهنجا سنڌي ڪتاب (افسانه يا ڪهاڻين جا مجموعا يا شاعري) 2001ع ۾ ڇپايا، سي وڪامجي ويا؟ نه، هنن وٽ اڃا بنڊل پيا آهن، جيڪي مفت ۾ ورهائيندا وتن، جن کي ڪو پڙهي ڪو نه ٿو. جن پنهنجا سنڌي شاهڪار 2004ع ۾ ڇپايا سي وڪامجي ويا، يا اڃا پيا مفت ۾ ورهائين؟ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌالاجي جي ڇپايل ڪتابن جو ڳاڻاٽو ته ڪرايو، هنن جا ڪتاب نه ته ڪو وٺي، نه ته ڪو پڙهي. ڪا درگاهه آهي، جا پنهنجا ڪتاب سنڌالاجيءَ مان ڇپرائيندي هئي ته جيئن ان تي آفيشل نالو هجي، جا لٽ مار ۽ ڦر مار سنڌين ئي سنڌي ٻولي جي خدمت جي نالي ۾ سنڌ جي انهن ۽ اهڙن ٻين ادارن جي ڪئي آهي، تنهن تي انهن سنڌين کي باقائدي ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي. پر ٿيندو ڪجهه نه، سنڌي ختم ٿي رهي آهي ۽ جا ٿورڙي اخبارن ذريعي هلي رهي آهي، سا به آئي رهي.

  علي قاضي کي جيڪڏهن سنڌ صوبي جي زمين سڌارڻي آهي ته هتي پنج، ست، پندرنهن اسٽار هوٽلون ٺهرائي، دنيا جي سڀني بينڪن کي زمينون ڏيئي عاليشان بئنڪون ٺهرائي، جپان، آمريڪا ۽ فرانس کان وڏن بنگلن جهڙيون موٽرون گهرائي، ايم اين اي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي ملندڙ صوبائي حڪومت طرفان زڪوات وڌائي ٻيڻي ڪري، آفيسرن کي جا هر هڪ گرانٽ تي ڪميشن ملندي آهي، اها ڏهوڻي ڪري ته جيئن اهي ميمبر ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجن چمچن/ورڪرن کي دل کولي پئسا ڏين، مان انڌو نه آهيان، مون سڀ ڪجهه ڏٺو آهي.

  پر جيڪڏهن علي قاضي کي سنڌ جي زمين بدران سنڌي ماڻهن کي سڌارڻو آهي ته ان 56 ۽ 58 اکري الف بي تي تان سنڌين کي هٽايو. سنڌي ٻاراڻا ڪتاب ختم ڪريو، اسڪولن ۽ يونيورسٽين مان سائنس، مئٿس، سوشالاجي، هسٽري، (عربي ۽ انگريزي ڪتابن جا ترجما نه جو هنن جا سنڌي ترجما غلط آهن.) جيالاجي، لائبريري سائنس، جاگرافي ۽ اهڙي قسم جا سائنس سان لاڳاپيل (فزڪس، ڪيمسٽري، فارماڪالاجي، فارميسي) سبجيڪٽس کانسواءِ ٻيا هڙيئي کاتا بند ڪري ڇڏجن. سڀ ڪجهه انگريزي ۾ هجي. سنڌي ٻولي جا هزارين ماستر پنهنجن گهرن ۾ پنهنجن ٻارن کي انگريزي سمجهائيندا ۽ پڙهائيندا آهن، فقط اهو هڪڙو ئي طريقو آهي، سنڌين کي سڌاري ڪراچي ۽ پنجاب جي برابر ڪرڻ جو. جيڪو سنڌي ٽان ٽان ڪري تنهن کي نوڪريءَ کان ۽ ڪلاس کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ کي تالو هڻي انگلينڊ ۽ آمريڪا جا پرائمري ۽ سيڪنڊري ڪتاب گهرايو، جيڪي آمريڪا ۾ اسپئنش به پڙهن پيا ۽ انگلينڊ ۾ سنڌي، هندي، جپاني، چيني ۽ سوين ٻيا ماڻهو پڙهن پيا. منهنجو مطلب آهي ته اها سنڌي واري مشڪري بند ڪريو ته سنڌين ۾ سڌارو اچي.

  هي جو يونيورسٽين ۾ فلاڻي جي چيئر  ۽ ٽيرڻي جي چيئر وارو سلسلو حرام خوريءَ لاءِ ورهين کان هلندو اچي اهو هڪ دم بند ڪيو وڃي، ڇو ته پاڻ سڀيئي چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته سنڌ ڪو هڪڙو به اهڙو محقق پيدا نه ڪيو آهي، جنهن ڪو وڏو ڦاڙهو ماريو هجي. سنڌ جي سڀني محققن فقط لفاظي ڪئي آهي ۽ سرڪاري خرچن تي سرڪاري پنا خراب ڪيا آهن. هنن ڪو هڪڙو به اهڙو تير ڪمان ٺاهيو آهي، جهڙا آفريڪا جا شيدي استعمال ڪندا آهن؟ انهن محققن جون ڪرسيون بند ڪري استادن کي چئو ته وڃي سائنس پڙهائين ۽ جيڪي رٽائرڊ آهن، انهن کي چئو ته جيڪي پئسا کنيا اٿن، سي ڀري ڏين.

  ڊڪشنري جوڙڻ ڪلريڪل (ڪلارڪن جو) ڪم آهي، انهن پروفيسرن جا فوٽو ڪڍو، جن انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري ٺاهي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسرن جي لوڌ وٺي هنن کي سينٽرل لائبريري ۾ پيل انگلش ٽو انگلش ۽ سيون لئنگويج ڊڪشنري ڏيکاريو، انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري وارو مشڪري وارو رواج ختم ڪرايو. اڄ مان ننڍو ماڻهو آهيان، ياد رکجو هڪڙي ڏينهن بلڪل ائين ٿيندو جيئن مون لکيو آهي.

  پادر ۾ هٿ پوءِ وجهجهو، پهرين منهنجي ڳالهه ٻڌو. جيڪڏهن دعا ۾ اثر هجي ها ته ڪنهن به ماءُ جي جيئري هن جو اولاد نه مري ها، هاڻ بيشڪ پادر ۾ هٿ وجهو.

  منهنجو ڀاءُ جمون آمريڪا ۾ رهي ٿو. هن فون ڪيو ته انٽرنيٽ تي هولي! پڙهي مون هڪدم مائٽن ۽ ڪجهه دوستن کي چيو ته انٽرنيٽ تي ڪاوش ۾ حليم  کي پڙهو. مون چيومانس ته فوٽو ڪاپي ڪري دوستن ۽ مائٽن کي ڏي. چيائين ته حليم، هتي جيڪي سنڌي آهن سي سنڌي ڳالهائي سگهندا آهن، پر لکڻ ۽ پڙهڻ مان هي نه ڄاڻن. هتي جي سنڌين لاءِ هاڻ سنڌي ٻولي فقط ڪجهه پوڙهن سنڌين جي ٻولي آهي. هن هي به چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾ ڪو به انٽريسٽيڊ ڪونهي ۽ تنهنجا ليک تمام گهٽ ٿا اچن. توکي تنهنجا واقف شونق سان پڙهندا آهن ۽ تنهنجي باري ۾ گهڻو ڳالهائيندا آهن. صاف ظاهر آهي ته مان خوش ٿي ويس.

  هاڻ مان علي قاضي صاحب جي ٿيوري ۽ آئڊيا سمجهي ويو آهيان. منهنجو خيال آهي ته ايڊورڊ سعيد جو مضمون Waiting for the Barbarians غور سان پڙهڻ گهرجي ۽ انتظار ڪري ڏسجي ته آخر ڇا ٿو ٿئي.

haleembrohi@hotmail.com