سوشل سائنس

 

 

آچر 7 جون 2009ع

 

  جسم اهو ساڳيو ئي هجي، پر حياتيون گهٽ ۾ گهٽ چار ڇهه هجن، اها آهي منهنجي ڊمانڊ قدرت کان. هڪڙي حياتي ته هجي مون کي منهنجا پنهنجا ڪارا ڪرتوت ٻڌائڻ ۽ لکڻ لاءِ، باقي پنج ڇهه حياتيون هجن ٻين جا ڪارا ڪرتوت ٻڌائڻ ۽ لکڻ لاءِ.

  بي اي جي انگريزي ڪورس ۾ اسان لاءِ هڪڙو ڪتاب هو، جنهن جو نالو هو سوشل هسٽري آف انگلينڊ. سنڌ ۾ اڄ تائين ان پائي جي سوشل هسٽري آف سنڌ نه لکي وئي آهي. منهنجا نه فقط افعال بڇڙا آهن ۽ نه فقط ڳالهائڻ به گندو آهي، پر منهنجو لکڻ اڪثر  آپي کان ٻاهر هوندو آهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ٽي ڳالهيون عجيب آهن، هڪڙي ڳالهه ته اها آهي ته سنڌي ڊپارٽمينٽ وارا شاگردن کي سنڌي سيکارڻ بدران سنڌي ادب سيکاريندا رهيا آهن، بنا اهو سمجهڻ جي ته ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب سيکاريو نه ويندو آهي، اديب قدرت جي پيداوار آهن ۽ دنيا جو ڪو به وڏو ماستر ڪو هڪڙو اديب به پيدا نٿو ڪري سگهي. سو سنڌي ڊپارٽمينٽن جي ماسترن (جيستائين هي هلن پيا)  کي گهرجي ته شاگردن کي سنڌي اکرن ۽ سنڌي لفظن جا اچار سيکارين ۽ جيڪڏهن سنڌي لفظ اچارڻ ۾ تڪليف ٿئين ته انهن رٽائرڊ پروفيسرن جي مدد وٺن، جيڪي 1973ع ۽ 1974ع ۾ ٽي وي تي ڳ، ٻ، ڏ، ڃ ۽ ڄ جا اچار سيکاريندا هئا. يونيورسٽين بابت ٻي عجيب ڳالهه اها آهي ته جاگرافي ڊپارٽمينٽ جو نالو نشان نظر نٿو اچي ۽ جي هجي ها ته ڪنهن يونيورسٽيءَ ضرور ڪو اهڙو اٽلس (Atlas) ڇپايو هجي ها، جيڪو يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ ڇپيل ڪنهن ردي ۾ ردي ائٽلس  جهڙو ته ضرور هجي ها. يونيورسٽين جي شاگردن کي  اها  خبر ئي ناهي ته ائٽلس ڪهڙي بلا جو نالو آهي ۽ جن ائٽلس ئي نه ڏٺو آهي، تن کي ڪهڙي ڄاڻ ته ڪهڙو ملڪ ڪٿي آهي، ڪهڙو جبل ڪٿي آهي، ڪهڙي ندي ڪٿي آهي.

  ڳالهيون ته سڀئي مزيدار آهن، پر سنڌ يونيورسٽي جي انهن ڊپارٽمينٽن جون ٿيسزون ڏسڻ وٽان آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ لکيل آهن. اوهان ڄاڻو ٿا ته ٿيسز ڪيئن لکبي آهي؟ اوهان ڪيئن ڄاڻندا جڏهن اهي پاڻ به نٿا ڄاڻن، جن اهي ٿيسزون لکيون آهن، جن انهن جا انٽرويوز ورتا آهن، جن هنن کي پاس ڪري هنن جون مانيون کاڌيون آهن ۽ جن انهن ڪئنڊيڊيٽس کان ماکيءَ جا شيشا ۽ اصل نج ڳوٺاڻو گيهه ورتو؟ سو اوهان ڪيئن ڄاڻندا؟ اوهان مهرباني ڪري ٻاهرين ملڪن جا ريسرچ مئگزين پڙهو. چڱو ڀلا اوهان پنهنجي يونيورسٽين جي ڪيمسٽري، فزڪس، اسٽيٽسٽڪس، باٽني، ايم بي اي، ايم پي اي ۽ ٻين انهن سائنس سبجيڪٽس جون ٿيسزون ڏسو،  ڊيگهه ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي، انهن ٿيسزن جو فقط پهريون صفحو پڙهو، مٿان ئي مٿان لکيل هوندو آهي Placitum (پلئسيٽم) جنهن ۾ بلڪل کليل لفظن ۾ لکيل هوندو آهي ته ريسرچ ڪندڙ اهڙي ڪهڙي نئين ڳالهه ثابت ڪرڻ ٿو چاهي جا اڳي ثابت ٿيل ناهي، يا ريسرچ ڪندڙ اهڙي ڪهڙي ڳالهه غلط ثابت ڪرڻ ٿو چاهي، جا اڳي صحيح سمجهي ويندي هئي، اها هوندي آهي ٿيسز (ريسرچ) جي شروعات. هاڻ اوهان سنڌالاجي ۾ رکيل ٿيسزون ڏسو، هر هڪ ٿيسز جي شروعات ڏهن پندرهن صفحن جو تت اهو ئي هوندو (لکندڙ ڪهڙو به ٽارزن هجي) ته، مان ايم اي ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجو پاڻ کي جهالت جي اوڙاهه ۾ سمجهندو هوس، انهيءَ جهالت جي اوڙاهه ۾ علم جي روشني نه هئڻ ڪري ان اوڙاهه ۾ گهپ اوندهه هئي، جنهن ۾ مان علم جي روشني حاصل ڪرڻ لاءِ  چئني پاسي هٿوراڙيون هڻندو رهيس، اوچتو مون تي روشني جي لاٽ پئي ۽ مون مٿي نهاريو، اتي مٿي منهنجو  محسن، منهنجو استاد، منهنجو پروفيسر ڊاڪٽر فلاڻو ٽارچ کنيو  بيٺو هو، جنهن مون کي ٽارچ جي روشني ڏيکاري جهالت جي انهيءَ اوڙاهه مان ڪڍيو ۽ مون تي علم جا چار ئي طاق روشن ڪري ڇڏيا. اها نه ته ڪجهه اهڙي ئي قسم جي تمهيد/شروعات انهن سڀني ٿيسزن جي هوندي آهي ۽ پوءِ هوندا آهن حوالا ۽ بي تحاشا حوالا، جيڪي انهن پروفيسرن ۽ گائيڊن جي ڪتابن مان هوندا آهن، جن وٽ candidate جي ٿيسز بحث ۽ انٽرويو لاءِ وڃڻي هوندي آهي. ڪمال اهو آهي ته ڪنهن به ٿيسز ۾ اهو ڄاڻايل نه هوندو آهي ته اها ٿيسز ڪهڙي ٿيوري غلط ثابت ڪرڻ لاءِ لکيل آهي ۽ ڪهڙي اڳ غلط ثابت ٿيل ٿيوري کي صحيح ڪرڻ لاءِ لکيل آهي. ٻيو ڪمال اهو آهي ته انهن سڀني کي ڊاڪٽوريٽ جو خطاب عطا ٿيل آهي ۽ انهن مان ڪا هڪڙي  ٿيسز به ڪنهن سلڇڻي استاد نه پڙهي آهي. ڪنهن جي ٿيسز جو عنوان آهي ته فلاڻو عظيم اديب هو ته ٻئي ٿيسز جو عنوان انهيءَ ساڳئي اديب بابت آهي ته هو اڃا به وڌيڪ عظيم ليکڪ هو ۽ ٽئين ٿيسز ۾ آهي ته هو اڃا به وڌيڪ عظيم ليکڪ هو آخر اها مشڪري ڇا جي آهي؟ سنڌالاجي ۾ پيل ڪنهن به ٿيسز ۾ اهو لکيل ناهي ته اها ٿيسز ڪهڙي نئين ڳالهه ٿي ثابت ڪري يا ڪهڙي اڳ ثابت ڪيل ڳالهه غلط ثابت ٿي ڪري.

 مشڪل هي آهي ته اوهان سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ فقط سنڌي پڙهندڙن سان سنئون سڌو سچ ڳالهائيندي به ڊپ ٿو لڳي جو اوهان ڳالهه جو جواب ڳالهه سان ڏيڻ بدران سڌو پادر ۾ هٿ وجهندا آهيو. جا ٻولي ڳالهائڻ ۾ سولي هوندي سا ضرور انهن ٻولين تي چڙهت ڪري ويندي جنهن جا اکر ڳالهائڻ ۾ ڏکيا هوندا. اها معمولي ڳالهه به اوهان سمجهڻ کان ۽ مڃڻ کان انڪار ڪندا. ٻيون ڳالهيون جيڪي ڪرڻيون هيون سي وسري ويون. اخبار ۾ هڪ مزيدار خبر آهي ته هاڻ ٻارن کي مفت سنڌي ڪتابن سان گڏ سي ڊيز به ڏنيون وينديون، جيڪي جرمن حڪومت سنڌ صوبي تي مهرباني ڪيون آهن. پهرين انهن کان حساب وٺو انهن سنڌي ٽائپ رائٽرن جو، جن جو نالو المصطفيٰ هو ۽ جيڪي ٺهرائڻ لاءِ هڪ ٽولي يونيورسٽيءَ جي خرچ تي يورپ گهمي پوءِ اچي اهو ٽائپ رائٽر پاڪستان ۾ ٺهرايو هو ۽ تمام گهڻي واهه واهه کانپوءِ اهو ٽائيپ رائٽر قسطن تي به ڏنو ويو، ڪجهه ادارن کان زوريءَ خريد به ڪرايو ويو. ڪو هڪڙو ٽائپ رائٽر ڪنهن سنڌي اخبار به خريد نه ڪيو ۽ اهو ٽائيپ رائٽر ڪنهن سنڌيءَ جي گهر ۾ ڪنهن پراڻي ڪٻٽ مٿان يا ڀڳل ڇنل کٽ هيٺان يا ڪٻاڙين وٽ نظر اچڻ لڳو. اوهان ڏسجو ته اهي سنڌي ڪتاب ۽ سي ڊيون جيڪي جرمنيءَ  وارا ڏيئي رهيا آهن، تن جو حشر سال ٻن ۾ ڇا ٿو ٿئي. اڳي يونيورسٽيءَ جا پئسا هئا ۽ هاڻي جرمنيءَ جا پئسا آهن، پر خانو خراب هر  حال ۾ سنڌين جو ٿيو هو ۽ هاڻ به ٿيندو.

  يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جا ٻار ڇا انگريزي ٻولي سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر الانا ۽ ساٿين کان سمجهاڻي وٺندا آهن؟ مان اوهان جو ليڊر نه آهيان، دانشور نه آهيان، ايڪس وائيس چانسلر نه آهيان، پر مان ته به  اوهان کي چوان ٿو ته سڄي توجهه انگريزي ۽ انگريزي ۾ لکيل سائنسي ڪتابن تي ڏيو. نالو مون کي نٿو اچي پر هڪڙي شاهه مائي هئي جنهن وڏي فخر سان رجسٽرار آفيس ۾ مون کي چيو هو ته، اها اسان سنڌين لاءِ وڏي فخر جي  ڳالهه آهي جو ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو آهي. مون جواب ڏنو ته، اها سنڌ يونيورسٽيءَ جي بدقسمتي آهي جو سنڌيءَ جو پروفيسر سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو  آهي. ان مائيءَ کي اها ڳالهه  ۽ منهنجو نالو ياد هوندا.

  هن ليک ۾ بئلينس ڪونهي، پر مون ۾ بئلينس هو ڪڏهن جو هن ليک ۾ هوندو؟

haleembrohi@hotmail.com