اجايو!

 

 

سومر 6 جولاءِ 2009ع

 

 اسپنوزا فلسفي به هو ۽ يهودي به هو...هو نظر جي عينڪ جا شيشا پٿر واري ڦرڻي تي ڦيرائي سڌا ڪندو هو. يهودين کي نه وڻندو هو، جو هن جو پنهنجو فلسفو هو، جنهن جو هن جي عقيدي سان ڪو به تعلق نه هو. پڻس جي مرڻ تي سندس وڏي ڀيڻ کيس پيءُ جي ملڪيت مان حصو ڏيڻ کان انڪار ڪيو، اهو سبب ڄاڻائي ته اسپنوزا فلسفي هئڻ ڪري هو يهوديت کان خارج آهي. اسپنوزا ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهيو، جتي فيصلو ٿيو ته اسپنوزا کي پيءُ جي ملڪيت تي مڪمل حق آهي. اسپنوزا ان فيصلي وقت ئي ڪورٽ ۾ لکي ڏنو ته هو پيءُ واري سموري ملڪيت ڀيڻ جي نالي ڪري ٿو. ڪورٽ ۾ اهو ڪجهه لکي ڀيڻ جي حوالي دستاويز ڪري پاڻ خالي هٿين ڪورٽ مان نڪري وڃي پنهنجي شيشا ٺاهڻ واري ڌنڌي کي لڳو ۽ غربت ۾ ئي مئو. اهو آهي فلسفي جو اثر.

 نعمت الله نالي وڪيل، جيڪو مون کان ٻه چار يا ڇهه ورهه سينيئر هو، تنهن به فلسفي ۾ بي اي آنرس ڪئي هئي، هڪڙي ڏينهن وڪيلن جي بار روم ۾ ڪنهن وڪيل اسان کي چيو ته حليم ۽ نعمت الله ٻئي فلسفي ۾ آنرس آهن، پر ٻنهي ۾ ايترو گهڻو تفاوت ڇو آهي؟، نعمت الله قريشي ته دنيا جو ماڻهو هو، سو ماٺ رهيو، پر مان رهي نه سگهيس. مون چيو ته فلسفو نهر وانگي آهي ۽ اسان ٻئي ان ۾ گهڙي پار پيا آهيون، مون کي فلسفو لڳو آهي، تنهن ڪري مان آلو آهيان، اوهان حيران نعمت الله تي ٿيو ته ڇو ۽ ڪيئن نهر جي پاڻيءَ مان لنگهڻ باوجود هو آلو نه ٿيو آهي ۽ هن کي پاڻي جو ڇنڊو به نه لڳو آهي!. ڪجهه وڪيلن کلي ڏنو. نعمت الله پيسن جي معاملي ۾ ڪامياب وڪيل هو ۽ مون کي فقط بڪ ڪرڻ ۽ گهڻو ڳالهائڻ جي عادت هئي. هو ڪامياب وڪيل ٿيو ۽ مان نه فلسفي ٿيس، نه وڪيل ٿيس. منهنجا نصيب ئي ڪجهه اهڙا هئا، مان اسپنوزا هوس ۽ آهيان. نعمت الله صاحب فقط وڪيل هو، مٿي ڄاڻايل ٻنهي قصن ۾ هڪ جهڙائپ آهي.

 ٽيون قصو آهي عمر خيام جو، جنهن بابت غلط فهمي آهي ته هو شاعر هو. هو شاعر نه هو، هن جو پنهنجو بلڪل الڳ فلسفو هو، جيڪو هو ربائين ۾ چوندو هو. اوهان پڇندا ته ربائي ڇا آهي؟ پر پهرين اها ڳالهه چڱي طرح سمجهي وٺو ته جيڪڏهن عمر خيام شاعر هجي ها ته هن جو نالو شاعرن جي لسٽ ۾ ۽ هن جا شعر دنيا جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ ضرور هجن ها. دنيا جا مذهب، عقيدا ۽ فلسفا عمر خيام کي خاطر ۾ فقط ان لاءِ نه آڻيندا آهن جو عمر خيام جو فلسفو سئون سڌو، فقط هڪڙي ئي اهڙي نقطي ڏانهن ٿو هلي، جنهن ۾ مذهب، عقيدن ۽ فلسفن جو تت سمايل آهي. عمر خيام کي فقط هڪ ڀيرو سوچ سمجهه سان پڙهڻ کانپوءِ ۽ اهو سمجهي ڇڏڻ کانپوءِ ته هو چئي ڇا ٿو ۽ هن جي من ۾ ڪهڙو خزانو آهي، اوهان عمر خيام جي خيالن مان ڪنهن هڪڙي کي به ڌاريو نٿا سمجهي سگهو. عمر خيام جيڪي ڪجهه چيو آهي، ذرو به ذرو، اهو اوهان پاڻ آهيو. فٽز جيرالڊ هن کي مشهور ضرور ڪيو ۽ هن جي خيالن کي سهڻائپ به ضرور ڏني، پر عمر خيام جي اندر ۾، جگر ۾، روح ۾، هن جي جسم جي ذرن ۾ جيڪي ڪجهه هو سو عمر خيام ۾ ئي يا مون جهڙي يا مون جهڙيءَ جي ئي ذرن ۽ ذرڙن ۾ رهيو.

 پاڻ سڀيئي، اسان مان هر هڪ ننڍڙا ذرڙا آهيون، تمام ننڍا، تمام پتڪڙا، پر هر هڪ ذري ۽ ذرڙي ۾ بي پناهه قوت آهي، جنهن سان هو ٻئي ذري ۽ ٻين ذرن ڏانهن ڇڪجي ٿو ۽ جنهن ساڳي قوت سان دنيا جا ڪروڙين ۽ اربين ذرا ان هڪڙي ۽ دنيا جي هر هڪ ذري کي پاڻ ڏي ڇڪين ٿا. جيڪڏهن اوهان عمر خيام ناهي پڙهيو ۽ هن کي ناهي سمجهيو ته ڇا ڄاڻو دنيا ڪيئن ٺهي، ڪيئن نئين سر جڙندي ۽ عمر خيام جي معاملي ۾ جيتوڻيڪ مان هڪ ٻه دفعا روح جو نالو وٺي ويو آهيان، پر جي اوهان عمر خيام پڙهيو ته چوندا ته حليم پاڻ منجهي مئو هو.

 هاڻ ربائي ڇا آهي. ربائي عمر خيام کان اڳ به چئي ويندي هئي، پر عمر خيام کان ڀڄي ڀڄي آخر ڪيترو ڀڄندا؟ سواءِ پيار، محبت ۽ واسطي ۽ تعلق جي عمر خيام ڪجهه نه هو. ربائي ۾ ٻه سٽون هونديون آهن ۽ هر هڪ سٽ ڪجهه اهڙي سهڻي نموني ٻن حصن جي هوندي آهي، جو اهي ٻه سٽون اوهان کي چار سٽون نظر اينديون.

 فجر وقت آسمان ۾، خواب وانگي شراب خاني ۾ آواز آيو،

 هوش ۾ اچ منهنجا پنهنجا، ۽ پيالو ڀري وٺ انهيءَ کان اڳ جو حياتي جي شراب جو پيالو خالي ٿئي!

 عام خيال آهي ته هو شرابي ۽ عياش هو. اها غلط ۽ ڪوڙي ڳالهه آهي، هو غريب هو ۽ پيئڻ کان پري هو. جيئن فردوسي بابت ڪوڙي ڳالهه  عام آهي ته هڪ در کان سونا دينار پئي داخل ٿيا ۽ ٻئي در کان سندس لاش پئي نڪتو. وڏن ماڻهن بابت ڪوڙيون آکاڻيون جوڙڻ دنيا جو دستور رهيو آهي.

 جيڪڏهن عمر خيام کي سندس محبوبا ملي وئي هجي ها ته سندس ربائيون مري ويون هجن ها. تمام سولو آهي عمر خيام کي سمجهڻ. فقط پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ ئي ڪافي آهي عمر خيام کي سمجهڻ لاءِ. جيڪڏهن اڄ مون کي هوءَ ملي وڃي جا منهنجي اکين ۾ رهندي آهي ته منهنجو لکڻ وغيره سڀ ختم ٿي ويندو.

 پاڻ شراب چوندا آهيون وسڪي يا جن کي، پر عمر خيام جنهن کي شراب چئي ٿو، سو آهي وائين. اهو يورپ ۽ آمريڪا ۾ به عام آهي. وائين ۽ شراب جي تاثير ۾ تمام گهڻو تفاوت آهي. جيڪڏهن شراب جي گلاس مان هڪڙو ڍڪ اوهان جي محبوبا پئي ۽ پوءِ ان مان ٻيو ڍڪ اوهان پيو ته اوهان ڄڻ وائين پيتو. شراب ته بڪواس آهي، اول شيءِ اهو شراب آهي، جنهن جو پهريون ڍڪ هُن ڀريو. مان بڪواس ۾ پئجي ويو آهيان، ڳالهه دراصل اها آهي ته مون وٽ لکڻ لاءِ اڄ ڪجهه ڪونهي. مون کي اڄ احساس ٿيو آهي ته بابر بادشاهه جي ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو مون کي ضرور پڙهڻ کپندو هو، جيڪو ضرور بابر جي دربارين لکيو هوندو. هن صديءَ ۾ به ائين ٿيندو آيو آهي. اوهان اعتبار فقط ان آتم ڪٿا تي ڪري سگهو ٿا، جيڪا هٽلر پاڻ جيل ۾ لکي ۽ ان زماني ۾ اهو ڪتاب ڦيرائي گهيرائي ڪوڙ سچ ملائي انڊيا ۾ نٿي ڇپجي سگهيو. اڄ اوهان ٻار آهيو، سڀاڻي اوهان پاڻيهي سکي ويندا.

نقص

جنهن ليکڪ حياتيءَ ۾ پنجاهه سٺ ليک لکيا هوندا، هن انهن ليکن مان گهٽ ۾ گهٽ ڏهن ليکن ۾ ضرور ڪو گند ڪيو هوندو. اهو ناممڪن آهي ته هر ڪنهن ليکڪ جا سڀيئي ليک عاليشان هجن. مون سئو کان به مٿي ليک لکيا هوندا ۽ مان خاطري سان چوان ٿو ته انهن ليکن مان گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سيڪڙو ليکن ۾ مون ضرور ڪو نه ڪو گند ڪيو هوندو. اها ڳالهه هر هڪ ليکڪ سان لاڳو ٿئي ٿي. سڀني ليکڪن پنهنجن ليکن مان چڱو خاصو سيڪڙو ليکن ۾ گند ڪيو آهي، پر مڃندو ڪو به ڪو نه. مان مڃان ٿو ته منهنجن ليکن (ٽنهي ٻولين ۾) ڪي يقينن مون کي خيال سان لکڻ کپندا هئا، ڇو ته مون کي منهنجا پنهنجا نقص دل ۾ تير وانگي ڇپندا آهن. مثال طور مون کي هڪڙي عورت تائين نياپو پهچائڻو هو (لکڻو هو) ته تون مون کي وڻين ٿي پر لکڻ وقت الائجي منهنجي دماغ کي ڇا ٿي ويو جو اهو نياپو مون ٻي عورت ڏانهن اماڻي ڇڏيو. هاڻ مان مٿي کي هٿ ڏيئي ويٺو آهيان ته ڇا ڪريان. ظاهر آهي ته پنهنجي انهيءَ نقص/غلطي کي درست ڪرڻ لاءِ مان ضرور ٻي غلطي ڪندس. في الحال مان ٻنهي عورتن کان پري آهيان.

ڀلا ائين ڇو ٿيندو آهي ته جيڪي ليکڪ ڊائس تي ويهندا آهن يا ڊائس تان  ڳالهائيندا آهن، سي هڪ ٻئي جي فقط ساراهه ئي ڪندا آهن! هي ڇو هڪ ٻئي جو ڪو هڪڙو نقص به نه ٻڌائيندا آهن! جيڪڏهن هي ماڻهو آهن ته هنن ۾ ضرور نقص به هوندا، سو اهي نقص ڇو لڪائيندا وتندا آهن؟ مان پاڻ پنهنجو نقص لڪايان يا لڪائڻ جي ڪوشش ڪريان ته اها ڳالهه اڃا به ڪجهه جائز لڳندي، ڇو ته آخر مان به ته ماڻهو آهيان ۽ ماڻهوءَ جي فطرت آهي پنهنجا عيب لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي. پر اهو ڪهڙو چرچو آهي ته هڪ ٻئي پويان جا ڊگهي قطار ليکڪن ۽ محققن جي ڊائس تي اچي ڳالهائيندي آهي، سا سڄي قطار رڳو هڪ ٻئي جي ساراهه ڪندي هلندي آهي؟ اوهان ڪنهن به ڊائس تان ڪنهن محقق کي ڪنهن ٻئي محقق (جيڪو پنهنجي ڳالهائڻ جي واري جو انتظار ڪري رهيو هجي) تي تنقيد ڪندي ٻڌو يا ڏٺو آهي؟ نه ...! اسٽيج ۽ ڊائس ٺهيا ئي فقط هڪ ٻئي جي ساراهه لاءِ آهن.

پوءِ اوهان ٿيسزون ڏسو. گائيڊ اهي هوندا آهن، جن کي ڪا ڄاڻ نه هوندي آهي ته ٿيسز، ائنٽي ٿيسز ۽ سنٿيسز ۾ تفاوت ڪهڙو آهي؟ جيڪي به هيل تائين ڊاڪٽري جون ڊگريون ڏنيون ويون آهن، تن مان ڪنهن هڪ ۾ به ائنٽي ٿيسز تي بحث ٿيل ڪونهي. اهو ڪمال آهي، خاص ڪري ان لاءِ جو مان پاڻ ٿرڊ ڪلاس بي اي آهيان. اسٽيفن لي ڪاڪ، جيڪو چئن پنجن سالن کان مان پڙهندو اچان، چئي  ٿو ته جنهن کي پي ايڇ ڊي جو سرٽيفڪيٽ مليو، تنهن لاءِ بلڪل خاطري ڪريو ته هاڻ هن جي مغز ۾ وڌيڪ ڄاڻ يا ڪا نئين ڄاڻ سمجهڻ جي گنجائش ناهي. ڪمال جو ماڻهو هو. بلڪه بادشاهه هو، جو هو پاڻ پوليٽيڪل سائنس ۾ پي ايڇ ڊي هو ۽ ساڳئي وقت پوليٽيڪل سائنس ۽ ايڪنامڪس کاتن جو سربراهه هو. مون هن جو پهريون ڪتاب چار پنج سال اڳ پڙهيو. تنهن کان اڳ مون ڪڏهن به هن جو ڪو ڪتاب نه ڏٺو هو. 1942ع ۾ هو مري ويو هو. هن جا ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ مون کي ڄاڻ پئي ته ڇو هن جا ڪتاب پڙهندڙ ماڻهن (شاگردن ۽ استادن) کان پري رکيا ويندا آهن. دراصل هن پنهنجن ڪتابن ۾ يونيورسٽي جي ماسترن، هنن جي آڪڙ، اڻ ڄاڻ هوندي به پاڻ کي عقلمند سمجهڻ وارين عادتن کي سٺي نموني خوار ڪيو هو. عام ماڻهو ۽ شاگرد ته ڇڏيو، يونيورسٽي ۽ ڪاليجن جا استاد به پروفيسرن جي ڄاڻ ۽ سمجهه تي کلڻ لڳندا هئا. سو يونيورسٽي جي پروفيسرن هن کي نوڪري مان ڪڍرائي ڇڏيو. اوهان اسٽيفن پڙهو ۽ وڏن پروفيسرن تي کلڻ سکو.

مون وٽ وقت ناهي، جسم ۾ طاقت ناهي، مستقبل کان ڊنل آهيان. جي مون وٽ وقت هجي ها ته مان اوهان کي فقط مزاح، عقل، ڄاڻ ۽ معمولات تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ڏيان ها. هاڻ اوهان جو وقت آهي، پهرين اسٽيفن لي ڪاڪ پڙهو ۽ پوءِ ايم اي يا پي ايڇ ڊي جو سوچيو.

haleembrohi@hotmail.com