مادري ٻولي

 

 

سومر 6 اپريل 2009ع

 

ڪجهه وقت اڳ مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ۽ پاڻ وٽ ڇا ٿيو؟ مادري ٻولي جي ساراهه ڪئي وئي، ان جي حق جي ڳالهه ڪئي وئي ۽ ٻارن کي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، فقط سنڌي ٻولي جي ڳالهه ڪئي وئي، اهو نه سوچيو ويو  ته مادري ٻولي الڳ ڳالهه آهي ۽  صوبائي ٻولي الڳ ڳالهه آهي. انهن ٻارن جا حق درگذر ڪيا ويا جيڪي پنهنجي گهرن ۾ سرائڪي، ڍاٽڪي، بلوچي، براهوي ۽ مارواڙي ٻوليون ڳالهائيندا آهن، ڇو؟ اهي ٻار ناهن ڇا؟ فقط سنڌي کي ئي مادري ٻولي جو مقام ڏنو ويو، ڇو؟ سبب ڄاڻائڻ گهرجي، جيڪو نه ڄاڻايو ويو. عالمي اداري مادري ٻولي جو ڏينهن ملهائڻ جو چيو هو، صوبائي ٻولي ملهائڻ جو نه چيو هو ۽ جي سنڌ صوبي جي نالي چڙهيل محققن ۽ عالمن کي سنڌي بابت ئي ڏينهن ملهائڻو هو ته هنن جو ڪم هو ته هاءِ گهوڙا ۽ واهه واهه تائين محدود رهڻ بدران سنڌي ٻوليءَ جون گهٽتايون ۽ گهرجون به ظاهر ڪن ها.

ساڳي ٻولي جڏهن ديوناگري اسڪرپٽ ۾ ٿي لکجي ته ان کي هندي سڏبو آهي ۽ جي ساڳي ٻولي فارسي اسڪرپٽ ۾ ٿي لکجي ته ان کي اڙدو چئبو آهي، تنهن جي معنيٰ ته ان هڪڙي ئي ساڳي ٻولي وٽ لکجڻ جا ٻه طريقا آهن. ڀارت ۾ هندي جي نالي هيٺ اڙدو پئي لکجي ۽ پاڪستان ۾ اڙدو جي نالي هيٺ هندي پئي لکجي، نه هنن کي اعتراض آهن، جيڪي اها ٻولي ديوناگري ۾ پيا لکن ۽ نه وري انهن کي اعتراض آهي، جيڪي فارسي اسڪرپٽ ۾ پيا لکن. اهو ئي سبب آهي جو اها اڙدو/هندي ٻولي ترقي ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت جي سڀني ٻولين کان گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي. اڳتي پڙهڻ کان اڳي مهرباني ڪري اها پئرا ٻيهر پڙهي وڃو.

۽ ان ٻوليءَ وٽ ڪهڙا ۽ ڪيترا اسڪرپٽ آهن، جا اڄ سنڌ ۽ ڀارت ۾ سنڌي جي نالي سان سڏجي ٿي؟ فقط هڪڙو اسڪرپٽ آهي، جيڪو فارسي ۽ عربي اسڪرپٽن جو کار آهي ۽ لکڻ ۾ ايترو تڪليف ده آهي، جو لکندڙ گهٽبا ئي وڃن. ڪنهن زماني ۾ اها ئي ٻولي ديوناگري اسڪرپٽ ۾ لکبي هئي ۽ اها سنڌي ئي سڏبي هئي، ڇو ته اوهان جي ٻولي ۽ ادب جي ماهرن کي اها منهنجي ڳالهه نه وڻندي ۽ ان ڪري هو مرڳو انڪار ڪندا، تنهن ڪري اوهان کي صلاح آهي ته سنڌالاجيءَ ۾ وڃي اها سنڌي ڊڪشنري ڏسو جا انگريزن جي اچڻ تي هڪڙي انگريز آرمي آفيسر ڇپائي هئي. اها ديوناگري اسڪرپٽ ۾ آهي. ان زماني ۾ ڇاپ گهر ممبئي ۾ هئا. 1945ع ۾ انگريزن اهو اسڪرپٽ سنڌي ٻوليءَ کي ڏنو، جيڪو اڄڪلهه استعمال ٿئي پيو ۽ جنهن تي سنڌي ٻوليءَ جي ابن ڏاڏن اهڙي ڳنڍ ٻڌي آهي، جو ڪنهن ٻئي اسڪرپٽ کي ٻيلهه ڪرڻ لاءِ برداشت ئي نٿا ڪن. جيئن اڙدو وٽ ٻه اسڪرپٽ آهن، تيئن جيڪڏهن سنڌي وٽ به ٻه اسڪرپٽ هجن ته سنڌين کي به سندن ٻولي ترقي ڪندي نظر ايندي. سنڌ جي ٻولي جي ابن ڏاڏن تي آخر ڪهڙو وزن ڪري پوندو جي ديوناگري اسڪرپٽ به قبول ڪيو وڃي.

اڄ اڙدو سنڌي ٻوليءَ کان هڪ سئو کان به وڌيڪ ورهيه اڳتي آهي، جو ان وٽ ٻه اسڪرپٽ آهن، سڀاڻي اڙدو ٻولي سنڌي ٻوليءَ کان ٽي چار سئو ورهيه اڳتي نڪري ويندي جو ڪافي وقت کان انگريزي، رومن اکر به اڙدو ۾ استعمال ٿيڻ لڳا آهن ۽ سنڌين کي سندن هڪڙو ئي موڀي، پياري اسڪرپٽ اهڙو گهٽيو آهي جو هاڻ سنڌي به انگريزي اکرن ۾ اڙدو لکڻ لڳا آهن. ائين ته سنڌي جي پاڙ ئي پٽجي ويندي. جي سنڌي ٻولي بچائڻي آهي ته ان کي هڪدم نئون ۽ تازو اسڪرپٽ به ٻيلهه ڏيو، پوءِ اهو ديوناگري هجي يا انگريزي اکرن تي ٻڌل اسڪرپٽ هجي.

مادري ٻولي جو ڏڻ ملهائڻ وقت اهو به سوچڻ گهرجي ته مادري ٻولي سنڌي کي پوئتي رکڻ لاءِ جوابدار ڪير آهن؟ هي اهي ساڳيا آهن، جيڪي هاڻ چون پيا ته مادري ٻولي سنڌي سان ظلم ڪيو ويو آهي. هي اهي ئي آهن جن سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪنهن نه ڪنهن ويس ۾ ڪو پارٽ ادا ڪيو آهي، ڪاميٽيون ٺاهيون آهن، ڪاميٽين جا ميمبر رهيا آهن، آفيسر رهيا آهن، استاد رهيا آهن، ڪتابن جا ايڊيٽر رهيا آهن، درسي ڪتاب ڇپايا آهن، درسي ڪورس جوڙيا آهن ۽ جن جا نالا ورهين بلڪه صدين کان سنڌي ڪتابن تي ڇپيل نظر ايندا رهيا آهن. هنن سنڌ جي تعليمي نظام جي خرچ تي پنهنجا گهر ڀريا آهن ۽ هاڻ به سنڌي ٻوليءَ جي اسڪرپٽ ۾ ڪو به سڌارو فقط ان ڪري نٿا آڻڻ ڏين جو حال رائج اسڪرپٽ ۾ سندن اهي ڪتاب ڇپيل آهن، جن جي رائلٽي/ڪمائي  هي کائي رهيا آهن.

جتي ڪو بورڊ هوندو، اتي تباهي هوندي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ختم ڪري ان جي جاءِ تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ اٿارٽي قائم ڪري سڀئي اختيار هڪڙي فرد کي ڏنا وڃن ۽ هن کي ئي جوابداري ڏني وڃي ته پنهنجي لياقت آهر ڪم ڪري ۽ جي هو گند ڪري ته ان کي هڪدم هٽائي ٻئي فرد کي آندو وڃي. بورڊ ته هڪ بهانو آهي، گڏجي کائڻ جو. ساڳئي نموني پرائمري ۽ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن جا بورڊ به ختم ڪري انهن تي به هڪڙو هڪڙو فرد مقرر ڪيو وڃي، جيڪو ان کاتي جي چڱائي لاءِ مڪمل طرح جوابدار هجي.

haleembrohi@hotmail.com