ايجاد

 

 

سومر 4 مئي 2009ع

 

 مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪيترو غلط ماڻهو آهيان، بلڪل ائين جيئن اوهان ڄاڻو ٿا ته اوهان ڪيترا غلط ماڻهو آهيو، پر ڪا هئي جنهن کي وهم ٿي پيو ته مان چڱو ماڻهو آهيان ۽ جي مان چاهيان ته اڃا به وڌيڪ چڱو ماڻهو ٿي سگهان ٿو. سمجهايو به مانس ته مان اڳي ئي ڪافي چڱو آهيان ۽ مون ۾ وڌيڪ چڱائي جي نه گنجائش آهي نه چاهت، پر هوءَ نه مڙي. چيائين ته ڳالهه اها ناهي ته تون ڪيترو چڱو آهين، اصل ڳالهه اها آهي ته تون ڪيترو چڱو ٿيڻ ٿو چاهين. مان کيس سمجهائي نه سگهيس ته مون ۾ جا ٿوري گهڻي چڱائي اڳي ئي هئي، تنهن مان اڳ ئي مان بيزار هوس. هن کي ڪيئن سمجهايان ها ته هن پاڻ کي منهنجي نظرن سان ڏسڻ بدران شايد آئيني جي نظرن سان ڏٺو هو، اهو ڄاڻن ۽ سمجهڻ بنا ته آئينو ڪوڙ به ڳالهائيندو آهي.

 هن نه ڪٿيو ته مون ۾ وڏون ڪهڙيون آهن، نقص ڪيترا آهن ۽ ڪيترو وقت جٽاءُ ڪندس. چيائين ته سڀيئي شاهوڪار يا اقتدار وارا ماڻهو لياقتن وارا يا پڙهيل يا وڻندڙ يا شڪل صورت جا چڱا نه هوندا آهن. تون جيڪڏهن چاهين ته پاڻ کي لکن ۾ توري سگهين ٿو. مون ڏانهنس نهاريو، هن مون کي ڪکن ۾ به نه توريو هو. تون چڱو ٿيڻ جي ڪوشش ڪر. هن ورجايو.

 شاهوڪاري ۽ اقتدار انهن کي ملندو آهي، جيڪي شاهوڪاري ۽ اقتدار چاهيندا آهن. هوءَ نه مڙي، هن شايد مون کي اشارن ۾ پئي سمجهايو ته مان سندس لائق نه آهيان. مون کيس ڪڏهن ڪو اشارو به نه ڏنو هو ته مان به سندس اميدوارن جي قطار ۾ آهيان!

 تو وٽ آهي ڇا سواءِ انهيءَ ٻه فوٽ زمين جي جنهن تي تون بيٺو آهين ۽ انهن خوابن جي ته تون ڪو وڏو ماڻهو ٿيندين! اها طنز هئي جيڪا مون کي وڻي ڇو ته هن ڪئي هئي ۽ مون تي ڪئي هئي.

 جيڪڏهن تو وٽ ڪو مقصد ئي ناهي ۽ جيڪڏهن آهي به ته ان لاءِ تو ۾ اتساهه ناهي، ڪو به جذبو ناهي ته جيڪي ڪجهه تون حاصل ڪندين اهو تون ڪهڙي کاتي ۾ وجهندين؟ مون وٽ جواب هو ته تنهنجي کاتي ۾ پر اهو جواب مون ڏنو ڪو نه. هوءَ منهنجي ايجاد هئي، سائنسدان جي سڄي ڪمائي بک سميت سندس ايجاد ۾ ئي ويندي آهي.

 هيڏانهن هوڏانهن ڏس ته ڪيئن عام، سادا ۽ ڪند ذهن ماڻهو ڪمن ڪارن ۾ رڌل آهن، دنيا کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ تون پاڻ کي ڏس جو عقلمند ۽ اڪابر ٿيڻ جي شونق ۾ اهڙو محو آهين جو نه ڪنهن ڪم جو رهيو آهين نه ڪنهن ڪاج جو! تنهنجي هٿ ۾ قلم هوندو آهي يا ڪتاب. تو ڪنهن وڏي ماڻهوءَ وٽ سندس هٿ ۾ ڪو ڪتاب يا رسالو ڏٺو آهي؟ ڪنهن وڏي آفيسر جي هٿ ۾ تو ڪو قلم يا ڪتاب ڏٺو آهي؟ هوءَ منهنجي ماءُ نه هئي، ڀيڻ به نه هئي، هوءَ منهنجي ڪجهه نه هوندي به منهنجي سڀ ڪجهه هئي. بس مون کي وڻندي هئي. ڪامياب ماڻهو خبر اٿئي ڇا ڪندا آهن؟ هو چوندي پئي هلي. هو پئسا گڏڪندا آهن، بئنڪن ۾ پيل پئسا ڳڻيندا آهن. هنن ۾ جيڪي بيوقوف هوندا آهن، سي ڪنهن هڪڙي بئنڪ ۾ پئسا رکندا آهن ۽ جيڪي عقلمند آهن، سي مختلف بينڪن ۾ پئسا ورهائي رکندا آهن. اهو سڀ ڪجهه مان ڄاڻندو هوس، پر مان پنهنجي فطرت کان مجبور هوس.

 تون فطرتن باغي آهين، جيئن هو منهنجا خيال پڙهي وئي، تنهنجي فطرت ۾ بغاوت آهي، هر ڪنهن ڳالهه کان بغاوت، هر ڪنهن خيال کان بغاوت، هر ڪنهن ماڻهوءَ سان بغاوت، جيڪي آهي، تنهن سان بغاوت، جيڪي اڃا ٿيو ناهي، تنهن سان بغاوت، جيڪو ڪتاب تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن سان بغاوت، قلم جيڪو تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن سان بغاوت، اهڙي بغاوتي فطرت ڪنهن وڏي سوڀ جي ضمانت به ثابت ٿيندي آهي، پر تو هن وقت تائين ڪيو ڇا آهي، جنهن کي تنهنجي مستقبل ۾ ڪنهن سوڀ جي نشاني سمجهجي؟

  جن به ڪجهه  ڪيو، انهن پهرين معاشري ۽ ماحول کان بغاوت ڪئي. هر هڪ نئين خيال ۽ نئين ايجاد جي پيڙهه ۽ بنياد ۾ ڪا بغاوت لڪل هوندي آهي. بغاوت تنهنجي رڳ رڳ ۾  سمايل آهي، تنهنجي اندر ۾ ڪو نئون خيال آهي، جيڪو توکي جيئڻ نٿو ڏئي. تون وڙهيو پئين هر هڪ سان، هر ڪتاب سان، هر خيال سان، هوائن سان به ۽ طوفانن سان به. تون  جو  مون سان ڪڏهن ٺهين ٿو ته ڪڏهن وڙهين ٿو، اهو ثابت ٿو ڪري ته تنهنجي اندر ۾ ڪو نئون خيال جنم وٺي رهيو آهي، تنهنجي اندر ۾ ڪا نئين ايجاد آهي، جيڪا ظاهري روپ ۾ اچڻ لاءِ توکي آرام سان جيئڻ نٿي ڏئي. سو تون ڇا ايجاد ڪندين؟ مان تون مان بيزار آهيان، پر توکي ڇڏي به نٿي سگهان، سو تون مون کي ٻڌاءِ ته تنهنجي من ۾، ذهن ۾، فطرت ۾ بيچيني ڇاجي آهي؟ هوءَ پاڻ منهنجو خيال هئي، هو پاڻ ئي ته منهنجي ايجاد هئي، هوءَ پاڻ ئي ته منهنجي فطرت جو وڳوڙ هئي، پر جيڪڏهن هوءَ سمجهي به نٿي، ڄاڻي به نٿي ته مان ڇا ڪريان سواءِ بغاوت ڪرڻ جي!

 نئون خيال، ڪا نئين ڳالهه، يا ڪا نئين ايجاد جي کوجنا ڪندي ناڪام ٿي، برباد ٿي وڃڻ يا مري وڃڻ بهتر ۽ هزار ڀيرا بهتر آهي، ڪنهن ٻئي جي ڪم کي عاليشان ۽ ڪامياب طريقي سان نقل ڪرڻ کان. مان ڄاڻان ٿي ته تو ۾ لياقت آهي، تنهنجي لياقت تنهنجو فقط خيال يا وهم ڪونهي. مان ڏسان ٿي ۽ ڄاڻان ٿي ته توکان گهڻو وڌيڪ سُکيا سهنجا ۽ پڙهيل ماڻهو به اهو ئي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪو ڪم تو ايجاد ڪيو يا جنهن ڪم جو پايو تو رکيو، پر تنهنجي اها لياقت تنهنجي يا منهنجي ڪهڙي ڪم جي جيڪڏهن تو ۾ ان پنهنجي لياقت لاءِ اتساهه ناهي ۽ تون هر هڪ پنهنجو ڪيل ڪم اڌ ۾ اڌورو ڇڏيو ڏين؟ منهنجي اندر ۾ طوفان هو، جيڪو اڀامي رهيو هو. ڪيئن ٿي سمجهائي سگهيوسانس ته مان ڇا ڄاڻان ته لياقت ڇا ٿيندي آهي ۽ مون ۾ آهي به ته ڇاجي ۽ ڪهڙي آهي؟

 جا هوشياري ۽ سمجهه هن ليک ۾ ظاهر آهي سا مون يا اوهان جهڙي فرد ۾ ممڪن ڪانهي. مان نقل ڪندو آهيان ته اعلان ڪندو آهيان ته اهو نقل آهي، ترجمي کي مان ترجمو چوندو آهيان. مان سنڌ يونيورسٽيءَ جو استاد نه آهيان، جنهن جو ذهن فقط هيڏانهن هوڏانهن پيو ڀٽڪي ته ٻيا ڪهڙا ڪم پيا ڪن ته جيئن پاڻ به اهو ئي ڪم ڪري. هي ليک هڪڙي عجيب قسم جي ڪتاب جي ڪجهه پئراز تي جوڙيل آهي. سڄو ڪريڊٽ مان نه لهان، نوي سيڪڙو ڪريڊٽ اها مائي به لهي جنهن جو ڪو وجود ئي ڪونهي.

haleembrohi@hotmail.com