نئين دنيا

 

 

جمع 3 جولاءِ 2009ع

 

When a man is in love

How can he use old words?

I am a woman in whose heart

The pulse of time has stopped

I don't know spring flowers

Nor does April know me

 مٿيون ٻه سٽون/ڇهه سٽون مون کي عرفانه ملاح پڙهايون آهن. منهنجو واسطو ان ڳالهه سان ناهي ته شاعر ڪير هو، حالتون ڪهڙيون هيون، دهشت جي ديس ۾ محبت جي ڳالهه ڪجهه اهڙو مضمون آهي، جيڪو مان سڄو پڙهي ويس. هن مضمون ۾ بي انتها سهڻائپ آهي جو هن ۾ دل جو نچوڙ آهي، هن ۾ دل جو رت آهي، هن ۾ دل جا ٽڪرا آهن. عقلمند ۽ محقق سنڌي رائٽر هن مضمون کي اجايو سمجهندا، پر ان مضمون جي اهميت مان ڄاڻان ٿو جو مان به مئڊم ملاح وانگر فقط دل جا ڪتاب پڙهيل آهيان. مون کي نالا ياد نٿا بيهن ۽ پڙهي به هاڻ نٿو سگهان، پر مئڊم جيترو اوهان کان پڄي محققن ۽ سنڌي جي استادن کان پري رهجو. مان ماضي جي ڳالهه آهيان، اوهان کي شايد اندازو ناهي ته اوهان مستقبل آهيو. اوهان پاڻ ڏسندا ته اهي سنڌي محقق ڪيئن ٿا هوائن ۾ غائب ٿي وڃن، هي ڇا ڄاڻن ته شعر ڇا آهي، شاعري ڇا آهي ۽ دل جي دنيا ڇا آهي.

  فطرتن جي معاملي ۾ سڀيئي انسان هڪ جهڙا ۽ هڪ جيترا آهن. ٻڍاپي جي عمر ۾ انساني فطرت ظاهر ٿيڻ ۽ اکيون ڏيکارڻ شروع ڪندي آهي. ظاهرن ٻڍو ڪيترو به عقلمند ۽ سمجهو ظاهر ٿئي، پر سندس اندر وڌيڪ ۽ وڌيڪ ڪارو گهاٽو رس ٿيندو ويندو آهي. بيماريون ۽ وڏي عمر انسان جي موت جو سبب نه هوندا آهن، انسان مرندو آهي اڻپوري ٿيل خواهشن جي رهجي وڃڻ ۾. مون کي اها اڄ ڏيو، جيڪا مون کي ڪالهه تائين فقط ان ڪري نه ملي جو مان کيس پنهنجي اشرافت جي ڄار ۾ ڦاسائي رهيو هوس ۽ جنهن جي ذهن تي مان اثر ويهاري رهيو هوس ته مان اهڙو ۽ ايترو شريف آهيان جو هن جي جسم جو احترام ڪندي هن جي جسم جي ڪنهن به حصي کي هٿ نه لڳائيندس. مون کي جي هوءَ اڄ ڏيو، هينئر ڏيو ته مان صبح ٿيڻ کان اڳ مرڻ لاءِ خوشي سان تيار آهيان.

  ظاهري اشرافت جو فريب ۽ ڪوڙو ڍونگ لاهي ڦٽو ڪريو. جيڪا وڻي تنهن کي ڪن ۾ چئو ته تون مون کي وڻين ٿي، قدرت جي ڳٽي تي مٺي ڏيو. مون هڪ غلطي ڪئي هئي، اها غلطي مون کان ٿي  وئي. منهنجي پنهنجي بيوقوفي ۾. مون کي A وڻندي هئي ۽ هن کي به مان وڻندو هوس. مون هن کي نياپو موڪليو ته تون مون کي وڻين ٿي. منهنجو ذهن ۽ دل هن جي چاهت ۾ اهڙي غلطي ڪري ويا، جو اهو نياپو مون A ڏانهن موڪلڻ بدران الائجي ڪنهن ڏانهن اماڻي ڇڏيم! مون کي A کپي، پر A ملي ته کيس سمجهايان ته اها غلطي مون کان ٿي وئي هئي، منهنجو ذهن ٿڙي ويو هو. هڪ مهينو ڪافي آهي ان احساس لاءِ ته مان ٻن مهينن کان هن سان ملڻ جو انتظار پيو ڪريان.

  جڏهن ليکڪ وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه نه رهندو آهي، تڏهن هو چاهيندو آهي ته هن کان انٽرويو ورتا وڃن ته جيئن ليکڪ جو ليبل به لڳل اچيس ۽ لکڻو به نه پويس.

  لکڻ وڏو خفو آهي، خاص ڪري سنڌي اکر لکڻ. ڪو به سنڌي مضمون لکي ان ۾ نقطا ڳڻيو، اوهان جو مغز ڦري ويندو. پوءِ سنڌي ۾ اوهان ٽيڪٽانڪ جيالاجي ته لکندا ڪونه، ڪا مئٿس يا فزڪس يا ايڪئيشن کان به وئون ويندا. الجبرا ۾ هڪڙا فيڪٽر، ٻيو ڇا ڪجهه آهي، جاميٽري ۾ جيڪي سڌين ليکڪن سان شڪلون ٺاهي سگهجن ٿيون، سي سڌي ليکي يا ٿلهي ليکي ڪيتريون ممڪن آهن. اهو پهريون شخص ڪير هو، جنهن چيو هو ته دنيا پاڻي جي ٺهيل آهي، ڊيموڪريٽس ڇا چيو هو ته دنيا ڇا جي ٺهيل آهي؟ سنڌي ۾ ڪجهه ڪونهي سواءِ لفاظي جي؟ اکر، اکر، اکر، هيءَ آهي سنڌي. جيڪڏهن اڄ سنڌيءَ ۾ لکيل سڀيئي ڪتاب ساڙي ڇڏجن ته فقط لفاظي سڙي ويندي ۽ ٻيو ڪو به نقصان نه ٿيندو. ها، پنا ضرور سڙي ويندا.

  هاڻ مون وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه ناهي رهيو. سياست سان منهنجو واسطو ناهي، سماج کي مون کان ايتري نفرت آهي، جيتري مون کي سماج کان آهي. جيڪي پاڻ کي محقق (آهي ته الائجي ڇا) سمجهندا آهن، تن کي ڏسي ته سندن ٻار به کلندا هوندا ۽ هي ائين سنڌي ٻولي ۾ پي ايڇ ڊي ٺاهيندا آهن، جيئن ڪڪڙ آنا لاهيندي آهي ۽ اهي به هوائي! نيٽ، وڊيو، موبائيل باوجود مان سمجهي نٿو سگهان ته شاگرد سنڌي ٻوليءَ جا ماهر ٿيڻ لاءِ ڪيئن ڦاسجي ويندا آهن! ان کان ته بهتر آهي ته بنگال ڪا جادو يا نيپال ڪا جادو واريون چوپڙيون پڙهن.

  ڪنهن زماني ۾ لکڻ لاءِ هٿ استعمال ٿيندو هو، پوءِ انگريزن اها مشين ٺاهي، جنهن کي اڃا تائين ٽائيپ رائيٽر چئبو آهي، جيتوڻيڪ ٽائيپ رائيٽر ٺهڻ ڪيئي ورهن کان بند ٿي ويا آهن.

 جڏهن ٽائپ رائيٽر ٺهڻ لڳا هئا، تڏهن ان تي لکيل اکرن تي آڱرين کي هيرائڻ لاءِ ماڻهن طريقا به ايجاد ڪرڻ شروع ڪيا، جن مان سڀ کان ڪارائتو پٽمين جو طريقو ثابت ٿيو، جيڪو اڄ تائين استعمال ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ ٽائپ رائيٽر وارو زمانو ڪڏهوڪو فوت ٿي چڪو آهي، ان ٽائپ رائيٽر ٺهڻ جي شروعاتي دور ۾ جيڪي ماڻهو پٽمن يا ڪو ٻيو طريقو سکي ويا هئا ۽ معاوضي تي خط پٽ يا پنا ٽائيپ ڪندا هئا، تن کي ٽائيپ رائيٽر چيو ويندو هو ۽ جنهن کي اڄ يا ڪالهه تائين ٽائپ رائيٽر چيو ويندو هو، تنهن کي ٽائپنگ مشين چيو ويندو هو. ڳالهه بلڪل سڌي ۽ سادي آهي، پر انهن انگريزي اکرن کي سنڌي ۾ سمجهائڻ يا سمجهڻ مونجهاري وارو ڪم آهي. ڪمپيوٽر وغيره هلائي اوهان کي وسري ويو هوندو ته ٽائپنگ مشين ۾ ربن به پوندي هئي، پر اوهان جي وڏن کي ياد هوندو ته ڪاري ربن به هوندي هئي ۽ ڳاڙهي ربن به هوندي هئي.

 مٿي جيڪي ڪجهه لکي آيو آهيان، سو سمجهاڻي طور آهي، هاڻي ٿي ٿئي ڪهاڻي شروع.

 ڪنهن زماني ۾ هڪڙو ٽائپسٽ (جنهن کي ان زماني ۾ ٽائپ رائيٽر چوندا هئا) هو، جنهن سڄي حياتي ٽائپنگ ڪري پنهنجو ۽ گهر وارن جو گذران ڪيو هو ۽ هاڻ 80 سالن جو پوڙهو ٿي پنهنجي ڪمري تائين محدود ٿي ويو هو. جنهن ۾ سندس پراڻي ٽيبل تي اهو ساڳيو ٽائپ رائيٽر رکيو هو، جنهن تي هن سڄي حياتي ڪم ڪري پنهنجي ۽ گهر وارن جي روزي ڪمائي هئي. هن کي اها پراڻي ٽيبل ۽ اهو ٽائپ رائيٽر ان ٻڍاپي ۾ به پيارا هئا ۽ هن جي هٿن جي آڱرين ۾ اڃا به چرپر رهندي هئي.

  هڪڙي ڏينهن هن پوڙهي پنهنجن پٽن، ڌين ۽ هنن جي اولاد کي سڏي چيو ته مان پنهنجي آتم ڪٿا/رام ڪهاڻي/حياتيءَ جي ڪهاڻي لکڻ ٿو چاهيان، جنهن کي آپ بيتي به چئبو آهي. اکين کان مان بلڪل جڏو آهيان ۽ هڪڙو اکر به ڏسي نٿو سگهان، پر سڄي حياتي ٽائپنگ ڪرڻ ڪري منهنجي هر هڪ آڱر بلڪل ان اکر تي پوندي آهي، جنهن تي مان چاهيندو آهيان. منهنجي ٻنهي هٿن جي آڱرين ۾ اڃان به جواني واري قوت ۽ سمجهه آهي. اوهان منهنجي ٽائپنگ واري ٽيبل ٽائپ رائيٽر سميت ڇڪي منهنجي کٽ جي ويجهو ڪريو ۽ پنن جا دستا به ڏيو ته مان مرڻ کان اڳ پنهنجي آتم ڪهاڻي ٽائيپ ڪري وٺان، جيڪا منهنجي مرڻ کانپوءِ اوهان ڏسجو، پڙهجو ۽ ڇپائجو. جيسين مان پنهنجي حياتيءَ جي ڪهاڻي مڪمل نه ڪريان، اوهان مان ڪو به منهنجي ٽائپ رائيٽر ۽ ٽائپ ٿيل پنن ڏانهن نه نهاري ۽ نه ڏسڻ جي ڪوشش ڪري. گهر جا ڀاتي پوڙهي کي ڀائيندا به هئا، هن جي عزت به ڪندا هئا ۽ جيئن پوڙهي چين تيئن ٽيبل گهلي پوڙهي جي کٽ ويجهو ڪري پاڻ ان ڪمري کان پري رهڻ لڳا، جتان ٽائپ رائيٽر جي اکرن جي ٽڪ ٽڪ جو آواز ايندو رهندو هو، جو پوڙهو لڳاتار ٽائپنگ ڪندو رهندو هو. ائين ڏيڍ ٻه سال گذري ويا.

  آخر اهو ڏينهن آيو، جنهن ڏينهن ان پوڙهي جي ڪمري مان ٽائپنگ جي ٽڪ ٽڪ جو آواز اچڻ بند ٿي ويو ۽ گهر جا سڀيئي ڀاتي پوڙهي جي ڪمري ڏي ڊوڙيا، جتي ڏٺائون ته پوڙهو کٽ تي مئو پيو هو. ٽائپنگ واري ٽيبل، ٽائپ رائيٽر ۽ پنن جا دستا سڀيئي درست حالت ۾ هئا. گهر جي ڀاتين هڪدم اهي پنا کنيا، جيڪي پوڙهي ٽائيپ ڪري کاٻي هٿ طرف رکندو آيو هو. اهي پنا ڏسي گهر جا سڀيئي ڀاتي حيران ٿي ويا، جو انهن پنن مان ڪنهن هڪڙي پني تي به ڪو اکر لکيل نه هو. سڀيئي پنا، جيڪي ان پوڙهي پنهنجي ليکي ٽائيپ ڪيا هئا، بلڪل خالي ۽ ڪورا هئا!

  ڳالهه ڇا هئي؟ اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟ ڳالهه فقط ايتري هئي جو اهو پوڙهو، جنهن جو دماغ به صحيح هو ۽ هن جي هٿن جي آڱرين ۾ سگهه ۽ قوت به هئي، سو اکين کان انڌو/جڏو هئڻ ڪري هي نه ڏسي سگهيو ته ان ٽائيپ رائٽر ۾ ڪاربان ربن هئي ڪا نه! ڪاربان ربن نه هجڻ ڪري ڪو به اکر ڇپجي نه سگهيو! سڀيئي پنا خالي ۽ ڪورا هئا!

haleembrohi@hotmail.com