فائدو؟

 

 

جمع 3 اپريل 2009ع

 

·اوهان ڪڏهن ڪنهن انگريز جي واتان اهو ٻڌو آهي ته انگريزي جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته صحيح ۽ درست انگريزي ڳالهائجي ۽ لکجي؟ اوهان ڪڏهن ڪنهن اهڙي انگريز جو ڪو اهڙو ليک پڙهيو يا ڏٺو آهي ته صحيح ۽ درست انگريزي ڳالهائڻ سان انگريزي ٻولي ترقي ڪندي؟ نه، هرگز نه. ته پوءِ انگريزي ڇو دنيا ۾ وڌندي پئي وڃي؟ اردو وارن به گهڻي زماني کان اهو چوڻ ڇڏي ڏنو آهي ته صاف ۽ سٺي اردو ڳالهائڻ سان اردو ترقي ڪندي ۽ اوهان ڏسو به پيا ته اردو ڳالهائيندڙ به وڌندا ئي وڃن. اوهان کي ڪڏهن ڪنهن can not کي can’t لکڻ کان يا چوڻ کان منع ڪيو آهي؟ اوهان کي ڪنهن انگريز جهليو آهي ته you کي موبائيل يا انٽرنيٽ تي u نه لکو؟ هيئن ڪرڻ سان ٻولي ترقي ڪندي ۽ هونئن ڪرڻ سان ٻولي گهٽجي ويندي وارو ٺيڪو فقط انهن سنڌين کنيو آهي، جن وٽ يا ته  لکڻ لاءِ ڪا ڳالهه ئي ناهي، يا لکڻ لاءِ فقط اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي دنيا ۾ ڪا اهميت ناهي.

·اوهان وٽ وٺڻ لاءِ وڏا وڏا نالا آهن، ڊاڪٽر فلاڻو، ڊاڪٽر ٽيرڻو، ڊاڪٽر مٽيرڻو. اوهان وٽ پڏائڻ لاءِ وڏا وڏا ادارا آهن، فلاڻي يونيورسٽي، ٽيرڻي يونيورسٽي، مٽيرڻي يونيورسٽي، فلاڻو بورڊ، ٽيرڻو بورڊ، مٽيرڻو بورڊ، پر هنن کان پڇو ته هنن ڪو اهڙو ڪم به ڪڏهن ڪيو آهي، جنهن دنيا جي ٻين ماڻهن کي سنڌي سکڻ تي مجبور ڪيو هجي؟ اهي ماڻهو ۽ اهي ادارا اوهان کي پنهنجي  ڄائي ڄم کان اهي ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا مضمون، ساڳيون ٺمريون، ساڳيا دادرا ۽ ساڳي ڪوت ڏيندا آيا آهن، جيڪي فقط سنڌي پڙهندڙ ئي ڄائي ڄم کان پڙهندا آيا آهن.

·مان اوهان کان هڪڙو بلڪل سڌو سوال ٿو پڇان، جنهن جو جواب اوهان ڏيئي ته ڏيکاريو. سوال آهي ته اهي اوهان ۽ مان، جن کي فقط سنڌي ٻولي ئي لکڻ پڙهڻ اچي ٿي، تن کي اچي ڇا ٿو؟ هنن جي ڄاڻ جو دائرو فقط انهن بلڪل اجاين ۽ غلط سلط ڳالهين تائين محدود آهي، جيڪي سندن مٿي ڄاڻايل ڊاڪٽرن ۽ ادارن هنن کي سرڪاري ۽ غير سرڪاري خرچ تي ڇپائي سندن مغز ۾ ڀريا آهن ۽ جن اديبن کي هي پڏائيندا آهن، تن هنن کي ڏنو ڇا آهي، سواءِ عشقيه ڪهاڻين، افسانن ۽ ”سوچيان پيو“ شاعري، ڪجهه خوام خواهه قسم جي ڊگهين آکاڻين جي، جن کي هي فخر سان ”سنڌي ناول چوندا آهن. ترجمن جي نالي ۾ جيترو ڪوڙ اوهان جي انهن ادارن اوهان کي ذهن نشين ڪرايو آهي، تنهنجو ڪاٿو ئي ناهي. سنڌي ادبي بورڊ وارن برٽن جو سنڌ بابت انگريزيءَ ۾ لکيل هڪڙو ڪتاب منهنجي ڀيڻويي محمد حنيف صديقيءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو هو. تمام گهڻن ورهين جي ڳالهه آهي، تنهن ڪري ان ڪتاب جو نالو وغيره مون کي ياد ناهي. حنيف هڪڙي ڏينهن مون کي برٽن جي ان ڪتاب جا ٽي چار صفحا ڏيکاري چيو ته هي پڙهه، انهن صفحن ۾ برٽن لکيو هو ته سنڌي ماڻهو جيڪي ٻيا ڪن تن جو نقل ڪندا آهن، انگريزن کي ڏسي انهن ۾ سرخرو ٿيڻ لاءِ شلوار قميص تي ٽاءِ ٻڌندا آهن. مان حيران ٿي ويس، مون حنيف کان پڇيو ته هو هنن اکرن جو ترجمو ڪيئن ڪندو؟ حنيف چيو ته کيس چيو ويو آهي ته اهي اکر ۽ لفظ کائي وڃ. مون حنيف کي چيو ته هو اهو ڪتاب ترجمو ڪرڻ تان هٿ کڻي وڃ. پر حنيف چيو ته، جيڪڏهن مان انڪار ڪندس ته گهڻا ئي ويٺا آهن اهو ڪم ڪرڻ لاءِ، سو مان ڇو پنج هزار رپيا وڃايان. هنن کي کپي ڪوڙ، سو مان هنن کي ڏيان پيو فقط اهي لفظ غائب ڪري. اها ڳالهه تڏهن جي آهي، جڏهن مون اڃا لکڻ وغيره شروع نه ڪيو هو، نه ته مان ان زماني ۾ ئي بورڊ کي خوار ڪري ڇڏيان ها. مون شايد ڏهن ورهين کانپوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، پر منهنجي توجهه فقط مشڪريون لکڻ ڏانهن هئي. ديڳ مان فقط چار ڇهه چانور چکبا آهن، سو اوهان سمجهي وڃو ته انگريزي ڪتابن جي ترجمن جي نالي ۾ اوهان جي ذهنن ۾ ڪيترو ڪوڙ ۽ ڪيترا گشا ڀريا ويندا آهن. پر هڪڙي ڳالهه تمام سهڻي آهي، اها هيءَ ته جن کي فقط سنڌي لکڻ پڙهڻ ايندي آهي، سي انگريزي ڪتابن جا ترجما به نه پڙهندا آهن.

·جن سنڌين جي دنيا فقط سنڌي لکڻ پڙهڻ تائين محدود رهي آهي، سي صبح شام، ڏينهن رات، آڌي مانجهي فقط اهو ئي راڳ ڳائيندا آهن ته سنڌي ٻولي دنيا جي بلڪل آڳاٽي ٻولي آهي، بي انتها شاهوڪار آهي، تمام گهڻي قيمتي آهي، هن عاليشان محقق پيدا ڪيا آهن ۽ هن کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. مان پڇان ٿو ته اردو کي جو قومي درجو ڏنل آهي، تنهن اردو کي ڪهڙو فائدو ڏنو آهي؟ سڄو پاڪستان انگريزيءَ تي پيو هلي ۽ انگريزيءَ ڏانهن پيو گهلجي. جيڪڏهن سنڌي قومي ٻولي ٿي به وئي ته سنڌي پڙهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ فقط اهي ئي هوندا ۽ رهندا، جيڪي اڄ آهن. ڌارين جو مٿو خراب ٿيو آهي ڇا، جو انگريزيءَ جا 26 اکر ڇڏي اردو جا 36 اکر ڇڏي سنڌي جا 56 اکر ياد به ڪن ۽ پوءِ اهي ۽ اهڙا اچار به ڳالهائڻ سکن، جيڪي فقط سنڌي ڳالهائي سگهن ٿا. ساڪريٽس، پلئٽو، ارسٽاٽل پي ايڇ ڊي قسم جا ڊاڪٽر نه هئا، جو هنن وٽ ان زماني ۾ مولانا قاسمي جهڙو رحمدل گائيڊ نه هو، جيڪو ڊاڪٽوريٽ جا ڊپلوما  ورهائيندو هلي. اها ڳالهه مان گريس جي پيو ڪريان، پر اڄ گريڪ ٻوليءَ جي اهميت ڇا آهي؟ اهاساڳي جا  سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ٻولي جي ٻڌائيندا آهن. عظيم آهي ۽ قديم آهي ۽ اڄوڪي تڪڙي ترقي ڪندڙ دنيا ۾ ڪنهن به ڪم جي ناهي، سواءِ افسانا ۽ ڪهاڻيون لکڻ جي.

·۽ اوهان کي ڪهڙي برهمڻ، کتري، يا وئش ٻڌايو آهي ته جنهن ٻوليءَ کي اوهان اڄ سنڌ صوبي ۾ سنڌي ٿا چئو، سا سچ پچ اها ئي ٻولي آهي، جنهن کي ٽي چار هزار ورهيه اڳ ڏاکڻي پنجاب، قلات، سڄي بلوچستان ۾ بلڪل سمنڊ تائين سنڌي چيو ويندو هو؟ جيڪڏهن اڄوڪي سنڌ صوبي ۾ اوهان ڪو هڪڙو به اهڙو ماڻهو ڏيکاريو، جيڪو پاڻ کي سنڌي چوائيندو هجي ۽ قسم کڻي چئي وڃي ته هن جا پر ڏاڏا ۽ تڙ ڏاڏا به اها ئي سنڌي ڳالهائيندا هئا، جنهن کي اڄ اوهان سنڌي ٻولي ۽ اها به قديم سمجهي ويٺا آهيو. تمام گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن جي ذهنيت سائنسي حقيقتون قبول ڪندي آهي. عبدالقادر جوڻيجي منهنجيون ڳالهيون ٻڌي چيو هو ته سندس ڳوٺ ۾ سندس مائٽن ۾ اڃا به ڪي ماڻهو آهن، جيڪي مارواڙي ڳالهائيندا آهن. کوجن، بورين ۽ سيلاٽن جي ٻولي گجراتي آهي، جو هي گجرات، مان ٿيندا آيا هئا. پر جيڪڏهن ڪو کوجو ضد ڪري پنهنجي پيٽ گذران خاطر چئي ته نه فقط هو پاڻ سنڌي آهي، پر سنڌي ٻوليءَ کي ڄڻيو ئي هن پاڻ آهي، ته اهڙي شخص کي پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون.

·ڳالهه دراصل مون کي ڪا ٻي لکڻي هئي. مون کي لکڻو هو ته سنڌ صوبي ۾ چئن قسمن جا ماڻهو آهن، برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر پر مان الائجي ڪيڏانهن هليو ويس. ساري، پاڻيهي سڌو ٿي ويندس.

haleembrohi@hotmail.com