حق ۽ ناحق

 

سومر  2 مارچ  2009ع

 

.ڊگهي عرصي کانپوءِ مون چوڌاري نهاريو آهي ۽ ڪاوش غور سان پڙهي آهي. مان حيران ٿي ويو آهيان ته دنيا ڪيترو بدلجي وئي آهي. يونيورسٽين، رٽائرڊ آفيسرن ۽ پروفيسرن بابت نديم پنهور جو لکيل مضمون ڪاوش ۾ پڙهي مان ڄاڻي ويو آهيان ته مان ٺپ بيوقوف هوس، جو يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪندي سترهن سال هوائن سان وڙهندو رهيس ۽ اهو نه ڄاڻي سگهيس ته حقيقتون ڇا آهن. اڄ مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو دماغ خراب هو، جو مون پنهنجا اهي سترهن سال خراب ڪيا. شرافت سان نوڪري ڪريان ها ته اڄ تائين نوڪري ۾ هجان ها.

.پاڻ گڙٻڙ ڪريو ڇڏيون. پاڻ پنهنجن خوابن کي حقيقتن جو درجو ڏيئي اصل حقيقتن خلاف جنگ شروع ڪندا آهيون، نتيجو اهو نڪري ٿو ته اسان پاڻ ڊهيو پئون. ٺوس حقيقت هڪ لت سان اسان جو خواب اڏايو ڇڏي. هاڻ پاڻ وڏا ٿي ويا آهيون ۽ پاڻ کي سمجهي وڃڻ گهرجي ته حقيقتن سان کيچل بازي ڪرڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي.

.بي صبري بي جان ماڻهن کي به ليکڪ بنايو ڇڏي ۽ آخر ۾ اهو ليکڪ وري بي جان ٿي ڊهيو پئي. بهتر آهي ته اوهان فقط پنهنجي ڌنڌي سان ئي وابسته رهو ۽ هيڏي هوڏي نه نهاريو. جي اوهان ڪٿي واهه واهه ٻڌو ته پڪ سمجهو ته اوهان ڪو اهڙو ڪم ڪري رهيا آهيو، جنهن ۾ اوهان لاءِ بربادي ۽ تباهي ڀريل آهي.

.ورهاڱي کان اڳ سنڌ صوبو بامبي يونيورسٽي سان لاڳاپيل هو. پاڪستان ٺهڻ تي سنڌ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جوڙي وئي، پوءِ ان يونيورسٽي کي سنڌ يونيورسٽي جو نالو ڏيئي وائيس چانسلر اي بي اي حليم سميت حيدرآباد اماڻيو ويو ۽ ڪراچي لاءِ الڳ ڪراچي يونيورسٽي ٺاهي وئي. ائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر اي بي اي حليم هو، جنهن کي ان زماني ۾ ابا حليم چيو ويندو هو ۽ جنهن کان آءِ آءِ قاضي چارج ورتي. غلط نالا وٺڻ کان بهتر آهي ته وساري ڇڏيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪو پهريون وائيس چانسلر به هو.

.اوهان به چوڌاري نهاريو ۽ ڏسو ته ڪيتريون سازشون گڏ هلي رهيون آهن، جن ۾ اوهان شريڪ نه ٿي سگهيا آهيو. اوهان کي ڄاڻ به نه پوندي ۽ اوهان استعمال به ٿي ويندا. اهو ڪمال آهي جيڪو اسان کي ذهني مريض بنايو ڇڏي. هزارين ورهين کان پاڻ سڀئي استعمال ٿيندا آيا آهيون ۽ پاڻ کي احساس به نه ٿيو آهي ته اسان استعمال ٿيندا رهيا آهيون.

.تمام گهڻي دير سان سهي، پر مون کي هاڻ احساس ٿيڻ لڳو آهي ته ڪا تمام وڏي سازش هئي، جنهن ۾ مان شريڪ نه ٿي سگهيس، مان ٻاهر رهجي ويس ۽ سازش وئي پکڙجندي. سچ پڇو ته مون کي افسوس آهي ته مان ڇو ٻاهر رهجي ويس.

. الائجي ڇو مان رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ کي ڏوهه نٿو سمجهان. شرط فقط اهو آهي ته ان ۾ زور بار يا طاقت يا داداگيري جو عنصر شامل نه هجي. دراصل منهنجي سوچ ۾ ڪجهه ڏڦير آهي. مان سدائين کان غلط نموني سوچيندو آيو آهيان، هر ڪا ڳالهه مان غلط نقطه نظر کان ڏسندو رهيو آهيان، در در خوار به ٿيو آهيان، ناڪامي جو عاليشان مثال به ثابت ٿيو آهيان، پر الائجي ڇو مان سڌريو نه آهيان.

.مان منجهي پيس ته ڪالم ڇا تي لکان؟ سو مون تيرٿ کان پڇيو ته مان ڇا ڪريان؟ تيرٿ چيو ته سياست سان تنهنجو ڪو به واسطو ڪڏهن به نه رهيو آهي، سو تون ڦڏي يا ڏچي تي لک ۽ تنهن لاءِ تون پاڻ ڪو ڦڏو يا ڏچو ڳولهه. صاف ظاهر آهي ته اڄڪلهه منهنجي دنيا ڪاوش تائين محدود آهي، جو مان ان اخبار جو صبح سوير کان انتظار ڪندو آهيان ۽ ملڻ تي سموري اخبار ذري گهٽ چٽي ويندو آهيان ۽ ڦڏا ۽ ڏچا به انهيءَ ۾ ڳولهيندو آهيان ۽ هاڻ يونيورسٽين بابت اهو نديم پنهور جو ليک پڙهي وڌيڪ منجهي پيو آهيان. ڪٿي لکيل آهي ان ليک ۾ ته انهيءَ نظام يونيورسٽين ۾ تعليم جو نقصان ڪيو آهي؟ ڪٿي به نه، ته پوءِ شڪايت ڇا جي؟ جيڪڏهن پروفيسرن ۽ آفيسرن جا حق ماريا ويا آهن ته حق ته هوائي هوندا آهن، جي مليا ته واهه ۽ جي نه مليا ته به واهه.

.يونيورسٽيون بند ادارا آهن، انهن ۾ دوستيون نڀايون وينديون آهن، دشمنيون ورايون وينديون آهن. مون کي الياس ابڙو صاحب چوندو هو ته سندس وڃڻ کانپوءِ مون کي يونيورسٽيءَ ۾ دشمنيءَ جا عذاب سهڻاپوندا، پر مان سمجهي نه سگهيس ته ڪهڙي دشمني، ڇا جي دشمني، ڇا جو عذاب. زمانو ٿيو مون کي رٽائر ٿئي ۽ الياس ابڙي صاحب کي فوت ٿئي ۽ هاڻ مان سمجهي سگهان ٿو ته ابڙو صاحب بلڪل صحيح هو. انتهائي خطرناڪ ادارا آهن هي يونيورسٽيون. سچ پچ ته اهي خوشنصيب آهن، جيڪي ها ۾ ها ملائي نوڪري ڪندا آيا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي مون  وانگي عقلمند نٿا سمجهن. اهي بيوقوف آهن، جيڪي ها ۾ ها ملائڻ کي خوشامد ۽ چمچاگيري سمجهندا آهن.

.يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته ڪا به اهڙي جوابداري مٿي تي نه کڻو، جنهن سان اوهان جي پوسٽنگ جو واسطو نه هجي. ماٺڙي ڪري نوڪري ڪريو ۽ ماٺ ميٺ ۾ رٽائر ٿي گهر هليا وڃو. اهو نه ڏسو ته ڪو ٻيو ڇا ٿو ڪري، ڪنهن ٻئي کي ڇا ٿو ملي. اوهان پنهنجي ڪم سان واسطو رکو، هيڏانهن هوڏانهن نه نهاريو. مون يونيورسٽي ۾ عاليشان قسم جا چور به ڏٺا، ٺڳ به ڏٺا، سادا به ڏٺا، چالاڪ به ڏٺا ۽ جاهل به ڏٺا. عبيدالله عباسي (ڊاڪٽر ۽ پروفيسر) مون کي سڳي ڀاءُ جيان ڀائيندو هو. مان ئي مجبورين ڪري پري ٿي ويو آهيان.

haleembrohi@hotmail.com