تاريخي حقيقتون!

 

 

اڱارو 2 جون 2009ع

 

  جيڪڏهن هر هڪ لفظ جي فقط هڪڙي معنيٰ هجي ها ته بحث مباحثو نه هجي ها، جهيڙو جهٽو نه هجي ها ۽ دنگو فساد نه هجي ها. مشڪل اها آهي ته هر هڪ لفظ جون ڪيئي معنيٰ آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ساڳيو لفظ ماڻهو مختلف معنيٰ ۾ استعمال ڪندي بحث مباحثي ۾ پئجيو وڃن ۽ ڳالهه دنگي فساد تائين پهچيو وڃي.

  هرڪو ليکڪ مون جيان عمر ۾ وڏو ٿيندو ويندو آهي ۽ نئين نسل لاءِ ليکڪ ئي نه رهندو آهي. جيڪڏهن مان اڄ ڪنهن ڳالهه لاءِ چوان ته اها ڳالهه ته مون 1985ع ۾ لکي هئي، جا اخبار ۾ ڇپي به هئي ته جواب ۾ نئون نسل چوندو ته اسان نه پڙهي هئي، تنهن ڪري تون ٻيهر لکي ڇپاءِ ائين آخر گهڻا ڀيرا مان ساڳي ڳالهه لکندو رهندس ۽ ڇپائيندو هلندس!

  لطيف يونيورسٽيءَ جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شر جا بيان مون پڙهيا آهن. اهي لاکين جي کوٽائي بابت آهن. جيڪڏهن اوهان جي ٿيوري صحيح آهي ۽ اوهان جي سوچ درست آهي ته حقيقتون جيڪي پوءِ ظاهر ٿينديون سي ضرور ان ٿيوري ۽ سوچ ۾ فٽ ٿي وينديون. مان نٿو ڄاڻان ته ڊاڪٽر نيلوفر شيخ جي ٿيوري ڇا آهي؟ هن وٽ ڪا ٿيوري آهي به يا نه، پر جيڪڏهن هن ميڊم ڌڪو به هنيو آهي ته اهو منهنجي انهيءَ ٿيوريءَ ۾ فٽ ٿيو وڃي، جيڪا مون 1985ع ۾ پنهنجي ڪتاب سنڌ، سنڌي، سنڌي ٻولي، سنڌي ساهت ۾ ڇپائي هئي. اهو ڪتاب ٻن پارٽس ۾ هو، ۽ پهرئين پارٽ جو ديباچو، بنا پڙهڻ جي، ميڊم راشدي لکيو هو. ٻيو حصو هڪ مهيني ۾ ئي شايع ڪيو هوم. اها سيريز مان جاري رکان ها جيڪڏهن سنڌين جي ذهنن تي سنڌيءَ جي پروفيسرن، استادن، ڊاڪٽرن ۽ نالي چڙهيل دانشورن جو هولڊ نه هجي ها.

  اوهان چوندا ته حليم هاڻ ٽرڙو ٿي ويو آهي، سندس ذهن ٿڙي ويو آهي ۽ آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي، پر جتي سنڌيءَ جا ماهر پروفيسر پنهنجا چار ڪتاب پڙهي سڄي سنڌ جي سنڌين تي داداگيري ۽ غنڊا گردي هلائي انهن جا ذهن خراب ڪري رهيا آهن، اتي مون جهڙن جاهلن کي به حق آهي ته انهن نام نهاد سنڌي پروفيسرن جا تڏا ويڙهي، انهن تي پيٽرول هاري، انهن کي تيلي ڏيئي باهه جو مچ ٻاري ڇڏين. ٻين جاهلن بابت مان نٿو ڄاڻان، پر مان اهو جاهل آهيان، جنهن بلڪل اهو ڪيو آهي. مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته سنڌيءَ جا اهي جاهل پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر، ليڪچرر، استاد ۽ ٻيا مسخرا جن سنڌين جي ذهنن تي جهالت جو ٺپو هڻي ڇڏيو آهي ۽ اهي پڻ جن ٻين کاتن ۾ هوندي به سنڌيءَ تي ئي پنهنجي داداگيري مسلط ڪري رکي آهي، انهن سڀني کي اوهان تارازيءَ جي هڪڙي پلڙي ۾ رکو ۽ مون اڪيلي کي ٻئي پلڙي ۾ رکو ته به مان اڪيلو انهن سڀني کي بازار ۾ وڪڻي ايندس. ڳالهه اها ناهي ته مان عقلمند آهيان، ڳالهه اها آهي ته ان جون ضرورتون ڇا آهن ۽ ڪيئن لکجي، هنن فقط سنڌيءَ ۾ لکيل چار ڪتاب پڙهيا آهن، پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر نه نڪتا آهن ۽ اهو ڏسڻ بنان ته سنڌيءَ ۾ اڄ تائين ڪو ائٽلس ئي ڪونهي، سنڌ ۽ سنڌين جي تواريخ بابت ڳالهائيندا ۽ لکندا رهيا آهن. هي اهي آهن، جيڪي ڄاڻن ٿا ته جي ساڳي بڪواس پنجاهه ڀيرا ورجائجي ته ان بڪواس کي ضرور سچ جو درجو ملندو. اوهان سنڌين هنن جي لکيل ۽ اچاريل گند کي سچ جو درجو ڏنو آهي، اوهان ئي هنن جو دماغ خراب ڪيو آهي، اوهان ئي هنن کي تخت تي ويهاريو آهي ۽ هاڻ اوهان جو ئي ڪم آهي ته هنن کي انهيءَ تخت تان لاهي ان تخت کي باهه ڏيئي ڇڏيو.

 لاجڪ، جنهن کي سنڌي ۽ اردو وغيره ۾ منطق چئبو آهي ۽ جيڪو بحث ڪرڻ جي اصولن جو مرڪب آهي، تنهن تي اوهان ڪو سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب ڏٺو آهي؟ بامبي يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ اهو ضرور هو ته يا مئٿس کڻو يا لاجڪ کڻو. اهو زمانو مون کان اڳ جو زمانو هو، پر فلسفو پڙهڻ جي شونق ۾ مان لاجڪ، بحث جا بنيادي اصول به پڙهي ويس، جيڪي منهنجي فطرت ۾ شامل آهن. اهو ئي سبب آهي جو مون کي اوهان جا اهي سنڌي ماهر بلڪل ٻار نظر ايندا آهن ۽ هي مون سان پڄي به نه سگهندا آهن. جا ڳالهه مان ڪرڻ/چوڻ چاهيان ٿو تنهن کان مان پري ٿيندو پيو وڃان، پر ڪي ڳالهيون منهنجي ذهن تي سوار آهن، جيڪي ظاهر ڪرڻ ضروري آهي، انهن ئي سنڌيءَ جي حڪمرانن ۾ ميڊم سحر امداد به هئي، جنهن ۾ گريس ۽ ڊگنٽي هئي. مان سنڌالاجي ۾ هوس، جڏهن مئڊم منهنجين لکڻين تان مون تي چٿرون ڪيون هيون، پر ته به هن ۾ مون لاءِ نفرت يا مون سان حسد نه هو. مون الفابيٽ پئي ڦيرائي ۽ ٻين سنڌي دانن وانگي مئڊم کي به اها ڳالهه مسخري پئي لڳي، پر هن ۾ مون لاءِ نفرت يا حسد نه هو. مون سان نفرت ۽ حسد جو سڄو ٺيڪو جبار جوڻيجي کي مليل هو، جيڪو اها ڳالهه به قبول نه ڪندو ته جوڻيجا، ڌاريجا، ناريجا، ڪوريجا، سميجا، سومرا، سيلاٽا وغيره سڀيئي اصل ۾ راجسٿان کان اڄوڪي سنڌ صوبي واري ايراضي ۾ داخل ٿيا ۽ هنن سڀني جي اصلوڪي ٻولي مارواڙي/گجراتي/ڪڇي/راجسٿاني هئي. اسلام کي هن دنيا ۾ آئي فقط چوڏهن سئو ورهيه ٿيا آهن، تنهن ڪري صاف ظاهر آهي ته هن کان اڳ هندستان (سنڌ ۽ پاڪستان سميت) ۾ رهندڙ سڀيئي ٻين مذهبن جا هئا. مان بروهي آهيان، پر مون کي بروهي ٻولي نٿي اچي تنهن تي مان شرمسار به آهيان، پر اهو مڃڻ ۾ ڪهڙو ڦاهو ٿو اچي جيڪڏهن مان مڃان ته منهنجي ٻولي بروهي آهي؟ جبار ڇو نٿو مڃي ته کيس قانونن مارواڙي ڳالهائڻ گهرجي؟

  ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، ابڙا ۽ اڳ ڄاڻايل ماڻهو سڀيئي راجسٿان مان ئي اڄوڪي سنڌ صوبي جي ايراضيءَ ۾ داخل ٿيا. اهو سلسلو صدين ۾ طئي ٿيو هو. سو اهي ماڻهو راجسٿان ۾ ڪٿان آيا؟ مارواڙي، گجرات، بيڪانير، ڪاٺيا واڙ، ڪڇ وغيره وارا خالي ميدان انهن ماڻهن والاريا، جيڪي ڏاکڻي هندستان کان آيا. اڳي جڏهن مون اهي حقيقتون لکيون هيون، پنجويهه ٽيهه ورهيه اڳ، تڏهن ان ۾ سسٽم هو، طريقو هو، جيڪڏهن اوهان کي اهو طريقو ڏسڻو هجي ته 1985ع ۾ ڊان اخبار سان گڏ  اسٽار اخبار ايندي هئي، اها ڏسو. هن وقت مان اوهان کي ٿلهيون حقيقتون ئي ڏيئي سگهان ٿو. اٽڪل ڏهه هزار ورهيه اڳ ڏکڻ ايشيا ۾ ماڻهو فقط هندستان جي ڏکڻ واري حصي ۾ اتي رهندا هئا، جنهن کي اڄ ڪرناٽڪا رياست چيو ويندو آهي. انهيءَ ڪرناٽڪا رياست ۾ هڪڙو هنڌ هو هالار، (اڄ به سنڌ ۾ هالاري ميمڻ سڃاتا ويندا آهن) جتان ماڻهو اتر ڏانهن وڌڻ لڳا. اهي ماڻهو قبيلن جيان هئا، اهي ئي ماڻهو هئا، جن سمنڊ جي ڪناري تي سورت وٽ لوٿل بيٺڪ ٺاهي جا اڄ به قائم آهي جو هندستان حڪومت پنهنجي ورثي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

 انهيءَ سمنڊ کان اوهان جيڪي وڻيوَ، سو چئو پر مان انڊين اوشن ئي چوندس. اوهان هن کي عربي سمنڊ  به چئي سگهو ٿا. جيڪا ڳالهه مان ڪريان پيو، سا هزارين ورهيه اڳ جي آهي، جڏهن عربن اڃان سمنڊ ۾ ۽ سامونڊي واپار ۾ پير نه پاتو هو، سو سورت جي پاسي ۾ لوٿل واري بيٺڪ کان اهي ماڻهو/قبيلا اتر اولهه پاسي مٿي رڙهندا آيا ۽ هنن ئي آمري ۽ ڪوٽڏيجي واريون بيٺڪون جوڙيون. انهيءَ پاسي ۽ انهيءَ واٽ تي ٻيون به جام بيٺڪون هيون پر انهن جا نالا مون کي ياد نه  رهيا آهن. اوهان فقط لوٿل ياد رکو جو انهيءَ بيٺڪ سنڌين کي منجهايو آهي ۽ سنڌي محقق ان جو نالو به نه ڳنهندا آهن.

 ڏاکڻي هندستان جي اولهه واري سامونڊي ڪناري تي سورت وٽ لوٿل هڪ عجيب بيٺڪ آهي. اها بيٺڪ ئي ڪنجي/چاٻي آهي، موهن جي دڙي واري بيٺڪ جي، ۽ انهن سڀني بيٺڪن جي، جن ۾ علي پور، هڙپهه، ڪاليبنگن ۽ ٻيون به انيڪ بيٺڪون اچيو وڃن. پر پاڻ کي اتي لوٿل وٽ ترسي پهرين هڪ اهم ڳالهه واضح ڪرڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.

  ڇو ته آريا به اتر ۽ اتر اولهه کان آيا، ڇو ته عربن ۽ پٺاڻن جا حملا به اتر ۽ اتر اولهه کان ٿيا، تنهن ڪري هندستان جي اولهاڻي حصي ۾ ڪمزور صفتن تي اهو ئي اثر ويهي رهيو ته هندستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، سو انهن ماڻهن جي ڪري ٿيو، جيڪي اتر ۽ اتر اولهه کان هندستان ۾ آيا. ايتري قدر جو اڄوڪي سنڌ صوبي جا ماڻهو ته هروڀرو زوري عربستان سان وابسته ڪندا آهن. هندستان ۾  آريا ته فقط چار هزار کان به گهٽ ورهيه اڳ داخل ٿيا  هئا. سو تنهن کان اڳ هندستان ۾ ڇا هو ۽ ڪهڙا ماڻهو رهندا هئا؟

  ننڍي هوندي کان ٻڌندا آياسين ۽ دنيا جي ڪتابن ۾ پڙهندا آياسين ته هندستان جا اصلوڪا رهاڪو اڻ آريا هئا، جن تي اتر اولهه کان داخلا ٿيندڙ آريا ڇائجي ويا. صاف ظاهر آهي ته هندستان ۾ اوڀر واري پاسي کان به ڪا خلق داخل ٿيندي وئي هوندي، جو هندستان ۾ اوڀرائي حصي جي ماڻهن جا نڪ نقشا جپان ۽ چين واري پاسي جي ماڻهن سان ملن ٿا. پر پنهنجو تعلق آهي اڄوڪي سنڌ صوبي، پنجاب ۽ راجسٿان سان جيڪي اڄ کان ڏهه هزار ورهيه اڳ خالي هئا ۽ جن کي هندستان جي بلڪل ڏاکڻي حصي ۾ وسندڙ دراوڙ ماڻهن هوريان هوريان اتر ڏانهن چڙهندي پهرين ڪرناٽڪا جو هالام وسايو، پوءِ سورت وارو لوٿل وسايو ۽ تنهن کان پوءِ ٻن ڌارائن ۾ ورهائجي هڪڙي ڌارا سڌو مٿي وڃي ڪوٽڏيجي ۽ آمري ۽ ٻيون بيٺڪون جوڙيندي وڃي موهن جو دڙو واري بيٺڪ ٺاهي ۽ ٻي ڌارا سمنڊ جي ڪناري سان لڳ هلندي اڄوڪي سنڌ صوبي ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارن کي آباد ڪرڻ لڳي. دراوڙ ماڻهن جون اهي ٻئي ڌارائون گجرات، ڪاٺياواڙ، مارواڙ مان ئي لنگهندي اڄوڪي راجسٿان ۾ بيڪانير تائين ڇائنجي ويون.

 ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته اڄوڪي هندستان ۾، ڏاکڻي هندستان سميت ڪرناٽڪا، ممبئي واري رياست، گجرات، ڪاٺياواڙ، اجمير کان وٺي اتر ۾ بيڪانير تائين سڄي راجسٿان ۾ ۽ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ سڀيئي ماڻهو دراوڙ نسل جا آهن ۽ هنن مان ڪجهه قبيلن کي غلط فهمي آهي ته هو آريا يا عرب نسل جا آهن. دراوڙ ته سڄي هندستان ۾ هونئن ئي ڇانيل هئا، پر آريا ته فقط ٽي چار هزار ورهيه اڳ آيا هئا. عربن کي هندستان ۾ آئي فقط هزار ورهيه به نه ٿيا آهن.

  انساني فطرت تمام ڪمزور آهي، جنهن پاسي قوت ڏسندا تنهن پاسي ٿي ويندا ۽ هنن ۾ ضم ٿيڻ لاءِ پنهنجي اصليت تان ئي هٿ کڻي ويندا. جڏهن آريا ماڻهن اچڻ شروع ڪيو ته هنن جا ڊگهي قد ۽ اڇي رنگ هنن دراوڙن جي ذهنن کي مجبور ڪيو ته پهرين هنن ۾ گهڙن ۽ پوءِ پاڻ کي به آريا سڏائين. نه فقط ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، ڪڇي، گجراتي، ڪاٺياواڙي، مارواڙي دراوڙ آهن. پر سنڌ ۾ آيل بروهي، بلوچ، راجسٿاني ماڻهو جهڙوڪ سومرا، ناريجا، ڌاريجا، ڪوريجا، جوڻيجا ۽ انيڪ ٻيون قومون سڀيئي دراوڙ آهن. ست اٺ سئو ورهيه اڳ جڏهن عربن به اچڻ شروع ڪيو ۽ هنن جي هٿ ۾ ڏنڊو هو ته هتان جي هر هڪ قوم ڪنهن نه ڪنهن نموني يا ڪنهن نه ڪنهن بهاني پاڻ کي عربن سان ڳنڍيندي وئي. بروهي به چوڻ لڳا ته هو عربستان کان آيا آهن ۽ امير حمزي جي نسل مان آهن، حالانڪه بروهي ٻولي جا اکر ڏاکڻي هندستان جي ٻولي تيلگو سان تمام گهڻي مشابهت رکن ٿا. ميمڻ ته سولائيءَ سان مومن سڏائڻ لڳا، جيتوڻيڪ هالاري ميمڻ وڏي انگ ۾ سنڌ ۾ موجود آهن. جوڻيجا، ناريجا وغيره اصليت لڪائڻ لاءِ پاڻ کي هروڀرو ۽ زوريءَ سنڌي سڏائڻ لڳا ۽ ضد ڪرڻ لڳا ته سندن ٻولي هزارين ورهين کان سنڌي آهي، جيتوڻيڪ سنڌيءَ ۾ لفظن جي ڀرمار گجراتي، مارواڙي، بروهي، بلوچي، سرائڪي، ڍاٽڪي ۽ ٻين اهڙين ٻولين جي لفظن جي آهي، جيڪي ڏاکڻي هندستان کان آيون. ٻولين جي تحقيقات ۽ هندستان جي ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ مهرباني ڪري رشيا ۾ ڇپيل اهي ڪتاب پڙهو، جيڪي USSR جي زماني ۾ اتي ڇپيا، يا گهٽ ۾ گهٽ بامبي گورنمينٽ جا اهي ڪتاب پڙهو، جيڪي لوڪن ۽ قبيلن جي اصليت بابت ڇپايل آهن ۽ سنڌالاجي ۾ موجود آهن.

 ڇو ته ماڻهن جو وهڪرو ڏکڻ هندستان کان اتر ڏانهن هليو، تنهن ڪري اهي بيٺڪون/ماڳ جيڪي ڏکڻ ۾ آهي، سي اتر وارن بيٺڪن ۽ ماڳن کان آڳاٽا آهن. لوٿل واري بيٺڪ موهن جي دڙي واري بيٺڪ کان گهڻو وڌيڪ آڳاٽي آهي، جو اهي لوٿل ٺاهيندڙ ماڻهو ئي هئا، جن اڳتي موهن جو دڙو واري بيٺڪ جوڙي، اهو ئي سبب آهي جو موهن جي دڙي واري بيٺڪ ۽ لوٿل واري بيٺڪ ۾ تمام گهڻي مشابهت آهي ۽ انهيءَ حساب سان لاکين وارو معاملو ته ڪنهن حساب ڪتاب ۾ ئي نٿو اچي.

  سنڌ صوبي وارن تواريخ کي ابتر ڪري پڙهيو آهي. اتر ۽ اتر اولهه کان ڏکڻ طرف پڙهڻ بجاءِ هندستان جي تواريخ کي ڏکڻ کان اتر ۽ اتر اولهه طرف پڙهڻ گهربو هو. اهو ڪاٺياواڙ هو، جنهن جو ثقافتي ۽ واپاري اثر موهن جي دڙي تي هو. لوٿل پهرين هو، موهن کي لوٿل جنم ڏنو. لاکين واري آکاڻي گهڻو پوءِ جي ڳالهه هوندي.

 مون انهن ڳالهين بابت انگريزي اخبارن ۽ پنهنجن سنڌي ڪتابن ۾ ايترو ته گهڻو لکيو آهي جو هاڻ منهنجو ارواح انهن ڳالهين تان اٿي ويو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ تمام گهڻن ماڻهن جو دماغ ايترو ته خراب آهي جو اڃا تائين هنن جو پرچار آهي ته هو يا ته عربستان کان آيا يا وري عربن جو اولاد آهن، جيتوڻيڪ عربن کي وساري هنن کي حقيقتون قبول ڪرڻ گهرجن.

haleembrohi@hotmail.com