مختصر

 

 

سومر  2 فيبروري 2009ع 

 

 

.جنهن جي لکت ۾ باهه واري تيزي ۽ تکائي ناهي، تنهن وٽ لکڻ لاءِ ڪو مواد ئي ناهي. ٿڌائي ۽ پيار سان لکڻ آهي ٿڌا شوڪارا ڀرڻ ۽ اهو آهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل پاڻ پنهنجو دهل وڄائي پاڻ ئي ان جي ٿاپ تي عورتن وانگي ٻه ڏسڻيون آڱريون مٿي ڪري شادين ۾ نچڻ.

.هاڻوڪي سنڌ صوبي جي عالمن کي اها ڄاڻ به ناهي ته هاڻوڪي سنڌ صوبي جا ڪهڙا ضلعا ڪيترا ڀيرا ڌار ڪري بلوچستان حوالي ڪيا ويا هئا ۽ بلوچستان جا ڪهڙا ضلعا ڪيترا دفعا سنڌ جي حوالي ڪيا ويا هئا. اها انگريزن جي ايڊمنسٽريشن هئي، جنهن جو ذڪر يا فڪر سنڌي تواريخ نويسن پنهنجن مختصر تواريخن ۾ نه ڪيو آهي. سنڌي تواريخ نويس جڏهن به سنڌ بابت تواريخ لکندا آهن ته ان جو نالو سنڌ جي مختصر تواريخ رکندا آهن. هنن مان ڪنهن به اڄ تائين سنڌ جي مڪمل تواريخ نه  لکي آهي. ان جا ٻه سبب آهن: هڪڙو ته، هنن کي ڪا ڄاڻ ئي ناهي ۽ ٻيو ته جي ڪو سچ پچ مڪمل تواريخ لکي ڇڏي ته انهن مختصر سنڌي تواريخن بابت ثابت ٿي ويندو ته انهن جو بنياد جهالت ۽ اڌوري ڄاڻ تي رکيل آهي. هنن مختصر قسم جي عالمن کي ڄاڻ ئي ناهي ته سنڌ جي تواريخ ڪٿان ۽ ڪڏهن شروع ٿي، ڪيئن ۽ ڇو بدلجندي رهي ۽ هاڻ جنهن حال ۾ آهي، تنهن ۾ ۽ تنهن تائين ڪيئن پهتي.

.ساڳيو حال سنڌ جي ادب جو ڪيو ويو آهي. رڳو سنڌي ادب جي مختصر تاريخ تي زور آهي، سنڌي  ادب جي مڪمل تاريخ جو نالو نشان ئي ڪونهي. هنن مختصر تواريخ نويسن سان مشڪل اها آهي ته جي سنڌي ادب جي مڪمل تواريخ الف کان ي تائين ٿي لکجي ته هنن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتب آيل الف بي جي سنڌيت تان ئي هٿ کڻڻو ٿو پوي ۽ انگريزن جي جوڙيل ڪاميٽي طرفان 1845ع ۾ ٺاهيل اکرن کي سنڌي اکرن جو ابو ڏاڏو قبول ڪري پنهنجي عالمي سنڌي شهرت تان هٿ کڻڻو پوندو.

.مون سنڌي ادب جي هڪڙي ماهر مختصر تاريخ نويس کان پڇيو ته، تو مختصر تاريخ ڇو لکي آهي ۽ ڇو مڪمل تاريخ نه لکي آهي؟ سندس جواب فرسٽ ڪلاس هو، چيائين ته، گهڻيئي واقف ۽ ليکڪ دوست پڇندا آهن ته مون ان ڪتاب ۾ سندن نالا ڇو شامل نه ڪيا آهن، ته مان کين چوندو  آهيان ته هيءَ مختصر تاريخ آهي، جڏهن مڪمل تاريخ لکندس ته تڏهن ان ۾ هنن جا نالا هوندا.

.مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته جن جو ڪم ئي فقط سنڌي لکڻ، سنڌي پڙهڻ، سنڌي پڙهائڻ ۽ سنڌي سان وابسته ڳالهين سان رهيو آهي، سي نوڪريءَ جا چاليهه سال ڇا ڪندا رهيا آهن؟ مان سندن جاءِ تي هجان ها ته ضرور ڪو وڏو گند ڪريان ها ۽ خوار خراب ٿي نڪران ها. جي مان ڪنهن ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ هجان ها ته اتي به ڪجهه اهڙو ئي گند ڪريان ها. منهنجا نصيب ئي ڪجهه اهڙا آهن، ڌڪا ٿاٻا کائيندو رهيو آهيان ۽ شايد کائيندو ئي رهندس. غلط قدم کڄي ويندو آهي، ڄاڻي ٻجهي نه کڻبو آهي. غلطي ٿي ويندي آهي، ڪبي ڪانهي.

.ڪنهن زماني ۾ مون کي ڌڪاريندڙ لکين سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي هزارن ۾ ٿيا آهن. مون کي ذاتي طرح ڌڪارڻ لاءِ ماڻهن وٽ هزارين ذاتي سبب آهن پر منهنجي ڪنهن به ڪيل ڪم کان نفرت ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪڙي فرد وٽ به ڪو غير ذاتي سبب ناهي. مون جن جو نقصان ڪيو، انهن کان مون معافي ورتي. جيڪي رهجي ويا، تن کي ڳولهيان پيو. ڪنهن ڏينهن مان اوهان کي چوندس ته ٿورو ماٺ ڪريو ته مان سمهي وٺان ۽ پاسو ورائي مري ويندس.

.منهنجي دل تي ٻه ڌڪ اهڙا لڳا جو منهنجي يادگيري اٽڪل ڇهه مهينا غائب ٿي ويئي. مون کي نالو ياد نه پئي آيو، پر اڄ ڪنهن دوست مولائي شيدائي جو نالو ورتو ۽ مون کي امر جليل جون ڳالهيون ياد ڏياريون. مان امر جليل جو احسانمند آهيان، جنهن منهنجو ۽ مولائي شيدائي جا نالا ساڳي ڳالهه ۾ ورتا. مان ته سولو شڪار آهيان،  پر هاڻي هي نالي چڙهيا شڪاري امر جليل کي منهن ڏين. مون ڪنهن زماني ۾ مولائي شيدائي جا ڪتاب ڏٺا هئا، پر پڙهيا نه هئم.

.جيڪي مون تي تنقيد ڪندا آهن، تن کي گهرجي ته پهرين ديوناگري سکن ته سمجهه ۾ اچين ته ساڄي کان کاٻي لکڻ ۽ کاٻي کان ساڄي لکڻ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي ۽ ڇو انگريزي ۽ ديوناگري لکڻ سولو آهي، چڱو ٿو لڳي. پر سنڌي لکندڙن ۽پڙهندڙن جي فطرت ۾ ئي ناهي ته هو ڪا نئين ڳالهه سکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.

.لکڻ  لاءِ هزارين ڳالهيون آهن، پر جي سڀ ڪجهه لکي ڇڏيم ته ٻئي ڪالم لاءِ ڇا بچندو؟ هر ڪو ليکڪ پنهنجي حياتي ۾ ڪو گند ضرور ڪندو آهي، ڪو ليکڪ اهو گند لڪايو ڇڏي ته ڪو ليکڪ مون وانگي ڦاٽيو پئي. ڪو ليکڪ گند نه به ٿو ڪري ته مون وانگي ڪنهن گند ۾ ڦاسيو پئي.

haleembrohi@hotmail.com