عجيب ڌاريو

 

 

ڇنڇر 30  آگسٽ  2008ع 

 

                 شهرن جي گهما گهميءَ کان پري ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنهن ۾ سک، چين ۽ ماٺ جو واسو هو، هڪڙي ننڍڙي گهر ۾ هڪڙا زال مڙس رهندا هئا، هڪڙي ڏينهن در جي کڙڪي تي ڏٺائون ته هڪڙو ڌاريو پٺيءَ تي  ڪا ڳري ڳوڻ کنيو بيٺو آهي، جنهن چيو ته منهنجي هي ڳوڻ رکو جا مان ڳوٺ ۾ پنهنجو ڪم ڪار لاهي اچي کڻي ويندس، زال ۽ مڙس چيو ته ڀلي رکي وڃ، ڌاريو اها ڳوڻ گهر ۾رکي هليو ويو. اهو ڌاريو ان ڏينهن نه وريو ۽ ٻئي ڏينهن به نه آيو، سڄو هفتو نه آيو ۽ پوءِ سڄو مهينو نه آيو. اها ڳوڻ گهر ۾ اتي ئي رهي جتي اهو ڌاريو رکي ويو هو، پر هو پاڻ سڄو سال نه آيو، ائين ٻيو سال به گذري ويو.

هڪڙي ڏينهن زال مڙس صلاح ڪئي ته ڏسجي ته ان ڳوڻ ۾ ڇا آهي، ڳوڻ کولي جو ڏٺائون ته ان کي سونن سڪن سان ڀريل ڏٺائون، گهٻرائجي ڳوڻ بند ڪري فڪر ۾ پئجي ويا. وقت ويو گذرندو، پر اهو ڌاريو نه وريو.

سخت غربت کان مجبور ٿي هڪڙي ڏينهن زال مڙس پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڳوڻ مان فقط هڪڙو سونو سڪو ڪڍي وڪڻي پنهنجو ڏکيو وقت گذارجي ۽ هٿ کلڻ تي اهو سونو سڪو وٺي موٽائي ڳوڻ ۾ رکجي، سو هنن ڳوڻ مان هڪڙو سونو سڪو ڪڍي وڪڻي ڇڏيو ۽ سندن غريب گهر ۾ خوشحالي اچي وئي، اها هئي شروعات. ڪجهه  وقت کانپوءِ هنن ٻيو سڪو ڪڍي وڪيو ۽ پوءِ ٽيون سڪو وڪيائيون. پهرين ته زال مڙس پاڻ سکيا ۽ آسودا ٿيا، پوءِ جيئن جيئن ٻيا سڪا وڪڻندا ويا تيئن تيئن ڳوٺ به سکيو سهنجو ٿي ننڍڙو شهر ٿي ويو ۽ سونن سڪن جي دولت جي ريل پيل ڪري ڳوٺ وڏو شهر ٿيندو ويو ۽ شهري ماحول ۾ سمائجي ويو. زال مڙس هوريان هوريان سڪا وڪڻندا ويا ۽ پاڻ به وڏا ماڻهو ٿي ويا ۽ اهو ڳوٺ به وڏي گهما گهمي وارو وڏو ڪاروباري شهر ٿي ويو، اها سونن سڪن سان سٿيل ڳوڻ وڏي هئي ۽ اهو ڌاريو ڪڏهن نه وريو. اها آکاڻي آمريڪي ليکڪ مارڪ ٽئين جي لکيل آهي، جنهن جو نالو مسٽيرئس اسٽرينجر ۾ (Mysterious Stranger). اوهان جو خيال هوندو ته اها آکاڻي اڌوري لکيل آهي، پر ائين ڪونهي. اها آکاڻي مڪمل آکاڻي آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن لاءِ پرولي آهي ته آخر اهو ڌاريو ڪير هو، جيڪو سونن سڪن سان ڀريل ڳوڻ ڇڏي پاڻ ڪڏهن نه موٽيو؟ ڇا اهو ڌاريو ڪو فرشتو هو، جنهن انهن غريب زال مڙس جي غربت ختم ڪري ڇڏي ۽ سڄي ڳوٺ جي ماڻهن کي سکيو سهنجو ڪري شهر کي گهماگهميءَ ۾ آڻي ڇڏيو؟ ڇا اهو شيطان هو، جنهن سونن سڪن سان ان ننڍڙي ڳوٺ جو سک چين ۽ امن امان برباد ڪري ان کي شهري زندگي جي لالچ، حرص، حوس، چوري، چڪار، چالاڪين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو؟ ڇا هو فرشتو هو، جنهن هن غريب زال مڙس جي قسمت بدلائي کين سکيو ۽ ڌنوان دولت مند ڪري ڇڏيو، يا هو شيطان هو جنهن هن سادن زال مڙس کي حرص ۽ حوس جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟

ظاهري طرح اها آکاڻي اڻپوري آهي، پر مارڪ ٽئين معمولي ليکڪ نه هو. هن کي وڏي ڏات هئي. اها آکاڻي پاڻ پنهنجن سوالن جو جواب آهي. مارڪ ٽئين ٻڌائي ٿو ۽ ڏيکاري ٿو ته فرشتو ۽ شيطان ساڳئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. هڪڙي نقطهءِ نظر کان ڏسبو ته اهو ڌاريو فرشتو نظر ايندو ۽ ٻئي نقطهءِ نظر کان ڏسبو ته هو شيطان نظر ايندو. اوهان چوڌاري ڏسو هر هڪ ماڻهو ۽ هر هڪ ڪم فرشتي ۽ شيطان جي الڳ الڳ دائرن ۾ رکي سگهجي ٿو.  مارڪ ٽئين جي آکاڻي ٿي ختم، پر مون کي احساس آهي ته مان هن ليک ۾ مارڪ ٽئين جو روح نه ڦوڪي سگهيو آهيان.

مون کي حيرت ٿي اهو ٻڌي ته سنڌ يونيورسٽي جي سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جي رٽائرڊ پروفيسر سائين غلام رسول شاهه  جي ڇهن پٽن مان ڪو به سنڌ يونيورسٽي ۾ ڀرتي نه ٿيل  آهي. مون کي ياد آهي ته سائين ڊاڪٽر الانا صاحب منهنجي  ٻار جي نوڪري جي درخواست تي هڪڙي منٽ ۾ اپائنٽيڊ لکيو هو. شايد قائدا قانون ۽ وقت بدلجي ويا آهن. منهنجو ٻن ڪمرن جو گهر بلڪل فٽ پاٿ تي آهي ۽ ٻه ڏاڪا جيڪي منهنجي در تائين اچن ٿا، سي ڪجهه اهڙا آهن جو هر ڪنهن واٽهڙو جي هروڀرو به مرضي ٿيندي ته منهنجو در وڄائي ۽ مان ويٺو به در وٽ هوندو آهيان، تنهن ڪري پاڙي ۾ ڪير ڪٿي رهندو آهي بابت پڇڻ لاءِ هرڪو ڌاريو منهنجو در وڄائيندو آهي. اڳي مون لاءِ اهو ويل هو ۽ مان ڇتو ٿي پوندو هوس، پر هاڻ مان کلي پوان ٿو جو مان ٻڌي نٿو سگهان. هاڻ سوال پڇندڙ بيوس ٿيو وڃن. شاباس هجي فيض کوسي کي جنهن منهنجي ٻوڙاڻ برداشت ڪري به مون کان ڪي ٽي اين لاءِ انٽرويو ورتو هو.

هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي، مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته جنهن جو انٽرويو وٺبو آهي تنهن کي ڇو پيسا نه ڏبا آهن، جي هو اهڙو غير اهم آهي جو پيسا نه لهي ته هن جو انٽرويو ڇو ورتو ويندو آهي!؟ مان پنهنجي ڳالهه نه پيو ڪريان، مان ته  ڏهه انٽرويو مفت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مان ته واجهائيندو آهيان ته ڪو مون کان انٽرويو وٺي، انٽرويو ڏيڻ ۾ فائدو هي آهي ته لکڻ جي محنت نٿي ڪرڻي پوي، نقصان هي آهي ته پيسا نٿا ملن.

هر ڪنهن کي فڪر آهي ته ملڪ جو ڇا ٿيندو، بادشاهه به گهڻو وقت حڪومت ڪري آخر بيزار ٿي چاهيندا آهن ته ملڪ ختم ٿئي ته سندن جند ڇٽي، اڳي معاملو سولو هو، ڪڏهن خلجي حملو ڪري ايندا هئا ته ڪڏهن غوري حملو ڪري ايندا هئا، گهڻو اڳ آريا به ايتري گهڻائيءَ ۾آيا جو سڄو هندستان هيٺ مٿي ٿي ويو، نادر شاهه جي ڪاهه ته تاريخ جو سونهري حصو آهي، پر اڄوڪو زمانو مختلف آهي، هاڻي ماٺيڻا هوائي جهاز اچي بمباري ڪري هليا ويندا آهن ۽ ڪو به نادر شاهه ظاهر نه ٿيندو آهي. جيستائين پاڻ وٽ ڪالا باغ ڊيم جي ڊگڊگي هئي وڄائڻ لاءِ تيستائين پاڻ کي فڪر نه هو ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ هاڻ جڏهن اسان کان اها ڪالاباغ ڊيم واري ڊگڊگي کسجي وئي آهي ته اسان پريشان ٿي ويا آهيون ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ پاڻ کي گهرجي ته وري ڪالا باغ قسم جي ڪا ڊگڊگي وڄائي پنهنجي دل خوش ڪريون.

پر هن ملڪ جو آخر ڇا ٿيندو؟ انگريزيءَ ۾ ڪيلي کي چئبو آهي بنانا ۽ بنانا ڪنٽري چئبو آهي، اهڙي ملڪ کي جنهن جي حاڪميت ۾ پختگي نه هجي. هي ملڪ بنانا ڪنٽري ناهي، هن جي حاڪم جماعت تمام وڏيون قربانيون ڏيئي حاڪميت ۾ آئي آهي. ملڪ ۾ جيڪي به مسئلا آهن سي اڄڪلهه سڄي دنيا جا مسئلا آهن. سرحدن تي جا بندوقبازي ٿي رهي آهي، سا دراصل ڦٽاڪن جي راند آهي، چوڌاري جيڪي ملڪ آهن تن سان تعلقات سٺا آهن، سو فڪر ڇا جو؟ اشفاق آذر جو سوال آهي ته ملڪ جا حاڪم ڇو پنهنجون ميٽنگون ملڪ کان ٻاهر ڪندا آهن، جواب آهي ته هي ملڪ بنانا ڪنٽري ناهي، صدر مشرف ڪا به ميٽنگ ملڪ کان ٻاهر نه ڪئي هئي. اشفاق کي اها ڄاڻ به ناهي ته ملڪ جو حاڪم ڪير آهي ۽ حاڪميت ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهي، في الحال آئون سنئون سڌو پرويز مشرف جي پاسي آهيان. نالو ته مون کي ياد ڪونهي، پر ايجپٽ ۾ ڪو يهودي ڪلارڪ هو، جنهن فقط ڏهه شاعرانه ڪهاڻيون لکيون هيون، جن مان هڪڙيءَ جو مطلب عجيب آهي. شهر جا سڀئي ماڻهو فوج ۽ حاڪم سميت شهر خالي ڇڏي شهر کان ٻاهر اچي سامهون ڏسندي وحشين جي انتظار ۾ صبح سوير کان بيهن ٿا. ڏينهن تپجي ٿو وڃي پر هو وحشين جي اچڻ جي انتظار ۾ سامهون تڪيندا ٿا رهن ۽ بي چين ٿيندا ٿا وڃن. سج لهڻ وقت تائين هو نااميد ٿي ڳرن پيرن سان شهر ۾ موٽي ٿا وڃن. پوءِ شاعر ٿو پڇي ته وحشي ماڻهو جو نه آيا ته هاڻ انهيءَ شهر جي نجات ڪيئن ٿيندي؟ سو مان اوهان کان ٿو پڇان ته جي سرحدن تي اها ڦٽاڪي بازي بند ٿي وئي ته پوءِ پاڻ اخبار ڇو پڙهنداسين ۽ ٽي وي ڇو ڏسنداسين؟ فيض احمد فيض کان ڪنهن اخبار گهري، فيض ٻڌايس ته هو اخبار نه گهرائيندو آهي، نه اخبار پڙهندو آهي. هن ماڻهو حيران ٿي چيس ته اخبار ته ضرور پڙهڻ گهرجي، فيض احمد فيض ڪنڌ ڌوڻيندي چيو ته ها، ڪڏهن ڪڏهن ڏسي وٺڻ گهرجي.