زمانو ۽ زمانا

 

 

اربع  29  آڪٽوبر   2008ع 

 

      ! مان جو بيڪار ٿي ويس، تنهن ۾ ڏوهه زماني جو هو.

      !  اسان وارو زمانو ئي غلط هو، هر ڪنهن کي شونق هو، فلسفي ۽ جينيس ٿيڻ جو. ڪو خليل جبران پڙهندو هو ته ڪو ارسطو، فرسطُو، يا سقراط پڙهندو هو. هڪڙو گروهه اهڙو به هو، جنهن ٺيڪو کنيو هو آڪسفورڊ انگريزي ڊڪشنري سڄي بر زبان ياد ڪرڻ جو. مون انهيءَ گروهه جي ڪجهه شاگردن کي ڪاليج جي زماني کانپوءِ پان کائيندي ۽ اڙدو جي خوفناڪ قسم جي شاعري ڪندي ڌٺو. اهو زمانو ئي اهڙو هو، جنهن ۾ مان ننڌڻڪو ٿي ويس، جو اهڙي زماني ۾ اڪيلو هجڻ ۽ اڪيلو رهڻ ذهني سلامتيءَ لاءِ خطرناڪ هو. منهنجو ڪو گروهه نه هو، ڪو ساٿي نه هو ۽ ڪو به سنگتي نه هو، ڇو ته منهنجي داخلا فلسفي ۾ هئي، تنهن ڪري مون تي اجايو ۽ خوامخواهه فلسفي جو ليبل لڳل هو، جيتوڻيڪ مون ارسطو، فرسطو ۽ سقراط وغيره ڪڏهن به نه پڙهيا.

!  انهيءَ زماني ۾ ٻي خوفناڪ شئي، جا اڀري رهي هئي، سا هئي روسي اديبن جون لکڻيون. روسي ناول هوريان هوريان ڇائنجي رهيا هئا. مان انهن ڳالهين کان پري هوس ۽ حيرت ۽ احساس ڪمتريءَ سان زماني کي ڏسندو هوس. اهو زمانو سڄي جو سڄو ۽ سمورو غلط هو، خلقت جي وڏي لوڌ شاعر ۽ ليکڪ ٿي وئي، اهو انسانن جو وڏي پيماني تي زيان هو.

!  تنهن کانپوءِ جو زمانو بدليو ته مارڪس جو فلسفو پاڙون وٺڻ لڳو، انهيءَ فلسفي جو ارسطو ۽ فرسطو جي فلسفي سان يا ارسطو جي منطق سان ڪو به تعلق نه هو، اهو اقتصاديات (ايڪانامڪس) جو هڪڙو بنيادي زاويو هو. اهي سڀئي ڳالهيون مان پري کان بنا ڪجهه سمجهڻ جي ڏسندو هوس ۽ بيزار ٿيندو هوس، جو مون کي غلط يا صحيح نموني ارسطو وارا منطق (لاجڪ) وڻندا هئا.

! انهيءَ هڪڙي زماني ۾ ڪيئي زمانا هئا، جيڪي مون تي عمل ڪري مون کي احساس ڪمتريءَ جو شڪار ڪندا رهيا. پاڪستان جي ٺهڻ ڪري جا خلق حيدرآباد ۾ ۽ ڪاليجن ۾ گڏ ٿي وئي هئي، سا آفيسرن جي اولاد جو وجود کائي وئي، مان ننڌڻڪو ٿي ويس. جي مون ايم اي نه ڪئي ته منهنجو ڏوهه نه هو، جي مون ڌيان ۽ خيال سان پڙهائي نه ڪئي ته  ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو، جي مون تميز واري ڪا نوڪري نه ڪئي ته ان ۾ به منهنجو ڏوهه نه هو. مان هيسيل ۽ ڊنل هوس، منهنجي ان زماني ۾ سمايل سڀيئي زمانا انهن لاءِ خوشبخت هئا، جيڪي سماجي طرح ڪشمڪش ۽ جدوجهد ۾ هئا، مان مارجي ويس.

! حقيقت  مڃڻ ۾ ڪو به عار نه هجڻ گهرجي. زماني ۽ زمانن جي گردش ۽ عملن منهنجو ذهن ائبنارمل ڪري ڇڏيو. جا نوڪري مون سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪئي، سا تماشو هئي. مون جا وڪالت ڪئي هئي،  سا به هڪ تماشو هئي. زماني ۽ زمانن جي اعمالن مون کي اهڙو اپاهج ڪري ڇڏيو، جو مان پنهنجي گهر ۽ ٻارن جي پڙهائي جي باري ۾ به ڪا احساس برتري رکي سگهان. هڪڙو گٽر هو، جنهن ۾ مان وهندو هليو آهيان. جي هاڻ ڪٿي مون کي واهه واهه ٿي ملي ته منهنجون اکيون ڀرجيو اچن، سڀ غلط آهي، سڀ ڪجهه غلط آهي، فقط حسن علي عبدالرحمان گرانٽ/ ايوارڊ صحيح آهي، جو صحيح رخ کان ۽ صحيح شخصيتن طرفان آيل آهي. شايد منهنجا ڏينهن بدلجڻ لڳا آهن، شايد زمانو آرس ڀڃي رهيو آهي.

! انهن سڀني زمانن جي هلندي ۽ انهن سڀني زمانن سان گڏ، هڪڙو اهڙو گندو ۽ تمام ڊگهو زمانو به هليو، جيڪو منهنجي دل جي وس کان ٻاهر هو. سڄو معاملو دل جو هو ۽ اهو زمانو اڄ مان ڄاڻان ٿو ته سڀني زمانن کان وڌيڪ منحوس هو. مون جيڪي ڪجهه لکيو، تنهن جون بنيادون انهيءَ زماني ۾دفن ٿيل آهن، جي اوهان کي منحوس ٿيڻو آهي ته اڄ ئي ڪو عشق ڪريو. عجيب ڳالهه اها آهي ته مان بدڪردار ڪڏهن به نه هوس، فقط بيوقوف ۽ ٿورڙو گڏهه هوس.

! فيصلا ٿيندا آهن، ماڻهوءَ جي مرڻ کانپوءِ. ماڻهوءَ جي مرڻ کانپوءِ ڄاڻ پوندي آهي ته ڪير ڪيترو غلط يا صحيح هو. ماڻهوءَ جي لياقت ۽ اهميت جي ڄاڻ به موت کانپوءِ ظاهر ٿيندي آهي. مون بابت فيصلو ڪرڻ/ٿيڻ تائين اوهان به انتظار ڪريو ۽ مان به انتظار ٿو ڪريان.

! انهن زمانن هلندي مون هڪڙي نجوميءَ کان پنهنجي قسمت بابت پڇيو هو. هن چيو ته، بند آهي . مون سندس مطلب نه سمجهيو هو، جو مون کي نجوم جي ڄاڻ نه هئي. اڄ جڏهن مان نجوم ڄاڻان ٿو ته تڏهن اهو به ڄاڻان ٿو ته نجوميءَ جو مطلب هو ته منهنجا نصيب بند آهن. ٻيو نجومي منهنجو پيءُ هو، جنهن مون کي چيو هو ته، تون وڏو بدنصيب آهين. بابا نجوم نه ڄاڻندي به وڏو نجومي هو، اهو سڄو زمانو خراب ۽ بدنصيبي جو هو.

! حياتيءَ کي جي مان زمانن ۾ ورهايان، جيئن هتي مون ڪيو آهي، ته اها وڏي غلط ڳالهه ٿيندي. سڄي حياتي هڪڙو ئي ڊگهو زمانو آهي، جنهن جي پڇاڙي ٻڍاپو آهي. زماني جي انهيءَ پڇاڙي ۾ ٽهڪ وسريو وڃن ۽ هڪڙي ننڍڙي سفر تي روانو ٿيڻ جي تياريءَ ۾ گنڀيرتا چهري تي ڇائنجيو وڃي.