مرڻ ۽ جيئڻ

 

 

آچر 24  آگسٽ  2008ع 

 

منهنجي مرڻ تي فقط اهو هڪڙو ماڻهو خوش ٿيندو، جنهن کي يقين آهي ته هو پاڻ نه مرندو. اوهان جو خيال هوندو ته مان اها سهڻي سٽ لکي ويس. اها سٽ ساڍا ڇهه سئو ورهيه اڳ عمر خيام لکي ويو هو. منهنجا هٿ ڪجهه غور سان ڏسو،  اهي منهنجا هٿ فقط ڪجهه گهرڻ لاءِ اڳتي وڌندا آهن، منهنجا کليل هٿ فقط پنڻ لاءِ ۽ ڪجهه گهرڻ لاءِ اڳتي وڌندا آهن، ڏيڻ وارو فقط الله آهي. پر الله جا رنگ نرالا آهن،  جو هو ڏيندو آهي ته فقط بندن معرفت، منهنجي نالي وڌيل هٿ تي ڪو بندو  ئي ڪجهه رکندو آهي، اهو آهي ڪمال قدرت جو، جيڪو مون انڌي کي ايڪهتر ورهين جي عمر ۾ نظر آيو آهي.

اکيون ته آهن اکيون، ڪڏهن هيڏانهن ڪڏهن هوڏانهن اٿيو وڃن، ڪڏهن هيڏانهن ڪڏهن هوڏانهن ٿڙيو وڃن. ذهن سان به ساڳي ڪار آهي، ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن کسڪيو وڃن. مون لاءِ چيو ويندو آهي ته مان بدنيت آهيان، سو ته مان آهيان، جي بدنيتي نه هجي ها ته  اهو لفظ نيت ڊڪشنريءَ ۾ ئي نه هجي ها. مان بداخلاق به هوس ۽ آهيان ۽ بدنصيب به آهيان، جي اهو لفظ بد نه هجي ها ته نصيب به نه هجي ها ۽ اخلاق به نه هجي ها، بحث ڪبو ته اها ڊگهي آکاڻي ٿي ويندي، جا اوهان کي هلاک ڪندي.

جڏهن عشق جي ضرورت نه هئي ته سوين عشق هئا، هن خطرناڪ ٻڍاپي ۾ جڏهن عشق جي ضرورت آهي، روح کي ته عشق جونالو نشان نظر نٿو اچي. هلڪي اميد آهي ته ڪٿان ڪا اچي هٿ جهلي چوندي ته، هل ۽ مان هليو ويندس. مان موت جي ڳالهه پيو ڪريان، دنياداري پراڻي ڳالهه ٿي وئي آهي.

ڪامياب ماڻهو اجايا آهن، سڄو تجربو ناڪام ماڻهن وٽ هوندو آهي. جي ڪا هوٽل هلائڻي آهي ته ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کان صلاحون وٺو، جيڪو هوٽل هلائڻ ۾ ناڪام ٿيو هجي، جو هو بهتر ٿو ڄاڻي ته هوٽل جو ڌنڌو  ڪهڙن سببن ڪري ناڪام ٿيندو آهي ۽ هو پاڻ ڇو هوٽل نه هلائي سگهيو هو. ساڳي ڳالهه سڀني ڌنڌن  سان لاڳو آهي. چڱو خاصو پاپولر ليکڪ هجڻ باوجود به مان پيسي ۽ حيثيت ۾ ٻين ليکڪن کان تمام گهڻو  پوئتي رهجي ويو آهيان، تنهن ڪري مان پاڻ کي ناڪام ليکڪن ۾ ڳڻيان ٿو. جيڪڏهن اوهان کي ڪامياب ليکڪ ٿيڻو آهي ته مون کان پڇو ته ڪامياب ليکڪ ٿيڻ لاءِ ڇا ڪجهه ڪرڻ گهرجي، ڇا ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي. برنارڊ شا پنهنجين لکڻين اڳيان ڊگهيون تهميدون ڏيندو هو، سو مون هڪڙو ڪتاب لکي ڇپايو، جنهن جو نالو هو مسز شا وارو ڪيس اهو ڪتاب بنهه وڏي مشڪري هو، ڪجهه پروف جي غلطين ڪري اهو ڪتاب منهنجي ارواح تان لهي ويو. پڙهندڙن کي عرض آهي ته جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن وٽ ان ڪتاب جي ڪاپي هجي ته مهرباني ڪري اها مون کي ڏئي ته مان ڪاوش ۾ ڇپايان.

غلام رسول ٽالپر اصل بدين جو، پر رهندڙ قاسم آباد جو، منهنجو دوست آهي. هن مون کي ٻڌايو ته ڪا پيتي ڦلوريندي هن کي منهنجو لکيل ڪو ليک هٿ اچي ويو، جيڪو ڪنهن اخبار مان ڪاٽيل هو. انهيءَ ليک ۾ مون سنڌي اکرن بابت لکيو هو ته ڪيئن ٺاهيا ويا آهن ۽ ڪيئن ٺاهڻ گهرجن. ٽالپر صاحب چيو ته اهو ليک ڳولهي مون کي ڏيندو. هاڻي ٽالپر صاحب ڏاڏو به ٿي ويو آهي پر اها اخباري ڪٽنگ مون کي اڃا نه ملي آهي.

ڪنهن زماني ۾ ڪاوش اخبار جي آفيس ۾ آئيڊيا هليو هو ته ڪاوش ۾ ڇپيل منهنجي مضمونن جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ ڇاپيو وڃي، انهن مضمونن جي چونڊ به مان پاڻ ڪريان. پر ان زماني ۾ منهنجو ذهن هڪ جاءِ نه هو، جو منهنجا گهڻيئي ليک ڪنٽروورشل سمجهيا ويندا هئا. هاڻي مان محسوس ٿو ڪريان ته جيڪڏهن قاضي صاحب چاهي ته اهڙو مجموعو ممڪن ٿي سگهي ٿو. انگريزي ۾ لکيل منهنجي هڪڙي لکت آهي، جنهن جو نالو آهي، ناڪ، ناڪ، ناڪ معنيٰ در تي کڙڪو. اها لکت منهنجي ڪتاب سيڊس ۾ ڇپيل آهي، پر آهي ٽپيڪل سنڌي ماحول واري. مشڪل اها آهي ته سيڊس جي ڪاپي به مون وٽ ناهي، ڪاپي هٿ ڪري ان لکت جو ترجمو هنن ڪالمن ۾ هلائيندس، فقط هڪڙو ڊگهو ڪالم ٿيندو.

ٻي هڪڙي لکت آهي، جنهن جو نالو آهي، ڪِلڪا ڪِلڪِ ترجمي لائق آهي، هوريان هوريان منهنجي کوپڙيءَ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، مون پنهنجو هڪڙو فرسٽ ڪلاس ڊرامو ٽي وي لاءِ سجاد شيخ هٿان عبدالڪريم بلوچ صاحب جي فرزند کي پهچايو هو، اهو ٽي وي پلي دفن ٿيل آهي ۽ سجاد شيخ ڪشمور ۾ بزي ٿي ويو آهي. مون جا به پنهنجي لکت ڪنهن ٻئي کي ڏني، سا رلي وئي، هي ليک جيڪڏهن سجاد پڙهي ته قصو سمجهي ويندو، مون وٽ نقل ناهي. رات بدر سميجو آيو هو. هو ڪراچي کان پني عاقل پئي ويو ۽ رات  ڀائيٽي وٽ ٽڪيل هو. مون کي اهو سڄو وقت ياد ڏياريو ويو، جڏهن هن ايم اي انگريزي جو امتحان پئي ڏنو ۽ پنهنجا ڪتاب پڙهڻ بدران منهنجي انگريزيءَ جي لٻاڙ ٻڌندو هو، بدر اي ڪلاس تنقيد نگار آهي، پر لکي نٿو، انگريزي تي فرسٽ  ڪلاس مهارت اٿس. سندس فيورٽ ليکڪ آسڪر وائيلڊ آهي، جيڪو منهنجو به فيورٽ آهي. اهي ڳالهيون مان اجايو نه پيو ڪريان، آخر ڪجهه ته لکي ڪالم جو پيٽ ڀرڻو آهي.

شيطان جو ڏوهه فقط ايترو هو ته هن الله تعاليٰ جي حڪم کان بغاوت ڪري انسان کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ مان ڇا آهيان؟ مان به ته هر ڪنهن انسان کي نه، نهين ۽ نو چوندو آيو آهيان، مان به ته هر ڪنهن ماڻهوءَ اڳيان اڪڙجي ۽ ڦونڊجي ويندو رهيو آهيان. شيطان کي الله تعاليٰ آسمان تان لاهي ڇڏيو ۽ مان ماڻهن جي نظرن ۾ ڪريو آهيان. اوهان ڏاها ٿيو ۽ پنهنجي زبان تي سنڌي واري نه، اردو واري نهين ۽ انگريزي وارو نو ڪڏهن به نه آڻجو. انڪار ڪرڻ ۽ اهو به هٺ ۽ وڏي آڪڙ ۽ بيحائيءَ سان، وڏو نقصانڪار آهي. ڪنهن به ڳالهه تي انڪار ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيو ۽ پوءِ هيڻي آواز ۾ ئي سهي، هائو ڪري ڇڏيندا ڪريو. مون کي منهنجو نئين سر گذارڻ گذارڻ ڏيو ته مان اوهان کي ڏيکاريان ته ڪامياب زندگي ڇا کي چئبو آهي. شيطان جي آسمان تان ڪرڻ واري ڳالهه ۾ منهنجي ۽ مون جهڙن هزارن ماڻهن جي ڪهاڻي لڪل آهي. في الحال مان پنهنجي دل فلم پڙوسن ۾ آغا جي چيل  انهن لفظن سان وندرائيندو آهيان ته:

جب جب، جو جو هونا هئي،

تب تب، سو سو هوتا هئي!